بلاگنئون

افغانستان ۾ عورتن جي تعليم ۽ آزاديءَ جا مسئلا

جڏهن ڇوڪرين لاءِ سيڪنڊري اسڪولن کي بند ڪرڻ ڪافي نه هو، تڏهن افغان طالبان هڪ ٻيو حڪم جاري ڪيو ته عورتون هاڻي گهرن کان ٻاهر نڪرڻ وقت مٿي کان پيرن تائين برقعو پائينديون، نه ته ٻي صورت ۾ انهن کي مستقل طور تي گهرن ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو ويندو. ٻين لفظن ۾ عورتن کي اهو حڪم ڏنو ويو هو ته هو پنهنجن ڪمن ڪارين کي به محدود ڪن ۽ شهرن ۽ بازارين تائين يا ڪنهن اسپتال تائين دوا درمل جي لاءِ به ڪنهن پوڙهي پڪي مائي يا پنهنجي مرد ۽ ٻار سان گڏ نڪرن نه ته ٻي صورت ۾ انهن کي ٽارگيٽ ڪيو ويندو. طالبان شايد اهو تاثر ڏيڻ چاهين ٿا ته انهن شرعي حڪمن موجب پابنديون لڳايون آهن، پر دليل طور اسلامي اسڪالرن جي اڪثريت ٻي ڳالھه ٿي سمجهي. طالبان ته هاڻي ميڊيا وارن تي، استادن تي ۽ افغانستان ۾ گذريل حڪومت لاءِ ڪم ڪندڙ ماڻهن تي پڻ سخت پابنديون لاڳو ڪيون آهن، جڏهن ته عام شهرين تي ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ دهشتگرد حملا جاري آهن. افغانستان اندر مسلمانن ۽ ٻين عقيدن جي پوئلڳن کي مارڻ ۽ تشدد ڪرڻ جا واقعا پڻ تازو رپورٽ ڪيا ويا آهن. افغانستان ۾ انتهاپسندي، هندستان ۾ پاپولرزم ۽ پاڪستان ۾ انتهاپسند پاپولرزم اهي مثال ڏيکارين ٿا ته خطي ۾ عدم استحڪام جي هڪ خطرناڪ شڪل پيدا ڪئي پئي وڃي، جنهن جا ڪجھه مثال پڌرا آھن: جنهن ۾ مختلف مذهبي نظرين جي دائمي عدم برداشت آهي، مختلف ثقافتن ۽ عقيدن جا پوئلڳ ۽ طريقا انهن ملڪن ۾ ڄڻ شامل ئي ناهن، انهن ملڪن صنفي برابري جي ڪا به قبوليت ناهي ۽ مختلف سياسي ۽ مذهبي شناختن جو ٿورو گهڻو اعتراف يا فاشسٽ رجحان جي پرچارڪ رڳو افغانستان، ڀارت ۽ پاڪستان جي موجوده سماجي سياسي ۽ ثقافتي ڍانچي ۾ موجود آهن جيڪي انهن سماجن کي ٽوڙي ڦوڙي ڇڏينديون. سڄي ڏکڻ ايشيائي خطي ۾ معاشي ترقي، ادارن جي سياسي ڪارڪردگي ۽ موثر سماجي خدمتن جي فراهمي، پاليسي سازي ۽ گورننس لاءِ روڊ ميپ پيش ڪرڻ بدران انهن ملڪن جي اٻوجھه ماڻهن کي مذهبي ۽ سياسي نعرن جي چوڌاري ڦيرايو پيو وڃي، جيڪي سياسي مخالفن جي خلاف جارحانه جذبات ۽ انتهاپسند جذبن کي جنم ڏين ٿا ۽ سياسي ۽ مذهبي فاشسٽ سمجهن ٿا ته اهو واحد طريقو آهي جنهن سان عام ماڻهن جي عقيدي ۽ مفادن تي ضابطو آڻي پنهنجي ڪرسي ۽ اقتدار کي طول ڏئي سگهجي ٿي، نه ته ٻي صورت ۾ ماڻهن مان جيڪڏهن انتها پسندي ۽ اقربا پروري هلي وئي، ماڻهن ۾ سيڪيولرزم ۽ آزاد خيالي جاءِ ورتي، ماڻهن ۾ جيڪڏهن صنفي برابري جي حقن جي حاصلات لاءِ تحريڪون اڀري آيون ته انهن جا سياسي، سماجي ۽ مذهبي دڪان بند ٿي ويندا، جنهن جو وڏو اثر افغانستان ۽ پوءِ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ نظر ايندو. ان ڪري تعصب پرستي، انتهاپسندي ۽ پاپولرزم هڪ اهڙو موتمار مائينڊسيٽ بڻجي ويو آهي، جيڪو سماجي ريتن ۽ سياسي استحڪام کي ٽوڙي ڪمزور ڪري ڇڏيندو ۽ معاشرا جمود جو شڪار ٿي ويندا جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو جو اهي سياسي، سماجي ۽ مذهبي مهندار پوءِ ڳولهيا نه لڀندا ۽ ماڻهو پنهنجي آزادي ۽ حق کسڻ جي همت ساري وٺندا.

ڀلا هاڻي جڏهن آمريڪي فوجون 20 سالن جي قبضي کانپوءِ افغانستان مان نڪري ويون آهن ۽ هاڻي افغان حڪومت، طالبان جي ڌڙن ۽ علائقائي طاقتن جي وچ ۾ امن جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته پوءِ صنفي حق ۽ واسطا به بحال ڪيا وڃن، عورتن کي آزادي جا حق ڏنا وڃن، انهن کي تعليم، سياست ۽ مذهب ۾ حصيداري ڏني وڃي، پر پوءِ به هڪ اهڙو آواز سڀ کان وڌيڪ بلند ٿي رهيو آهي ته افغان عورتن کي سياست ۾ مداخلت ڪرڻ نه ڏيو، امن جون ڪارڪن ٿي رهڻ نه ڏيو، انساني حقن جي محافظ بڻجڻ کان روڪيو ۽ تعليم جي ميدانن ۾ مردن کان پري رکو ان ڪري ته اهي جيڪڏهن مردن جي برابر ٿي ويون يا انهن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته اهي مرد پوئتي رهجي ويندا، اهڙو رويو طالبان جي اقتدار  جي ورهاست ۽ انتظامن جي فيصلو ٿيڻ کانپوءِ پيش ڪيو ويو آهي. طالبان، افغان حڪومت، پاڪستاني، چيني ۽ آمريڪي نمائندا به رڳو هڪ طرف بيٺا پاڻ ۾ هٿ ملائي رهيا هوندا آهن، پر اتي عورت جو هجڻ ممنون ۽ معيوب سمجهيو ٿو وڃي. جڏهن افغانستان جي اڌ آبادي جي نمائندا عورتن کي ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي ته پوءِ ان کي ترقي ڪيئن سمجهي سگهجي ٿي؟ ان عدم توازن کي منهن ڏيڻ لاءِ تازو ڪابل ۾ هڪ “آل وومين پريس ڪانفرنس” منعقد ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن ۾ پارليامينٽ جي ميمبر فوزيه ڪوفي به شامل هئي. ميري اڪرامي، (افغان عورتن جي نيٽ ورڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جيڪا تنظيم 1996 ۾ بيجنگ UN ورلڊ ڪانفرنس آن وومين کانپوءِ قائم ڪئي وئي هئي) افغان عورتن جي تعليمي مرڪز جي پلوشا حسن (جيڪا تنظيم 1991 ۾ تعليم يافته افغان عورتن جي هڪ گروپ پاران قائم ڪئي وئي هئي) جيڪي اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي علائقن ۾ افغان پناهگيرن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪنديون هيون. اهي نمائنده عورتون سڀني افغان عورتن جي اميدن جي نمائندگي ڪن ٿيون، اهي فوري طور تي مستقل ۽ غير مشروط جنگبندي چاهين ٿيون، عام شهرين جي قتل، ٽارگيٽ ڪلنگ، عورتن جي جنسي غلامي ۽ طالبان سان عورتن کي زبردستي شادي ڪرڻ جي رواج کي ختم ڪرڻ جو به مطالبو ڪن ٿيون.

ويڙهاڪن مان انهن عورتن ۽ انهن جي تنظيمن جا نالا به سر فهرست هجن جن عورتن جي ترقي ۽ بااختياريءَ لاءِ ڊگهي جدوجهد تي زور ڏنو جيڪي افغانستان ۾ عورتن جي اڳواڻي ڪندڙ آهن، انهن کي پوشيده نه رهڻ گهرجي. اهي عورتون سول ۽ سياسي اڳواڻن سان اتفاق راءِ قائم ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو مطالبو به پيش ڪن ٿيون ته امن ڳالهين ۾ صنفي برابري هجڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ ڇوڪرين ۽ عورتن جي آزادي ۾ حيران ڪندڙ رد و بدل ٿي سگهي ٿو. خاص طور تي جيڪڏهن طالبان کي اجازت ڏني وڃي ته هو سڄي ملڪ ۾ زور وٺن، پر ڪجھه عورتون به انهن کي ڊيڄارين ٿيون ۽ انهن کي اطمينان ڏيڻ جي باوجود به انهن تي ڀروسو نٿيون ڪن، پر انهن نمائنده عورتن تي يقين ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اهي ئي آهن جيڪي سڀ کان وڌيڪ ڪوشان آهن ۽ عورتن جي حقن جون پاسدار به آهن. پلوشه حسن موجب طالبان ماضيءَ مان ڪجھه به نه سکيو ۽ اڳي کان وڌيڪ وحشي ۽ بي رحم ٿي پيا آهن. اهي انهيءَ عقيدي تي مست آهن ته هنن جنگ کٽي ورتي آهي، جيتوڻيڪ کين ڪا ڄاڻ ناهي ته رياست کي ڪيئن هلائڻو آهي، هڪ جامع افغانستان ڇا ٿي سگهي ٿو يا قوم جي تعمير ۾ عورتن جي شموليت جو قدر ڇا ٿي سگهي ٿو. طالبان جي ڪنٽرول هيٺ ڪجھه علائقن ۾ ڇوڪرين کي بلوغت تائين پهچڻ کانپوءِ اسڪول وڃڻ کان روڪيو ويو آهي، جيڪا افغان آئين جي ڀڃڪڙي آهي. رپورٽون سامهون اچي رهيون آهن ته طالبان پاران حڪم جاري ڪيا ويا آهن ته عورتن کي ڪم نه ڪرڻ گهرجي، بغير محرم جي گهر کان ٻاهر نه نڪرڻ گهرجي، اسڪول، نوڪري يا يونيورسٽي نه وڃڻ گهرجي. ان ڏس ۾ عورتن سميت افغان سول اڳواڻ هڪ پيچيده جنگ وڙهي رهيا آهن. پهرين عورتن کي دهشتگردي جي تشدد جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو جنهن افغان عورتن ۽ ٻارن کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پهچايو. يوناما جي هڪ رپورٽ موجب عورتون ۽ ٻار ڪل شهري جاني نقصان جو 46 سيڪڙو سهن ٿا ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ اهي انگ اکر انتهائي خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. افغانستان جي سيڪيورٽي ۽ ڊفينس ڊپارٽمينٽ موجب افغانستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 عالمي ويڙهاڪ گروپ ڪم ڪري رهيا آهن، جن مان اڪثر علائقائي حاصلات حاصل ڪرڻ لاءِ عام شهرين  تي به حملا ڪندا رهن ٿا. گذريل سالن کان وٺي افغان طالبان ميڊيا سميت، سپريم ڪورٽ ۽ انساني حقن جي محافظ عورتن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو سلسلو جاري رکيو پيا اچن. پارلياماني ميمبر ۽ مذاڪرات ڪندڙ فوزيه ڪوفي کي 2020 ۾ ٻانهن ۾ گوليون لڳيون هيون، پر هوءَ قاتلاڻي حملي ۾ بچي وئي ۽ دوحا ۾ امن ڳالهين ۾ شامل ٿيڻ وارين چند عورتن مان هڪ هئي جنهن کي گڏجاڻي مان واپس ڪيو ويو هو. ان مثال مان واضح ٿئي ٿو ته افغان عورتن هن ڏکئي دور ۾ ڪهڙي جرئت سان پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. واپس پنهنجي عوامي زندگي ۽ پنهنجي ملڪ جي خدمت لاءِ ڏهاڪن تائين جنگ ۾ رهڻ جي باوجود سخت، قدامت پسند ڪلچر پاران خارج ٿيڻ کانپوءِ به عورتون اڃا تائين وڙهنديون رهيون آهن، پر افغان سماج ۾ اهڙيون تبديليون ٿي رهيون آهن، جن ۾ عورتون خاموش رهڻ کان انڪاري آهن. پلوشا حسن جو چوڻ آهي ته عورتن وٽ 1990 واري ڏهاڪي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تجربو آهي ۽ عورتن جي حقن بابت ڪميونٽي ۾ وڌيڪ شعور آهي. عورت هاڻي اشرافيه تائين محدود ناهي، هو هاڻي بنيادي سطح کان وڌيڪ باشعور آهي، جيڪو عورتن جي آزاديءَ جي مڪمل خاتمي جو تصور ڪرڻ جو محرڪ ٿي سگهي ٿو. اهو بهادر افغان عورتن لاءِ نقصانڪار هوندو ۽ انهن جو اهو سڀ ڪجهھ وڃائڻ کان انڪار به انهن کي گذريل 20 سالن ۾ خود اعتمادي بخشي ٿو. ان ڪري دنيا کي انهن اڀريل آوازن تي اعتبار ۽ اعتماد ڪرڻ گهرجي، جيڪي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ پيچيده صورتحال بابت ڳالهائي رهيا آهن. هاڻي افغان عورتون پاڻ کي امن ڳالهين ۾ ڊرائيونگ سيٽ تي ڏسڻ چاهين ٿيون، نه رڳو انهن سڀني اذيتن جي بدلي جيڪي هنن جنگ جي انهن سالن ۾ برداشت ڪيون آهن، ڇاڪاڻ ته اهي هڪ غيريقيني مستقبل کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم ۽ باهمت اڳواڻ ثابت ٿينديون.