پاڪستان جهڙي خطي ۾ جتي فيشن ڊزائننگ ۾ تهذيب ۽ ثقافت جو جيڪو معيار مقرر آهي ان ۾ انزل خواجه جدت پيدا ڪرڻ ۽ مختلف ثقافتن کي يڪجا ڪري هڪ نئين انداز سان پيش ڪرڻ جي لاءِ پاڻ مڃايو آهي. ان جي تخليق ڪيل هر ڊزائين پنهنجي پاڻ ۾ هڪ نئون نمونو آهي، جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته ڪيئن مختلف دور ۽ جاگرافي تبديلين جي ڪري تاريخ ۽ تمدن ۾ ڪيتريون تبديليون ٿي چڪيون آهن. انزل خواجه جو ڪم يا ان جا ڊزائين ڪيل ڪپڙا نه صرف آرٽسٽڪ نمونو آهي بلڪه سنڌ جي ثقافت جي نمائندگي ڪن ٿا. هرهڪ ڊزائين ڪيل ڪپڙو هڪ ڪينواس جي طور ڏٺو ٿو وڃي جيڪو سنڌ جي ورثي ۽ عالمي معيارن کي پاڻ ۾ جوڙي رکن ٿا ۽ ڏسندڙن کي ثقافت جي سچائيءَ تي هڪ دفعو ٻيهر سوچڻ تي مجبور ٿو ڪري.
انزل خواجه پاڻمرادو ان ڪم کي اڳيان آندو آهي ته جيڪي ثقافتي نوادرات يا نمونا ماضيءَ جو حصو آهن، ان جو مطلب اهو ناهي ته اهي ماضيءَ ۾ ئي رهڻ گهرجن بلڪه هوءَ ان کي ايئن ٿي ڏسي ته جيئن اڄڪلهه جي دور جا زنده ۽ تجديد ٿيل نوادرات ۽ نمونا آهن. انزل خواجه جا ڊزائين ماضيءَ ۾ ٿيل جنگ و جدل هجرتون ۽ جاگرافي تبديلن جي ڪري مختلف ثقافتن جي پاڻ ۾ ٽڪراءُ ۽ مڪس ٿيڻ جي نمائندگي ڪن ٿا. انزل جي ڪم ۾ اهو واضح تاثر ملي ٿو ته هوءَ نه صرف پراڻي ثقافت جي نمائندگي ڪري ٿي، پر ساڳئي وقت ۾ انهن تهذيبن کي جديد انداز ۾ پيش ڪري ان جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿي. اهوئي سبب آهي جو هن جو ڪم کيس ٻين ڊزائينر کان منفرد ۽ نمايان ڪري ٿو. انزل خواجه جي ڪم ۾ اهو تاثر هرگز نٿو اچي ته هوءَ ڪنهن ڪلچر جي شان ۾ ڪا گهٽتائي پئي ڪري بلڪه نقادن جي بحث جو موضوع بڻجي ٿي. انزل جي ڪم جي سمجهاڻي اها به آهي ته ثقافتون ۽ ان جون جڙون ڀلي ڪٿان جون هجن، پر انهن جو پاڻ ۾ ميلاپ ڪرائي هڪ جديد انداز ۾ هر دور ۾ زنده رکي سگهجي ٿو.
ڊزائينر اهو واضح پيغام ڏئي ٿي ته ثقافت ۽ تهذيب جي ڪا سرحد يا بائونڊري مقرر نه آهي جتي مخلتف ثقافتون جتي هڪ قوم يا قبيلي جي لاءِ مخصوص ڪونهن، پر هر قوم جا ماڻهو به قوم جي ڪلچر روايتن ۽ ثقافتن کي سمجهن ۽ ساراهي سگهن ٿا. انزل جي ڪم مان اهو اظهار ٿئي ٿو ته تهذيب ۽ ثقافت ڪا ديوار يا سرحد نه آهي جنهن جي حفاظت ڪئي وئي، بلڪه هي اهي لمحا آهن جن کي تجسس ۽ همدردي سان عبور ڪيو وڃي.
انزل خواجه پنهنجي سوچ ۽ فلسفو لفظن ۾ بيان ڪرڻ بجاءِ پنهنجي تخلقيق ڪيل ڊزائين ۽ ڪپڙن سان اهو مثال قائم ڪري ڏيکاريو ته ڪيئن مختلف رنگن جو مختلف ميلاپ ڪري دنيا کي ڏيکاري سگهجي ٿو. هڪ اهڙو دور جنهن ۾ ڪا ثقافتي ورڇ ٿيندي رهي آهي. انزل خواجه جا ڊزائين تازي هوا جو جهوٽي جيان تمام باريڪي وارو نقطهءِ نظر پيش ڪن ٿا ۽ ثقافتي حدن جي باري ۾ اسان جي مائينڊ سيٽ کي چئلينج ڪندي حساسيت جو اظهار ڪن ٿا.