جڏهن ڇوڪرين لاءِ سيڪنڊري اسڪولن کي بند ڪرڻ ڪافي نه هو، تڏهن افغان طالبان هڪ ٻيو حڪم جاري ڪيو ته عورتون هاڻي گهرن کان ٻاهر نڪرڻ وقت مٿي کان پيرن تائين برقعو پائينديون، نه ته ٻي صورت ۾ انهن کي مستقل طور تي گهرن ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو ويندو. ٻين لفظن ۾ عورتن کي اهو حڪم ڏنو ويو هو ته هو پنهنجن ڪمن ڪارين کي به محدود ڪن ۽ شهرن ۽ بازارين تائين يا ڪنهن اسپتال تائين دوا درمل جي لاءِ به ڪنهن پوڙهي پڪي مائي يا پنهنجي مرد ۽ ٻار سان گڏ نڪرن نه ته ٻي صورت ۾ انهن کي ٽارگيٽ ڪيو ويندو. طالبان شايد اهو تاثر ڏيڻ چاهين ٿا ته انهن شرعي حڪمن موجب پابنديون لڳايون آهن، پر دليل طور اسلامي اسڪالرن جي اڪثريت ٻي ڳالھه ٿي سمجهي. طالبان ته هاڻي ميڊيا وارن تي، استادن تي ۽ افغانستان ۾ گذريل حڪومت لاءِ ڪم ڪندڙ ماڻهن تي پڻ سخت پابنديون لاڳو ڪيون آهن، جڏهن ته عام شهرين تي ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ دهشتگرد حملا جاري آهن. افغانستان اندر مسلمانن ۽ ٻين عقيدن جي پوئلڳن کي مارڻ ۽ تشدد ڪرڻ جا واقعا پڻ تازو رپورٽ ڪيا ويا آهن. افغانستان ۾ انتهاپسندي، هندستان ۾ پاپولرزم ۽ پاڪستان ۾ انتهاپسند پاپولرزم اهي مثال ڏيکارين ٿا ته خطي ۾ عدم استحڪام جي هڪ خطرناڪ شڪل پيدا ڪئي پئي وڃي، جنهن جا ڪجھه مثال پڌرا آھن: جنهن ۾ مختلف مذهبي نظرين جي دائمي عدم برداشت آهي، مختلف ثقافتن ۽ عقيدن جا پوئلڳ ۽ طريقا انهن ملڪن ۾ ڄڻ شامل ئي ناهن، انهن ملڪن صنفي برابري جي ڪا به قبوليت ناهي ۽ مختلف سياسي ۽ مذهبي شناختن جو ٿورو گهڻو اعتراف يا فاشسٽ رجحان جي پرچارڪ رڳو افغانستان، ڀارت ۽ پاڪستان جي موجوده سماجي سياسي ۽ ثقافتي ڍانچي ۾ موجود آهن جيڪي انهن سماجن کي ٽوڙي ڦوڙي ڇڏينديون. سڄي ڏکڻ ايشيائي خطي ۾ معاشي ترقي، ادارن جي سياسي ڪارڪردگي ۽ موثر سماجي خدمتن جي فراهمي، پاليسي سازي ۽ گورننس لاءِ روڊ ميپ پيش ڪرڻ بدران انهن ملڪن جي اٻوجھه ماڻهن کي مذهبي ۽ سياسي نعرن جي چوڌاري ڦيرايو پيو وڃي، جيڪي سياسي مخالفن جي خلاف جارحانه جذبات ۽ انتهاپسند جذبن کي جنم ڏين ٿا ۽ سياسي ۽ مذهبي فاشسٽ سمجهن ٿا ته اهو واحد طريقو آهي جنهن سان عام ماڻهن جي عقيدي ۽ مفادن تي ضابطو آڻي پنهنجي ڪرسي ۽ اقتدار کي طول ڏئي سگهجي ٿي، نه ته ٻي صورت ۾ ماڻهن مان جيڪڏهن انتها پسندي ۽ اقربا پروري هلي وئي، ماڻهن ۾ سيڪيولرزم ۽ آزاد خيالي جاءِ ورتي، ماڻهن ۾ جيڪڏهن صنفي برابري جي حقن جي حاصلات لاءِ تحريڪون اڀري آيون ته انهن جا سياسي، سماجي ۽ مذهبي دڪان بند ٿي ويندا، جنهن جو وڏو اثر افغانستان ۽ پوءِ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ نظر ايندو. ان ڪري تعصب پرستي، انتهاپسندي ۽ پاپولرزم هڪ اهڙو موتمار مائينڊسيٽ بڻجي ويو آهي، جيڪو سماجي ريتن ۽ سياسي استحڪام کي ٽوڙي ڪمزور ڪري ڇڏيندو ۽ معاشرا جمود جو شڪار ٿي ويندا جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو جو اهي سياسي، سماجي ۽ مذهبي مهندار پوءِ ڳولهيا نه لڀندا ۽ ماڻهو پنهنجي آزادي ۽ حق کسڻ جي همت ساري وٺندا.