بلاگنئون

شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي خاندان کي انصاف ڪڏهن ملندو؟

سنڌ جي ڌرتي وڏي خوش نصيب آهي جو انهي ۾ اڻ مڻيا هيرا موتي سوڀيا سان ڀرپور ڪردار جنم وٺندا رهيا آهن. سنڌ جي سونهن ڀري خوبصورت ڌرتي جنهن ۾ هڪ کان هڪ انمول هيرا جنم وٺندا رهيا آهن. سنڌ جي ذرخيز سر زمين جي مٽيءَ ۾ اها خوشبوءِ سمايل آهي جنهن جي هڳاءُ ۾ هڪ غيرتمند جذبي جي عڪاسيءَ وارو پنهنجي وطن پنهنجي ڌرتيءَ سان نينهن نڀائڻ جو وچن ورجايو وڃي ٿو. سنڌ جي ماتر ڀومي لاڙڪاڻي جي چيڪي مٽيءَ ۾ جنم وٺندڙ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي گهر ۾ 18 سيپٽمبر 1954ع تي مير مرتضيٰ ڀٽو جو جنم ٿيو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو پنهنجي والد وانگر عوام دوستي جو جذبو انتها درجي جو هوندو هو. هو پنهنجي والد جي اقتدار دوران ڪجهه وقت گڏ رهيو نه ته ضياءُ آمريتي دور ۾ انهيءَ کي جلاوطني ۾ وقت گذارڻو پيو. هن شام، دمشق، لبنان ۽ ٻين ملڪن ۾ پنهنجي جلاوطني جا ڏهاڙا گهاريا ۽ انهيءَ نيٺ پنهنجي مٽيءَ جي خوشبوءِ ڪشش ۽ هڳاءُ جي لڳاءُ ۾ رهندي جنم ڀومي سنڌ لاڙڪاڻي ۾ واپس اچي پنهنجي اباڻي گهر “المرتضيٰ هائوس” جون رونقون بحال ڪيون ۽ انهيءَ لاڙڪاڻي شهر جي سيٽ تان ڪاميابي ماڻي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو ۽ هن مانجهي مڙس شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جيڪو هڪ قدآور شخصيت جو مالڪ هو، جنهن جو لاڙڪاڻي ،پر پوري سنڌ پاڪستان جي عوام دوستي جو رنگ ڍنگ انداز هڪ منفرد ۽ نرالو هو. شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي جلاوطني بعد پنهنجي ملڪ اچڻ سان هو اڪثر پنهنجي شهر لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير ٿيندي پنهنجي اباڻي گهر “المرتضيٰ هائوس” ۾ رهڻ لڳو جنهن کانپوءِ المرتضيٰ هائوس سميت پوري لاڙڪاڻي شهر جون رونقون وڌڻ لڳيون ۽ سنڌ، پاڪستان جا سياسي معتبر حلقا توڙي انٽرنيشنل ميڊيا المرتضيٰ هائوس جي طرف تيزي سان وک وڌائڻ لڳيون ته ڪي نا سمجهه بي عقل ۽ عوام دشمن مافيائن جي اک جو ڪنڊو مير مرتضيٰ ڀٽو بڻجڻ لڳو. نااهل سماج دشمن عناصرن ۽ مافيائن جي ور چڙهيل ماڻهن بهادر عوام دوست ۽ بيباڪ اڳواڻ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي سياسي بصيرت، سياسي پلاننگ، سياسي تربيت ۽ سياسي سوچ لوچ کي ڏسي ڪانئر ۽ بزدل قسم جي ماڻهن رات جي انڌيري ۾ انهيءَ سياسي گهراڻي جي اعليٰ قسم جي قدآور شخصيت جي مٿان 20 سيپٽمبر 1996ع تي سنڌ جي گاديءَ واري شهر 70 ڪلفٽن ۾ سندس گهر آڏو گولين جي رائونڊن جا رائونڊ کوليندي ڳڀرو جوان مانجهي مڙس مٿير شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي رت ۾ ڳاڙهو ڪيو، جنهن المناڪ ڏکائيندڙ خبر تي سندس والده بيگم نصرت ڀٽو جيڪا انهيءَ وقت قومي اسيمبلي جي ميمبر هئي ۽ ڀيڻ محترمه بينظير ڀٽو انهيءَ وقت ملڪ پاڪستان جي وزيراعظم هئي، انهن کي جڏهن اهڙي ڏکائيندڙ غم جي خبر ٻڌائي وئي ته انهن ٻنهي جا دماغ چڪرائجي ويا ۽ انهن کي ايتري قدر جو جتي به پيرن ۾ پائڻ جي خبر نه پئي ۽ پيرين پنڌ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي لاءِ روئينديون رڙيون ڪنديون نڪري پيون ته اسان جي ڪونڌر پٽ ڪونڌر ڀاءُ کي ڪنهن خون ۾ وهنجاريو آهي؟، اها خبر نه رڳو انهن ٻنهي لاءِ پر اها ڏکائيندڙ ڪنهن هڪ وڏي سانحي کان گهٽ نه هجڻ واري خبر پوري سنڌ کي شديد غم ۽ غصي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو. جڏهن شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ننڍڙي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ۽ فاطمه ڀٽو توڙي شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي گهر واري ميڊم غنويٰ ڀٽو کي اها خبر ملي ته ڄڻ انهن مٿان ڪا قيامت ڪري پئي هجي. آهه و زاري جا منظر سنڌ مٿان ڪڙڪي پيا هجن، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي وڏي خوبي اها هئي ته هو پنهنجي پيءُ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وانگر تمام گهڻو بهادر سنڌ جو ارڏو پٽ هو. هو غاصبن، غدارن، لٽيرن، قوم جي دشمنن، پيٽ وڏن وڏيرن، ڀوتارن، ڪرپٽ مافيائن کي هميشه وڏي واڪي بهادرانه انداز ۾ للڪاريندو ۽ گجندو رهندو هو، هن جي ڪوڪ للڪار ۽ پڙاڏو بزدلانه سوچ جو موت هو، جنهن ڪري هو روايتي سياست ڪرڻ بجاءِ عملي سياست ۾ يقين رکندو هو ۽ امر ڪردار بڻجندي ڪانئر قسم جي ڊنل سياسي رانديگرن ڊرامي بازن کي مات ڏيندي پاڻ هميشه لاءِ امر بڻجندي سنڌ کان 20 سيپٽمبر 1996ع تي جدا ٿي ويو، پر سندس پيروڪار جانثار سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ نگر نگر ۾ اڄ به وڏي تعداد ۾ موجود آهن. ڇاڪاڻ ته سچ، حق سونهن ۽ سرهاڻ کي مات نٿي اچي سگهي. هو سدائين امر آهن انهن جي سوچ لوچ سياسي ڪردار قومن جي هڪ مثالي ڪردار بڻجي وڃي ٿو. شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو شهادت وقت ڄڻ ته چئي ڏنو هجي ته “مين سمجهتا هي نهين تجهي اپنا مد مقابل، تو فضول مين ميرا دشمن بنا پهرتا هي”. قاتل جي هٿ ۾ لرزش آ، خنجر به سنڀالي ڪير ڀلا. اهڙي طرح مير مرتضيٰ ڀٽو شهيد جا قاتل رهزن بزدل پنهنجي موت پاڻ منطقي انجام ڏانهن ايندا رهيا آهن ۽ انهن وحشي پڻي جي بدبودار مافيائن جو موت به هڪ سفاڪ قسم جي وحشي درندي جيان ٿيڻ پيو وڃي ۽ قدرت جا قانون اٽل هجن ٿا. جڏهن ته شهيد جي رت جي ڦڙي ڦڙي جو حساب ٿيندو. جنت جي سردار حضرت سيدنا مولا حسين رضي الله تعاليٰ عنه فرمايو آهي ته “ظالمن سان گڏ رهڻ بذات خود هڪ وڏو ڏوهه آهي” جهڙي طرح ڪامريڊ چي گويرا چيو ته “ظلم ايترو برو ناهي جيتري اوهان جي خاموشي جيڪڏهن اڄ ڳالهائڻ نه سکيو ته اوهان جا ايندڙ نسل به گونگا پيدا ٿيندا” غلط کي غلط کلي ڪري چئو ڇاڪاڻ ته تاريخ هميشه ٽڪرائيندڙ وارن جي لکي ويندي آهي، ترا چٽڻ وارن جي نه لکي ويندي آهي” تاريخ جو تسلسل هميشه اهي ئي ٿيندا آهن جن ۾ جرئت بهادري نيڪ نيتي همت حوصلو ۽ ارڏائپ هوندي آهي. ٽيپو سلطان تڏهن ته چيو ته؛ گدڙ جي سئو سالا زندگيءَ کان شينهن جي هڪ ڏينهن جي زندگي بهتر آهي. شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو به عاليشان بادشاهي گهراڻي جو نازڪ ۽ نرالو فرد هو جنهن جو پوري دنيا جي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي سگهي. هو بهادر جرئت مند بيباڪ عوام جي ڏکن، دردن جو اهڙو درمان ۽ مرهم هو جنهن جو مثال ڪٿي نٿو ملي. هن توڙي جو سڄي زندگي جلاوطني ۾ گذاري، پر انهيءَ هوندي به پنهنجي ڌرتيءَ ماتر ڀومي سنڌ سان نينهن نڀائڻ جو انداز وساري نٿو سگهجي. مڙس ماڻهو اهڙو جو ڪانئر بزدل نالي وٺڻ سان خوفزده بڻجي ويندا هئا.

ائين کڻي چئجي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو پٽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو به اڻ مٽ اعليٰ پائي جي شخصيت هو. حالتن پٽاندڙ فيصلا جيڪڏھن هاڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ به تاريخ ۾ هڪ مظلوم گهراڻي ڀٽو خاندان کي انصاف ڏياري ته جيڪر منصف جو ڪمال درجي جو انصاف پسندي تي ٻڌل فيصلو لکيو ويندو، جيڪو صدين تائين لکيو ۽ ڳايو ويندو، انهي انصاف تي مبني فيصلي سان نه صرف سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن کي دلي خوشي ۽ مسرت ٿيندي، پر ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙن کي شاندار خوشخبري ملڻ لڳندي. “مجهه پر تحقيق ميري بعد ڪريگي دنيا، مجھ ڪو سمجهين گي ميري بعد زماني والي” شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو به ائين هو جو انھي پويان غدار جابر ملڪ جا ويري ٽان ٽان ڪندا رهيا. ائين کڻي چئجي ته: سچا ماڻهو ان فقير وانگر هوندو آهي جنهن کي روزانو ڪيترن ئي ڪتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. ملڪ جو عوام سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي عزت ماب جسٽس صاحبان کان مطالبو ٿو ڪري ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو جوان مرد ڳڀرو رت ۾ ٻڏل تڙپندڙ لاش انصاف ٿو گهري. اميد آهي ته انصاف تي مبني فيصلو ڪري ملڪ جي عوام سميت ڀٽو خاندان کي انصاف ڏنو ويندو. شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي شاندار مڙس ماڻهو واري عوامي شخصيت کي 28 سال گذرڻ باوجود اڄ به سنڌ جو شعوري عوام شدت سان ياد ڪري ٿو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي رت خون مان پيدا ٿيل شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جا چاهيندڙ سنڌ جي وستي واهڻ نگر نگر ۾ بي انداز انهيءَ ڪري وڏي تعداد ۾ موجود آهن جو هو پنهنجي عظيم والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جيان بهادر سچو کرو ۽ نيڪ نيت مخلص جذبي سان سرشار شخصيت جو مالڪ هو.

ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج،

ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي.

(شاهه لطيف)