بلاگنئون

پاڪستان ۾ ذهني مريضن جي واڌ ۽ ان جا مکيه سبب

پاڪستان ۾ ذهني صحت هڪ سنگين بحران بڻجي چڪي آهي ۽ مريضن جو تعداد تيزي سان وڌي رهيو آهي. عالمي صحت تنظيم (ڊبليو ايڇ او) جي مطابق، پاڪستان جي آبادي جو هڪ وڏو حصو، جنهن جو اندازو 20 کان 35 سيڪڙو تائين آهي، ڪنهن نه ڪنهن قسم جي ذهني صحت جي مسئلي جو شڪار آهي. هتي ذهني مريضن جي ٿيندڙ واڌ جي مکيه سببن ۽ ذميوارين جو جائزو وٺون ٿا.

ذهني خرابين ۾ واڌ جو سڀ کان وڏو سبب سماجي، معاشي،  اقتصادي ۽ سياسي عدم استحڪام آهي، جنهن کي پاڪستان منهن ڏئي رهيو آهي. بيروزگاري، غربت ۽ وڌندڙ مهانگائيءَ عوام کي سخت مالي دٻاءُ ۾ وجهي ڇڏيو آهي. خاص طور تي اهي جيڪي پنهنجن خاندانن جا واحد ڪمائيندڙ آهن، اهي وڌندڙ دٻاءُ ۽ مايوسي کي منهن ڏئي رهيا آهن. قومي طبي فورم ۾ ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان جا 60 سيڪڙو کان وڌيڪ ڊاڪٽر ۽ سرجن مستقل جسماني ۽ ذهني ٿڪاوٽ جو شڪار آهن. ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ دواساز ڪمپني طرفان “لائف ان اي ميٽرو” سيمپوزيم ۾ دل جي مرضن ۽ نفسيات جي ماهرن ٻڌايو ته وڏن شهرن خاص طور ڪراچي ۾ ڊگهيون ڊيوٽيون، مستقل ذهني دٻاءُ، فضائي گدلاڻ، ٽريفڪ ۽ مريضن جو غير معمولي دٻاءُ ڊاڪٽرن کي دل جي مرضن، شگر، ٿولهه، ڊپريشن ۽ اينگزائٽي ڏانهن ڌڪي رهيو آهي. ماهرن موجب 60 سيڪڙو کان وڌيڪ ڊاڪٽر سخت جسماني ۽ ذهني ٿڪاوٽ جو شڪار آهن ۽ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ مستقل ٿڪاوٽ ۽ غير صحتمند طرز زندگي ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن. هنن خبردار ڪيو ته پاڻ ئي سڃاڻپ، پاڻ ئي دوا استعمال ڪرڻ ۽ بيماري باوجود ڊيوٽي جاري رکڻ جي روايت ڊاڪٽرن کي ننڍي عمر ۾ ئي دل جي دوري، شگر، ڊپريشن ۽ آپگهات ڏانهن وٺي وڃي رهي آهي، ڊاڪٽرن ۾ دل جي دوري، شگر، ڊپريشن ۽ آپگهات جي شرح عام آبادي جي ڀيٽ ۾ تقريبن ٻيڻي ٿي چڪي آهي. ماهرن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن فوري طور ذهني صحت جون سهولتون، بهتر ٽائم ٽيبل ٺاهڻ سان ادارن ۾ سڌارا نه آندا ويا ته پاڪستان پنهنجي ڊاڪٽرن کي وقت کان اڳ وڃائي سگهي ٿو، جنهن جا اثر مريضن ۽ قومي صحت جي نظام ٻنهي تي پوندا. ٻئي پاسي پريشاني، سخت ڊپريشن ۽ مستقبل بابت نااميدي توڙي سياسي عدم استحڪام ۽ غير يقيني صورتحال ملڪ ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ عام ماڻهن جي ذهني صحت کي به متاثر ڪري رهي آهي. ان کانسواءِ تشدد، دهشتگردي ۽ عدم تحفظ کان متاثر علائقن ۾ ماڻهو سخت نفسياتي صدمو (سائڪو ٽروما) ۽ پوسٽ ٽروميٽڪ اسٽريس ڊس آرڊر (PTSD) جو شڪار ٿين ٿا. ائين عورتن جا مسئلا ٻهراڙي ۽ ترقي يافته علائقن ۾ عورتون گهريلو تشدد، برابري جا حق نه ملڻ، مالي دٻاءُ ۽ اضافي گهريلو ذميوارين جي ڪري ذهني خرابين جي خطري هيٺ آهن. جيئن ته سماجي تبديليون، خانداني نظام جو ٽٽڻ ۽ تعاون جي کوٽ پڻ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه جڏهن ماڻهو ذهني خرابين جو شڪار ٿين ٿا ته اهي مناسب علاج تائين رسائي حاصل ڪرڻ جي قابل نه هوندا آهن، جيڪو مسئلي کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ٿو. پاڪستان ۾ 100,000 آبادي لاءِ نفسياتي ماهرن جو تعداد تمام گهٽ آهي. اندازو آهي ته ملڪ جي 200 ملين کان وڌيڪ آبادي لاءِ صرف ڪجهه وڏيون نفسياتي اسپتالون آهن. حڪومت ۾ ويٺل پاليسي ساز انهن سڀني ڳالهين کان بي خبر آهن جنهن جو سبب آهي جو مجموعي صحت جي بجيٽ جو تمام ننڍو حصو ذهني صحت تي خرچ ٿي رهيو آهي. ڇو ته علاج جي وڏي قيمت، نفسياتي دوائون ۽ ڊاڪٽر جي في غريب ۽ وچولي طبقي جي پهچ کان ٻاهر آهن. ان لاءِ ملڪ ۾ ذهني بيمارين بابت شعور جي عام کوٽ آهي ۽ ماڻهو بدنامي، وهم پرستي ۽ ذهني بيماري کي عام بيماري جي بدران شرم يا عيب سمجهيو ويندو آهي، جيڪو مريضن جي علاج جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿو، ان ڪري اهو علاج کان پاسو ڪرڻ لڳي ٿو جيڪو انهن جي حالت کي وڌيڪ خراب ڪري ٿو. ماڻهو سمجهن ٿا ته گهڻيون ذهني بيماريون مافوق الفطرت قوتن، جنن يا جادو جي ڪري ٿين ٿيون. ان ڪري اهي علاج بدران مزارن يا ڀوپن وٽ ويندا آهن، جيڪو بيماري کي وڌيڪ دائمي ۽ پيچيده بڻائي ٿو.

پاڪستان ۾ ذهني صحت جي بگڙجندڙ صورتحال ڪنهن هڪ فرد يا اداري جي ذميواري ناهي، پر هڪ اجتماعي ناڪامي جو نتيجو آهي صحت جي مجموعي بجيٽ ۾ ذهني صحت کي نظرانداز ڪرڻ، مناسب ذهني صحت جي پاليسي نه ٺاهڻ ۽ سستي علاج جون سهولتون فراهم نه ڪرڻ جي بنيادي ذميواري سرڪار جي ئي آهي. ڇو ته بيروزگاري، مهانگائي، عدم مساوات ۽ مسلسل سماجي، سياسي دٻاءُ ماڻهن ۾ ڇڪتاڻ ۽ مايوسي پيدا ڪري رهيا آهن. ان ڪري ذهني صحت بابت شعور اجاڳر ڪرڻ ۽ ماڻهن کي صحيح معلومات فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميوارين ۾ شامل آهي.