هن وقت سنڌ ۾ پاڻيءَ جي تاريخي کوٽ آهي ۽ سوڪهڙي واري صورتحال آهي. انهيءَ ڪري فطرت تي به ان جا اثر نمايان آهن. خريف ۾ جيڪي فصل پوکجڻا هئا اهي نه پوکجي سگهيا آهن. سڄي سنڌ ۾ ۽ خاص طور لاڙ ۾ ڪپهه جي فصل جي پوکائي کي ڌڪ لڳو آهي. وڻن ۽ ماحول تي به پاڻي جي کوٽ جو لازمي اثر پيو آهي. ڍنڍون ۽ ڍورا سڪي ويا آهن.
نتيجي ۾ سائبيريا ۽ ٻين ملڪن کان ايندڙ پکين جي آمد گهٽجي وئي آهي. هونئن ته هر سال ان قسم جون رپورٽون اينديون رهنديون آهن ته سنڌ ۾ سائيبيريا جي پکين جو انگ مسلسل گهٽجي رهيو آهي، ان جا سبب يقينن ماحولياتي تبديلن سان ئي جڙيل آهن، پر هن سال جهنگلي جيوت کاتي جي رپورٽ باقاعدگي سان پنهنجا انگ اکر جاري ڪاري هڪ رپورٽ ڏني آهي ته پاڻيءَ جي کوٽ سبب هن سال هڪ لک جي لڳ ڀڳ مهمان پکي گهٽ آيا آهن. هن قسم جون تبديليون اسان کي تنبيهه ڪن ٿيون ته اسان ماحول جي لاءِ پنهنجي حساسيت کي وڌايون ۽ ماحول کي جيڪو نقصان رسي رهيو آهي ان جي پرگهور لهڻ شروع ڪريون، ڇو ته هن وقت ڪيتريون ئي انساني سرگرميون اهڙيون آهن جن سان مسلسل ماحول کي نقصان پهچي رهيو آهي، وڻ وڍجي رهيا آهن ۽ فطرت جي خوبصورتي گهٽجي رهي آهي، جنهن جو نقصان يقينن انسان ذات کي، پکين کي ۽ ماحول کي ٿي رهيو آهي.
مهمان پکين جو گهٽجي وڃڻ به فطرت جو هڪ اشارو آهي ته اسان ان ماحول کي نقصان پهچايو آهي، جتي اهي پکي اچي رهندا آهن، آنا ڏيندا آهن، سياري جو ڪجهه عرصو هتي مهمان بڻجي رهندا آهن ۽ پوءِ وري واپس اڏري پنهنجي وطن ڏانهن موٽي ويندا آهن. انهيءَ سڄي صورتحال کي اسان جي صوبائي سرڪار ۽ جهنگلي جيوت جي کاتي کي غور سان ڏسڻ جي ضرورت آهي، جيڪي ان سڄي صورتحال جا ذميدار آهن. سردي وارن ملڪن مان ايندڙ انهن پکين جو سنڌ ۾ مقام سنڌ جون ڍنڍون آهن. اهي مهمان پکي سائبيريا مان چئن مهينن لاءِ سنڌ جي ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ قيام ڪن ٿا. سنڌ جا ماڻهو ڇاڪاڻ جو فطرت پسند آهن ۽ ماحول دوست آهن ۽ هو مهمان پکين کي نسلن کان ڏسندا اچن، اهي انهن جي اچڻ تي خوش ٿين ٿا. سائبيريا ۽ ٻين ٿڌن علائقن ۾ سيءَ جي ڪري درياءَ ۽ ڍنڍن ۾ برف ڄميو وڃي ته انهن پکين کي خوراڪ ۽ گرم ماحول جي ضرورت پوي ٿي. انهيءَ ڪري اهي ايشيا جي مختلف ملڪن ڏانهن سفر ڪن ٿا. سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق هر سال ڪراچي، بدين، سجاول، ٺٽي ۾ لکين سائبيرين پکي مهمان ٿي اچن ٿا ۽ سنڌ جي 11 ڍنڍن تي اچي رهن ٿا.
ضلعي بدين جي سامونڊي پٽي زيرو پوائنٽ، نريڙي ڍنڍ، رامسر سائيٽ هاليجي ڍنڍ، ڳاڙهو ڍنڍ، ڪراچي جي سامونڊي علائقن مبارڪ وليج، ماڙيپور، هاڪس بي، ابراهيم حيدري، ريڙهي ڳوٺ کان سمنڊ جي ڪنارن تائين ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ سميت جزيرن تي به اهي مهمان پکي نظر اچن ٿا. سنڌ ۾ ماحول ۽ فطرت مهمان پکين لاءِ سازگار آهي، انهيءَ ڪري اهي لکن جي تعداد ۾ سنڌ جي ڍنڍن ۽ سامونڊي علائقن ۾ لهن ٿا. اسين سنڌ حڪومت کي ۽ جهنگلي جيوت جي کاتي کي اهو ضرور چونداسين ته انهن مهمان پکين جي بريڊنگ جي ماحول ۽ داڻي پاڻي سميت ٻين سهولتن کي فراهم ڪيو وڃي. ڪينجهر کان وٺي منڇر تائين جيڪي به ڍنڍون جتي مهان پکين جو قيام هوندو آهي، اتي انهن لاءِ داڻو وڌو وڃي ته جيئن اهي مهمان پکي خوشيءَ سان پنهنجو وقت گذاري سگهن. جهنگلي حيات جو کاتو ٻڌائي ٿو ته 200 کان وڌيڪ قسمن جا مهمان پکي گرمي جي موسم ۾ سنڌ جو رخ ڪن ٿا، جن جو گهڻو تعداد بدين ۽ ٺٽي ۾ موجود ڍنڍن کي ترجيح ڏئي ٿو.
انهن مهمان پکين ۾ چيڪلو، نيرڳي، ڊگهوش، آڙي، مرغابي، ڪونج، ٻگهه، ڪوئل ۽ ٻيا پکي آهن. هتي اها ڳالهه ڪبي ته انهن مهمان پکين جو شڪار به ٿئي ٿو ته جيئن انهن مان گوشت حاصل ڪجي. چيڪلو، نيرڳي، ڊگهوش، آڙي، مرغابي جو گوشت مهانگو وڪرو ڪيو وڃي ٿو. هنن پکين ۾ گذريل ٻن سالن ۾ لکين پکين سنڌ جو رخ ڪيو آهي، پر موسمي حالتن، پاڻي جي کوٽ ۽ ٻين تبديلين جي ڪري هن سال اهو تعداد گهٽجي ويو آهي. جنهن جو سبب دريائن ۾ پاڻي جي وهڪري جي گهٽتائي، برساتون نه پوڻ ۽ سوڪهڙو ٻڌايو وڃي ٿو. هتي اها ڳالهه ڪندا هلون ته اهي پکي 3 هزار ميل کان وڌيڪ فاصلو طئي ڪري سائبيريا ۽ ٻين علائقن کان اڏامندا سنڌ جي ڍنڍن جو رخ ڪن ٿا ۽ سامونڊي پٽي تي پنهنجو قيام ممڪن بڻائين ٿا. سائبيريا ۽ ٻين وچ ايشيائي ملڪن مان ٿڌ شروع ٿيڻ تي مختلف قسمن جا مهمان پکي خوراڪ جي حصول لاءِ پاڪستان جو رخ ڪن ٿا، پر هن سال پاڪستان اچڻ وارن مهمان پکين جي تعداد ۾ تمام گهڻي گهٽتائي نظر آئي آهي. انهيءَ سڄي صورتحال کي نظر ۾ رکندي جهنگلي حيات جي کاتي کي ايندڙ سال جي لاءِ بهتر پلاننگ ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ماحول کيس صاف سٿرو ۽ پاڻيءَ جي سپلاءِ کي بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ايندڙ سال اهي مهمان پکي چڱي تعداد ۾ سنڌ ۾ اندر اچي پنهنجو هتي رهڻ وارو مدو سولائي سان گذاري سگهن.