نئين قانوني ڍانچي وڪيل برادريءَ کي خدشن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اهي پريشان آهن ته ڇا هي جنرل مشرف جي دور جو ورجاءُ ڪيو پيو وڃي؟ ان ڪري ته جنرل مشرف به پنهنجي دور پاڻ آرمي چيف به هو ته صدر به هو، ان ڪري جو 58 ٽو بي به ان وٽ هو ۽ ايوان ۽ اسيمبليون به ان جي قبضي ۾ هيون، هن جيئن چاهيو تيئن پئي ڪيو. هن جي اٽڪل بازيءَ ۾ اها به شيءِ هئي ته ڪنهن طرح ججن کي قبضي ۾ وٺجي ۽ پوءِ جڏهن قانون قبضي ۾ اچي ويو ته سڀ سڻايون ٿي وينديون ۽ رياست تي ڪنٽرول بهتر ڪري سگهجي ٿو، پر ججن جي ضابطي واري خيال هن جي حڪومتي عمر اڃان به گهٽائي ڇڏي. هن وقت شهباز سرڪار به ساڳي ڳالھ رٿي آهي ته آئين جي آرٽيڪل 184 (A) ۾ ڦيرڦار ڪجي ته جيئن ايف سي سي (Federal Constitutional Court) کي آئين جي تشريح ڪرڻ جو اختيار ملي وڃي ۽ پارليامينٽ طرفان منظور ڪيل ڪنهن به قانون جي خلاف اپيلون ٻڌي سگهجن. ايوان ۽ اسيمبليون عدالتن کان مٿانهيون هجن. اهڙي طرح تجويز ڪيل آرٽيڪل 184 (A) (2) تحت هاءِ ڪورٽ جي فيصلن خلاف اپيلون پڻ FCC پاران ٻڌيون وينديون، پر آئين ۾ اهڙي ڦيرڦار هڪ ڊڪٽيٽر جي ياد ٿي ڏياري، جنهن ادارن جي بنيادي ۽ جمهوري حقن جي حق تلفي ڪئي هئي ۽ ملڪ ۾ جمهوري بحران سان گڏ هڪ آئيني بحران به ڪَرُ کنيو هو، جنهن ۾ ڪنهن طرح اندروني دٻاءُ ڪم ڏيکاريو، ججن ۽ وڪيلن جي قربانين ڪم ڪري ڏيکاريو ۽ ڊڪٽيٽر پنهنجي هوڏ تان لٿو.