هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن به ڪشمير ۾ ڪو ڇوڪرو شهيد ٿيندو هو ته ان جي گهر وارن کي شهادت جو اطلاع ڏيڻ جو طريقو نهايت عجيب و غريب ۽ دلچسپ هوندو هو. جماعت جي طرف کان ٽي چار ڀائر جن جا جمائتي نالا هوندا هئا، ابو تراب يا ابو طلحهٰ يا ابوالقاسم، سڀني جي نالن ۾ ابو سڃاڻپ جي طور تي ساڳئي هوندي هئي. اها گينگ شهيدن جي گهر اطلاع ڏيڻ ويندي هئي ته اوهان جو نينگر حملي ۾ شهيد ٿي ويو آهي ته ڳالهه اوهان جي لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي. جيتوڻيڪ اوهان جي نينگر جي جنازي جي نماز حافظ صاحب يا عبدالرحمان مڪي يا سيف الله خالد يا ڪو ٻيو امير المجاهدين صاحب پڙهائيندو. پوءِ نه ته شهيد جي ماءُ پنهنجي جگر جي ٽڪري جي لاش تي روڄ راڙو ڪندي هئي نه وري پوڙهو پيءُ پنهنجي جگر جي ٽڪري جي جنازي کي ڪلهو ڏئي سگهندو هو ۽ نه ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ جي لاش تي ماتم ڪري سگهندي هئي. ڇو ته انهن جي عزير جو لاش نه ڄاڻ ڪنهن جي ڌنڌي جو رزق بڻجي ڪري سرينگر جي چوڪ ۾ ٽنگجي ويو. مگر جماعت جي هفيتوار اخبار يا رسالي ۾ باقاعدگي سان شهيد جي ڪرامتن ۽ انهن جي گهر وارن جي حوصلي جا داستان ۽ جنازي جون وڏيون خبرون ڇپجنديون هيون. مگر نه ڇپجندو هو ته فقط اهو نه ڇپجندو هو ته شهادت جي ڊيل ۾ ان ڌنڌي جي سي اِي او ڪيترا نوٽ ڇاپيا يا ڪمايا. اوهان جي پٽ يا ڀاءُ جي موت جي تشهير سان ڪيترو چندو انهن جي اڪائونٽن ۾ ويو. اوهان جو پٽ يا ڀاءُ ته ان صنعت جي هڪ سيڙپڪاري هئي. جيئن اميرالحمزه جهڙي ليکڪ شهيد جي لاش کان ڪيترائي سال پوءِ به تازو رت وهڻ ۽ انهن جي قبرن کان اچڻ واري خوشبو جي داستان پٺيان لڪائينداسين. اهو جهاد وارو سلسلو حقيقت ۾ تمام وڏي صنعت آهي، جتي اربين رپين جو ڌنڌو ٿئي ٿو. هتي ڪروڙن رپين جي فنڊنگ هڙپ ٿي وڃي ٿي. ڪٿي سعودي کان ريالن جو من وسلوي لهي ٿو. ڪٿي نمبر ون جون تجليون انهن کي فائدو ڏين ٿيون. انهن جو اهو ڪاروبار نهايت منظم هوندو آهي. وڏين پارٽين کان فنڊ ڪڍڻ ۾ اهي وڏا ماهر ۽ چالاڪ هوندا آهن. ايستائين ته اسامه بن لادن جي استاد عبدالله عزام کان به ڪروڙ ڪڍي وٺندا هئا. هنن مريدڪي مرڪز جي تعمير جي لاءِ جماعت جي ويڙهاڪ ونگ جي سربراهه ۽ ذڪي الرحمان لکنوي جا عرب ڪنيڪشن ڪافي مضبوط آهن. انهن جي ڀيڻ هڪ عربي شيخ ابو عبڍالله صحرائي سان پرڻائي وئي آهي. صرف ابو عبدالله ڏهه ملين رپيا ڏنا هئا مريدڪي جو مرڪز تعمير ڪرڻ جي لاءِ، چندي جي لاءِ انهن وٽ هڪ کان هڪ وڏو فنڪار هوندو آهي. برصغير ۾ سرسيد کانپوءِ چندي گڏ ڪرڻ جو هنر انهن کي ئي وراثت ۾ مليو آهي. “ڪشمير جي ڌيءَ رت ۾ وهنتل چادر ويڙهيو تنهنجي راهه تڪي رهي آهي. سرينگر جي زندان ۾ قيد مجاهد تنهنجي انتظار ۾ آهن. هندو سنگينن جي هيٺان زندگي گهارڻ وارن ڪشميري ڀائرن کي تون ڪهڙو منهن ڏيکاريندين محشر جي ڏينهن.” ان قسم جون ڳالهيون ٻڌي ڪري ته مون جهڙو منڪر انسان به پگهرجي سگهي ٿو ته نارمل مسلمان ڪئين نه پگهرندو. پنج سو ملين رپيا صرف چندي جي مدد ۾ اڏاريا وڃن ٿا. نه صرف اهو بلڪ ان سان شهيدن جي فنڊ جا نالي سان به کيسا ڀريا وڃن ٿا، خاص ڪري حج واري عيد جي دوران کلون گڏ ڪرڻ ۾ لڳي وڃن ٿا. ٻوڏ ۾ ٻڏل يا زلزلي جي ماريل يا فلسطيني يا برما جي مسلمانن جي مدد جي نالي تي چگي ڪافي دولت گڏ ڪئي وڃي ٿي. ان جو هڪ دلچسپ مثال بالا ڪوٽ واري زلزلي جو آهي، ان جي فنڊنگ واري نالي تي پنج ملين برطانوي پائونڊ هتي وٽن پهتا ته هن منجهان اڌ به متاثرن کي نه ڏنا وي، بلڪه ادارو خدمت خلق جي نالي ساڻ هڪ ڊمي جماعت ٺاهي ڪري انهن کي ڳڙڪائي ويو. جهاد انڊسٽري ريئل اسٽيٽ ۾ به ڪافي سيڙپڪاري ڪري ٿي. “Jihad inc” جو مصنف عامر رانا لکي ٿو ته صرف هڪ جماعت جا لاهور ۽ حيدرآباد ۾ هڪ سئو اسي ملين جا پلاٽ آهن، جن کي ريئل اسٽيٽ جي ڌنڌي ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو.