هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن به ڪشمير ۾ ڪو ڇوڪرو شهيد ٿيندو هو ته ان جي گهر وارن کي شهادت جو اطلاع ڏيڻ جو طريقو نهايت عجيب و غريب ۽ دلچسپ هوندو هو. جماعت جي طرف کان ٽي چار ڀائر جن جا جمائتي نالا هوندا هئا، ابو تراب يا ابو طلحهٰ يا ابوالقاسم، سڀني جي نالن ۾ ابو سڃاڻپ جي طور تي ساڳئي هوندي هئي. اها گينگ شهيدن جي گهر اطلاع ڏيڻ ويندي هئي ته اوهان جو نينگر حملي ۾ شهيد ٿي ويو آهي ته ڳالهه اوهان جي لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي. جيتوڻيڪ اوهان جي نينگر جي جنازي جي نماز حافظ صاحب يا عبدالرحمان مڪي يا سيف الله خالد يا ڪو ٻيو امير المجاهدين صاحب پڙهائيندو. پوءِ نه ته شهيد جي ماءُ پنهنجي جگر جي ٽڪري جي لاش تي روڄ راڙو ڪندي هئي نه وري پوڙهو پيءُ پنهنجي جگر جي ٽڪري جي جنازي کي ڪلهو ڏئي سگهندو هو ۽ نه ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ جي لاش تي ماتم ڪري سگهندي هئي. ڇو ته انهن جي عزير جو لاش نه ڄاڻ ڪنهن جي ڌنڌي جو رزق بڻجي ڪري سرينگر جي چوڪ ۾ ٽنگجي ويو. مگر جماعت جي هفيتوار اخبار يا رسالي ۾ باقاعدگي سان شهيد جي ڪرامتن ۽ انهن جي گهر وارن جي حوصلي جا داستان ۽ جنازي جون وڏيون خبرون ڇپجنديون هيون. مگر نه ڇپجندو هو ته فقط اهو نه ڇپجندو هو ته شهادت جي ڊيل ۾ ان ڌنڌي جي سي اِي او ڪيترا نوٽ ڇاپيا يا ڪمايا. اوهان جي پٽ يا ڀاءُ جي موت جي تشهير سان ڪيترو چندو انهن جي اڪائونٽن ۾ ويو. اوهان جو پٽ يا ڀاءُ ته ان صنعت جي هڪ سيڙپڪاري هئي. جيئن اميرالحمزه جهڙي ليکڪ شهيد جي لاش کان ڪيترائي سال پوءِ به تازو رت وهڻ ۽ انهن جي قبرن کان اچڻ واري خوشبو جي داستان پٺيان لڪائينداسين. اهو جهاد وارو سلسلو حقيقت ۾ تمام وڏي صنعت آهي، جتي اربين رپين جو ڌنڌو ٿئي ٿو. هتي ڪروڙن رپين جي فنڊنگ هڙپ ٿي وڃي ٿي. ڪٿي سعودي کان ريالن جو من وسلوي لهي ٿو. ڪٿي نمبر ون جون تجليون انهن کي فائدو ڏين ٿيون. انهن جو اهو ڪاروبار نهايت منظم هوندو آهي. وڏين پارٽين کان فنڊ ڪڍڻ ۾ اهي وڏا ماهر ۽ چالاڪ هوندا آهن. ايستائين ته اسامه بن لادن جي استاد عبدالله عزام کان به ڪروڙ ڪڍي وٺندا هئا. هنن مريدڪي مرڪز جي تعمير جي لاءِ جماعت جي ويڙهاڪ ونگ جي سربراهه ۽ ذڪي الرحمان لکنوي جا عرب ڪنيڪشن ڪافي مضبوط آهن. انهن جي ڀيڻ هڪ عربي شيخ ابو عبڍالله صحرائي سان پرڻائي وئي آهي. صرف ابو عبدالله ڏهه ملين رپيا ڏنا هئا مريدڪي جو مرڪز تعمير ڪرڻ جي لاءِ، چندي جي لاءِ انهن وٽ هڪ کان هڪ وڏو فنڪار هوندو آهي. برصغير ۾ سرسيد کانپوءِ چندي گڏ ڪرڻ جو هنر انهن کي ئي وراثت ۾ مليو آهي. “ڪشمير جي ڌيءَ رت ۾ وهنتل چادر ويڙهيو تنهنجي راهه تڪي رهي آهي. سرينگر جي زندان ۾ قيد مجاهد تنهنجي انتظار ۾ آهن. هندو سنگينن جي هيٺان زندگي گهارڻ وارن ڪشميري ڀائرن کي تون ڪهڙو منهن ڏيکاريندين محشر جي ڏينهن.” ان قسم جون ڳالهيون ٻڌي ڪري ته مون جهڙو منڪر انسان به پگهرجي سگهي ٿو ته نارمل مسلمان ڪئين نه پگهرندو. پنج سو ملين رپيا صرف چندي جي مدد ۾ اڏاريا وڃن ٿا. نه صرف اهو بلڪ ان سان شهيدن جي فنڊ جا نالي سان به کيسا ڀريا وڃن ٿا، خاص ڪري حج واري عيد جي دوران کلون گڏ ڪرڻ ۾ لڳي وڃن ٿا. ٻوڏ ۾ ٻڏل يا زلزلي جي ماريل يا فلسطيني يا برما جي مسلمانن جي مدد جي نالي تي چگي ڪافي دولت گڏ ڪئي وڃي ٿي. ان جو هڪ دلچسپ مثال بالا ڪوٽ واري زلزلي جو آهي، ان جي فنڊنگ واري نالي تي پنج ملين برطانوي پائونڊ هتي وٽن پهتا ته هن منجهان اڌ به متاثرن کي نه ڏنا وي، بلڪه ادارو خدمت خلق جي نالي ساڻ هڪ ڊمي جماعت ٺاهي ڪري انهن کي ڳڙڪائي ويو. جهاد انڊسٽري ريئل اسٽيٽ ۾ به ڪافي سيڙپڪاري ڪري ٿي. “Jihad inc” جو مصنف عامر رانا لکي ٿو ته صرف هڪ جماعت جا لاهور ۽ حيدرآباد ۾ هڪ سئو اسي ملين جا پلاٽ آهن، جن کي ريئل اسٽيٽ جي ڌنڌي ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو.
سيد دائود گيلاني عرفHoward headly تمام دلچسپ ڪردار آهي آمريڪي نسل لشڪر طيبه جو ميمبر هو. حافظ صاحب جي نهايت ويجهو هو. امير جي ئي چوڻ تي هن بمبئي حملن جي لاءِ بمبئي وڃي ڪري ڪردار ادا ڪيو هو، جيڪو بعد ۾ آمريڪي ادارن جي هٿان گرفتار ٿيو. ان جو ڳالهيون ڇرڪائيندڙ هيون، هن جاچ ڪندڙ ادارن کي ٻڌايو ته “تنظيم غير قانوني هٿيارن ۽ منشيات جي ڌنڌي ۾ به ملوث آهي” جهادي تنظيمن جي منشيات جي ڌنڌي ۾ ملوث هئڻ جي تصديق ڪيترن ئي وسيلن کان ڪري سگهجي ٿي. طالبان جي آمدني جو وڏو حصو آفيم جي پوکي کان ايندو هو ۽ اسان جي ڪافي مقدس ادارن جا آفيسر ان ۾ ملوث آهن. سهيل وڙائچ پنهنجي ڪتاب “غدار ڪير” ۾ نواز شريف کان هڪ انٽرويو جو ذڪر ڪندي نواز شريف جو هي اعتراف بيان ڪري ٿو: “نواز شريف کي ڳجهي اداري جي ٻن آفيسرن افغانستان جي منشيات کان ٿيڻ واري ڪمائي جي باري ۾ بريفنگ ڏني ۽ وزيراعظم کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته رياست کي ان ڌنڌي ۾ انويسٽ ڪرڻ گهرجي.” مولانا مسعود اظهر جي الرشيد به ڪافي پسئو گڏ ڪندڙ فرنچائيز آهي. هن جا مجموعي ڊونر سعودي ۽ اورسيز مسلمان آهن. اڳ ۾ هن جو ڪاروبار افغان جهاد سان هلندو هو، پر پوءِ مارخور جي چوڻ تي هن پنهنجو رخ ڪشمير ڏانهن موڙي ڇڏيو. ڪشمير ۾ اڳ حزب المجاهدين ۽ حرڪت الانصار اوج تي هيون. مگر لشڪر طيبه وارن انهن جو دڪان برباد ڪري ڇڏيو. ڪشمير جي اندر مقامي تنظيمون به آهن، جيئن ڪشمير لبريشن فرنٽ وغيره. انهن جي اڪثر فنڊنگ پاڪستان ڪري ٿو. آل پارٽيز حريت ڪانفرنس فنڊنگ جي سڀ کان وڏي beneficiary آهي. صرف سيد علي گيلانيءَ ١٩٥٥ع ان فنڊنگ مان ڏهه ڪروڙ رپين جي روزي ڪمائي هئي. ٻاهرين چندي کي صاف ۽ قانون جي لاءِ ڪافي ٽرسٽ ڪشمير ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. جيئن اقبال ميموريل ٽرسٽ، اسلامڪ ويلفيئر ٽرسٽ يا ڪشمير ميڊيڪل ٽرسٽ اهي سڀ سندن جي ٻاهرين فنڊن کي پاڪ ڪرڻ جو ڪم ڪن ٿا. ڪولمبيا يونيورسٽي “Financing structure of terrorist organization in Kashmir” جي نالي سان هڪ آرٽيڪل پبلش ڪيو هو. اهو آرٽيڪل پڙهڻ سان تعلق رکي ٿو. ان ۾ نهايت ڏاهپ سان انهن جهادي تنظيمن جي بجيٽ کان وٺي ڪري هڪ عام مجاهد جي ٽريننگ ۽ ان جي سامان وارن خرچن تي روشني وڌي وئي آهي. اهي جيڪي جهاد جي نالي تي ڪشمير جي آزادي ۽ ڀارت جي بربادي وارو دهل وڄائين ٿا. سڌي ڳالهه اها آهي ته اڄ تائين نه ڪشمير آزاد ٿيو آهي ۽ نه ڀارت برباد، ها ايترو ضرور ٿيو آهي ته صرف ڪارڪن ئي برباد ٿيو آهي.
سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جهادي اڳواڻن کي ايتروئي جهاد جو شوق آهي يا جنت ۾ وڃڻ جي ايتري تڪڙ آهي ته پوءِ اهڙي جهاد ۾ حافظ سعيد جو نينگر ڪشمير ڇو نٿو وڃي. سيد صلاح الدين جا ٻار ته يورپ جي يونيورسٽين ۾ پڙهن ٿا. مسعود اظهر جا ٻار ڪشمير ۾ ڇو نٿا شهيد ٿين، ڇو صرف غريبن جي ٻارڙن کي شهادت جا جام پيارا ويا، جن جي گهر وارن جو ڪو والي وارث ناهي هوندو. شهيدن واري فنڊ جي نالي تي اٽي جي هڪ ٿيلهي ۽ سڪل ڪتل جو هڪ پيڪٽ سال ۾ هڪ ڀيرو رمضان ۾ شهيدن جي وارثن جي منهن تي هڻڻ جو منظر جيڪڏهن ڪو شهيد موت کان اڳ ڏسي وٺي ها ته ڪڏهن جهاد انڊسٽريز ۾ پنهنجي جان جو نذرانو پيش نه ڪري ها. ساڳيو ئي حال فلسطيني، يمني، لبناني ۽ شام جي بيوقوف عوام سان سندن ليڊرن ڪرايو ۽ اڄ اهي غريب فلسطيني، يمني، لباني ۽ شامي پنهنجو سڀ ڪجهه برباد ڪرائي رهيا آهن، جڏهن ته باقي مسلمان تماشائي بڻيل آهن.