ننڍي کنڊ جو، وڏو رومانٽڪ اديب ۽ شاعر: گلزار سنگهه
حصو پهريون
سرمد غني
سمپورن سنگهه ڪالرا، جيڪو گلزار سنگهه جي نالي سان وڌيڪ سڃاتو وڃي ٿو. 18 آگسٽ 1934ع ۾ پنجاب جي هڪ ضلعي، جهلم جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ “دينه” ۾ هڪ ڪالرا سک فيمليءَ ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ جو نالو ماڪن سنگهه ۽ ماءُ جو نالو سجن ڪور هو. اسڪول وارن ڏينهن ۾ هن ٽيگور جو ترجمو ٿيل لٽريچر پڙهيو، جنهن کي هو پنهنجي زندگيءَ جي اَهم موڙن مان هڪ موڙ تصور ڪندو آهي.
ورهاڱي جي ڪري، هن جي فيملي ڄڻ ورهائجي ويئي هئي ۽ هو پنهنجي تعليم کي اڌ ۾ ڇڏي، ممبئي آيو، (جيڪو ان وقت بَمبي جي نالي سان سڃاتو ويندو هو) ته جيئن پنهنجي فيمليءَ کي سپورٽ ڪري سگهي. گلزار زندگي گذارڻ لاءِ، کوڙ ننڍيون ننڍيون نوڪريون پڻ ڪيون، ان دوران بيليسس روڊ ممبئي تي هن هڪ گيراج ۾ به نوڪري ڪئي، جتي هو ايڪسيڊنٽ ٿيل گاڏين کي پينٽ ڪندو هو. گلزار چواڻي موجب، ”مون کي رنگن لاءِ قدرتي مهارت رهي آهي.“ I have a Knack for colours
هڪ اديب هجڻ جي صورت ۾، شروع ۾ هن جو پيءُ هن کي گهٽ وڌ پيو ڳالهائيندو هو، انهن ڏينهن ۾ هن پنهنجو تخلص “گلزار دينوي” رکيو هو، بعد ۾ رڳو گلزار جي نالي سان سڏائڻ پسند ڪيائين. جيئن ته گلزار، جهلم جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ “دينه” ۾ ڄائو هو. جنهن به دينه کي سمجهيو اُن ڄڻ گلزار کي سمجهيو ۽ محسوس ڪيو. دينه هن جو آغاز آ، هن جو ماضي آ، هن جو ضمير آ، هن جو مذهب آ، هن جو اصل گهر آ…!!
گلزار هڪ هنڌ لکي ٿو: “حال ان وقت تائين مڪمل نٿو ٿئي، جيستائين ماضيءَ جو ان ۾ عڪس نه اچي.”
وري گلزار هڪ هنڌ هينئن ٿو چوي:
جاني ڪيا سوچ ڪر نهين گذرا،
ايڪ پل رات ڀر نهين گذرا.
اُهو پل، اُهو لمحو سڄي رات نه، پرائين لڳندو آ، ڄڻ سڄي زندگي نه گذرندو آ…! ڄڻ ويس مَٽائي ڇڏيندو آ، چهرو بدلائي ڇڏيندو آ، ماضي پنهنجو نالو مٽائي ڇڏيندو آ، ڪڏهن حال رکي ڇڏيندو آ ته ڪڏهن مستقبل، هوندو اُهو ئي هڪ لمحو آ، جنهن لاءِ وري گلزار هينئن ٿو چئي:
ايڪ ڇوٽا سا لمحا هي جو ختم نهين هوتا،
مين لاک جلاتا هون يي ڀسم نهين هوتا.
سچ ته اهو آهي ته دينه گلزار جي سڄي زندگيءَ تي حاوي آ، دينه نه رڳو هن کي سوچ ڏي ٿو، پر سوچ ۽ فڪر کي هڪ شڪل ڏيڻ جي لاءِ علامتون، استعارا، تشبيهون ۽ ڳالهائڻ جو ڍنگ به ڏي ٿو.
پاڪستان جو مشهور اديب اشفاق احمد لکي ٿو:
“گلزار پنهنجي ننڍپڻ جي شروعاتي ڏينهن کان جهلم ۽ دينه جي علائقن جي نشيب و فراز مان اهڙن منظرن جو نظارو ڪيو آهي، جيڪي هن جي زندگيءَ جي ڊگهن لاهن چاڙهن ۾ هن جي روح جو حصو بڻجي ويا آهن. اِهو ئي سبب آهي جو گلزار پنهنجين ڪهاڻين جي ڪردارن ۽ واقعن کي بلندين کان به سڃاڻندو آ، سامهون کان به ۽ پستيءَ جي گهرائين کان به، هن کان انساني ڪردار جو ڪوبه حصو پوشيده ناهي، ڪوبه ارادو لِڪَل ناهي ۽ ڪوبه پلان بچيل ناهي.” اشفاق احمد وڌيڪ لکي ٿو: “گلزار صاحب جي روحاني ۽ آتمائي پروگرامنگ جو ذميوار دينه آهي.”
گلزار چوي ٿو: “مان اڄ به دينه ۾ ٿو رهان!” وڌيڪ چوي ٿو: “ماضيءَ کي ڏسڻ ۽ ڇهڻ جي خواهش عام ماڻهوءَ ۾ هوندي آهي.” گلزار جي ماضيءَ کي ڇهڻ جي خواهش هڪ عام ماڻهوءَ جي نسبت، تمام گهڻي آهي. ڪڏهن هو پنهنجي ماضيءَ کي فلم “ماچس” جي هن گيت جي ذريعي ڇُهندو ۽ محسوس ڪندو آهي:
ڇوڙ آئي هم وه گليان!
جهان تيري پيرون ڪي ڪنول گرا ڪرتي ٿي،
هنسي تو دو گالون ۾ ڀنور پڙا ڪرتي ٿي،
تيري ڪمر کي بل پر، ندي مڙا ڪرتي ٿي،
هنسي تيري سن سن ڪر فصل پڪا ڪرتي ٿي.
ڇوڙ آئي هم وه گليان!
جيسان تيري ايڙي سي ڌوپ اڙا ڪرتي ٿي،
سنا هي اس چوکٽ پر، اب شام رها ڪرتي هي.
لٽون سي الجهي لپٽي اڪ رات هوا ڪرتي ٿي،
ڪڀي ڪڀي تڪيي پر، وه ڀي ملا ڪرتي ٿي.
ڇوڙ آئي هم وه گليان…!!
جنهن دينه ۾ گلزار جو جنم ٿيو، ان جنم ڏينهن جي حوالي سان، گلزار جو هي نظم ڄڻ ماضيءَ جي سراسيمگين “Nostalgia” ۾ وٺي وڃي ٿو:
ڀنور سي گهومتي هي يي زمين، روڪو
اتر ڪي پوڇ لون آخر،
مجهي جانه ڪهان هي!؟
اسي اسٽيشن پر لي آتي هي يي هر سال مجهڪو،
اور رڪتي ڀي نهين هي،
جهان پر جنم کي تاريخ لکي هي!!
ڀنور ڪي دائري، گر ڦيل رهي هين تو ڦر،
ساحل ڪهان هوگا!؟
سمٽتا جا رها هي دائره،
تو عمر ڪا مرڪز ڪهان پر هي!!؟
گهڻا ماڻهو، گلزار کي مسلمان سمجهندا آهن، هو مسلمان ته ناهي، پر مذهبي حوالي کان هڪ سِکُ مذهب جو آهي، پر جنهن به گلزار کي صحيح معنيٰ ۾ پرکيو آهي، اُهي ائين سمجهندا آهن ته گلزار صاحب پيدائشي طور تي سک آهي، پر نه ته هو سک آهي، نه ئي هندو يا مسلمان يا عيسائي يا کڻي ائين چئجي ته هو ساڳئي وقت مسلمان، عيسائي ۽ ٻُڌ ڌرم مڃڻ وارو رهيو آهي، جنهن کي جهنگلي وَلون به ڄڻ، قرآن جون آيتون محسوس ٿينديون هجن ۽ گِرجي جي خاموشي به هن لاءِ ڄڻ، تسڪين جو سبب هجي. ان حوالي سان گلزار هڪ هنڌ لکي ٿو:
It happens all the time. They
are surprised when they discover
I am not a muslaim. My brother
and I are indeed culturally muslim.
“Aadaab” or Inshaallah comes
naturally to us. We make no
special effort. I am grateful
to my father that he raised us
in such a broad minded way.
گلزار ۽ دينه هڪ ئي تصوير جا ٻه رُخ آهن. ان جي باوجود جڏهن هو پهريون دفعو پاڪستان آيو هو ته ڳوٺ دينه نه وڃي ڪري، ڄڻ سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو هئائين، اهو ئي سوال جڏهن گلزار کان پڇيو ويو ته هَن چيو:
“جنهن سان شدت سان محبت هجي، ان کان ڄڻ ڀئو نه ٿيندو آ !!؟ تمام گهڻو ڀئو ٿيندو آهي ۽ هر وقت رانڀاٽ ڪري روئڻ تي دل چاهيندي آهي. اُهي تمام اميجز(Images) جيڪي دينه جا مون وٽ آهن، مان انهن کي واش آئوٽ نٿو ڪرڻ چاهيان. منهنجي ذهن ۾ جيڪو دينه آهي، اُهو ڊاهڻ نٿو چاهيان، ڪنهن به صورت ۾.!!” پر گلزار جڏهن ٻئي دفعي پاڪستان آيو ته دوست هن کي دينه وٺي آيا، دينه ڏسي هن، پنهنجي ننڍپڻ جي يادن جي شڪلين کي مَرندي ڏٺو ته اکين ۾ نمي کڻي اُتان واپس ٿيو…! پر هو اتان ويو ڪٿي هو!!؟
دينه ته گلزار جي هر تحرير ۽ فلم ۾ ساهه پيو کڻي، جيڪڏهن توهان هن جي تحريرن ۽ فلم جي منظرن کي گڏ ڪيو ته اکين ۾ دينه سامهون اچي ويندو. گلزار جي دينه سان محبت فلم اجازت جي هن ڊائلاگ مان به جهلڪندي محسوس ٿيندي. جنهن ۾ اداڪاره ريکا، نصيرالدين شاهه کي چئي ٿي:
“مهندر سانسين بهت ڇوٽي ڇوٽي هو رهي هين، سَوَيون ڪي طرح ايڪ لمبي سي سانس اڌار دي دو پليز….! دينه سي موهن جو دڙو تڪ.”
گلزار صاحب کي پاڪ ڀارت تعلقاتن جي حوالي سان به ڏاڍو جذباتي لڳاءُ رهيو آهي جنهن جو اظهار هن مختلف وَقتن ۾ پنهنجي نظمن ۽ گيتن ۾ ڪيو آهي. ان حوالي سان گلزار صاحب هي نظم پاڪ ڀارت تعلقات سان منسوب ڪئي هئي. جيڪا اصل ۾ واهگا بارڊر جي حوالي سان لکيل آهي، بعد ۾ هن جي نظم آندهي فلم جو حصو به ٿي هئي:
اس موڙ سي جاتي هين،
ڪڇ سست قدم رستي،
ڪڇ تيز قدم راهين
پٿر ڪي حويلي ڪو،
شيشون ڪي گهر وندون مين،
تنڪون ڪي نشيمن تڪ،
اس موڙ سي جاتي هين.!!
آنڌي ڪي طرح اڙڪر، اڪ راهه گذرتي هي،
شرماتي هوئي ڪوئي، قدمون سي اترتي هي،
ان ريشمي راهون مين، اڪ راهه تو وه هوگئي،
تم تڪ جو پهنچتي هي، اس موڙ سي جاتي هين…!!
اڪ دور سي آتي هي، پاس آڪي پلٽتي هي،
اڪ راهه اڪيلي سي، رڪتي هي نه چلتي هي.
يي سوچ ڪر بيٺي هون، اڪ راهه تو وه هوگي،
تم تڪ جو پهنچتي هي، اس موڙ سي جاتي هين…!!
گلزار جي والد ٽي شاديون ڪيون، جڏهن ته گلزار سندس ٻي زال مان هو. گلزار هڪ سال جو هو ته سندس ماءُ سبحان ڪَور فوت ٿي وئي هئي. گلزار جو خاندان ورهاڱي کانپوءِ هجرت ڪري پراڻي دهليءَ جي سبزي منڊي واري علائقي ۾ جتي گهڻي ڀاڱي مسلمان آباد هئا جي علائقي بستي پنجابيان ۾ رهائش اختيار ڪيائين. ان وقت هن جي عمر 11 سال هئي. ڪجهه وقت کانپوءِ گلزار جي والد حالتن جي نزاڪت کي سمجهندي پنهنجي تمام وڏي خاندان کي مختلف حصن ۾ ورهائيندي، گلزار کي پنهنجي وڏي ڀاءُ جسمير سنگهه وٽ ممبئي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو. جسمير سنگهه 1946ع کان ممبئي ۾ رهندڙ هو، جيڪو اُتي هڪ پيٽرول پمپ ۽ گاڏين جي حوالي سان پينٽ شاپ جو مالڪ هو.
ممبئي وڃڻ لاءِ ٽرين ۾ ويهارڻ وقت سندس والد گلزار صاحب کي هدايت ڪئي ته “رستي ۾ ٽرين مان نه لهجان، متان ڪٿي پليٽ فارم تي غزلون ٻڌائڻ نه ويهي رهين ۽ ٽرين ڇٽي وڃي” سندس باقي خاندان دهليءَ ۾ ئي رهائش پذير رهيو جو اِهي ورهاڱي جي ڪري دينه (جهلم) ۾ پنهنجي حويلي وڃائي چُڪا هئا. گلزار ممبئي ۾ خالصه ڪاليج ۾ داخلا ورتي. خالصه ڪاليج ۾ سال گذارڻ کانپوءِ انٽرميڊئيٽ لاءِ نيشنل ڪاليج شفٽ ٿي ويو، جتي هن کي اردو ادب جو مطالعو ڪرڻ جو موقعو مليو. گلزار جي ڀاڄائيءَ جي بقول هن ۾ تاجرانه صلاحتيون نه هيون، جنهنڪري ئي هن جو ڀاءُ ۽ والد هن کي نڪمو ۽ اڻپڙهيل چوندا هئا.
گلزار صاحب چئي ٿو: “منهنجو رتبو پهرين ئي ڇنيو ويو هو، جڏهن گهروارن هينئن چيو: “بزنس فيمليءَ ۾ هي ميراثي ڪٿان اچي ويو.” ……(هلندڙ)…..