ايڊيٽوريلنئون

صدر ٽرمپ جو پاڪستان سميت 100 ملڪن تي نئين ٽيرف جو اعلان

            آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪيترن ئي ملڪن تي آمريڪا ۾ درآمد ٿيندڙ شين تي نئين ٽيرف لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي. انهن ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان به شامل آهي، جنهن تي 29 سيڪڙو ٽيرف عائد ٿيندو. هن اهو سڀ ڪجهه آمريڪي معيشت جي بحالي جي نالي ۾ ڪيو آهي. هڪ طرف آمريڪي فائدي جي ڳالهه ڪندي انهيءَ جو صدر ٽرمپ پرڏيهي پاليسي، غير قانوني طور آمريڪا ۾ ايندڙ غير ملڪين ۽ هاڻي نئين ٽيرف پاليسي هڪ طرح سڄي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. فچ ريٽنگ ايجنسي نئين ٽيرف کي نه صرف آمريڪي معيشت بلڪه آمريڪي معيشت لاءِ گيم چينجر قرار ڏنو آهي. هنن اهو انديشو ظاهر ڪيو آهي ته دنيا جا گهڻا ئي ملڪ ممڪن آهي ته واپاري ٻاڙائي جو شڪار ٿي وڃن.

            آئي ايم ايف جي هڪ ماهر اقتصاديات آمريڪي صدر جي ٽيرف جي اعلان کانپوءِ رد عمل ڏيندي چيو آهي ته هن عالمي تجارتي نظام تي ايٽم بم ڪيرايو آهي. اهو ٽيرف ڪن ملڪن تي وڌ ۾ وڌ 44 سيڪڙو آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ 10 سيڪڙو آهي. سنگاپور، يوڪرين ۽ برطانيا اهڙا خوش قسمت ملڪ آهن جن جي برآمدات تي گهٽ ۾ گهٽ 10 سيڪڙو ٽيرف لڳايو ويو آهي. ٽيرف اصل ۾ درآمد ٿيندڙ مال تي ٽيڪس کي چيو وڃي ٿو. اهو اهڙو ٽيڪس آهي جيڪو آمريڪا پنهنجي ملڪ لاءِ گهرايل مال تي لڳائي ٿو. سال 2023 جي دوران آمريڪا سڄي دنيا مان لڳ ڀڳ 3.1 کرب ڊالر جو مال درآمد ڪيو ۽ آمريڪي حڪومت انهيءَ مان 80 ارب ڊالر ڪمايا. جيڪو ڪل آمريڪي ٽيڪس محصولن جو تقريبن 2 سيڪڙو آهي. آمريڪي صدر جي گذريل دور حڪومت ۾ سال 2017 کان 2020 جي وچ ۾ درآمدات تي جيڪي اضافي ٽيڪس هنيا ويا، انهن جي نتيجي ۾ قيمتون وڌي ويون ۽ ان جو نقصان ۽ بار آخر ۾ وڃي. آمريڪي عوام کي ادا ڪرڻو پيو ۽ آمريڪا جا واپاري اقتصادي ماهر ۽ واپار جا ڄاڻو ماڻهو انهيءَ نتيجي تي پهتل آهن ته انهيءَ قسم جي ٽيرف جي قيمت آخرڪار آمريڪي عوام کي ئي ادا ڪرڻي پوي ٿي. گذريل ڏهاڪن ۾ دنيا جي وچ ۾ جيڪا فري ٽريڊ يا آزاد واپار جي ڳالهه ٿي رهي هئي. صدر ٽرمپ جون هي پاليسيون فري ٽريڊ جي حق ۾ ناهن. دنيا جا ملڪ ۽ انهن جون اسٽاڪ مارڪيٽون انهيءَ اعلان کانپوءِ ٻاڙائي جو شڪار آهن. دنيا ۾ آزاد تجارت جي ڪري گذريل ٻن ڏهائين کان عالمي واپار ۾ واڌ آئي آهي ۽ عام ملڪن به واپار ۾ ترقي ڪئي آهي. مثال طور آسيان ايشيائي ملڪن جي وچ ۾ هڪ تجارتي معاهدو آهي، جنهن تي 28 جنوري 1992 تي سنگاپور ۾ صحيحون ڪيون ويون. ايشيا ۾ جامع اقتصادي شراڪتداري ۽ واپار جو آغاز ٿيو. ائين سڄي دنيا ۾ آزاد واپار جو سلسلو هليو جيڪو سڀني ملڪن کي قبول رهيو آهي، پر صدر ٽرمپ جهڙا اڳواڻ دنيا جي ملڪن ۽ اتي جي عوام جي ترقي ۽ فلاح کان ڄڻ لاتعلق آهن. هتي اسين پنهنجي ملڪ پاڪستان جي ڳالهه ڪنداسين جنهن جي درآمدات لاءِ آمريڪا 29 سيڪڙو ٽيرف مقرر ڪيو آهي. يورپي يونين پاڪستان کي واپار ۾ سهولتون ڏنيون آهن ۽ جي پلس جو درجو ڏنو آهي، پر موجوده آمريڪي حڪومت جو ڪاروهنوار نرالو آهي. هڪ پاڪستاني سفارتڪار اهو چيو آهي ته آمريڪا ڪيترو به ٽيرف عائد ڪري.

            اسانجو جياپو انهيءَ ۾ آهي ته اسانجي ملڪ کي پنهنجي برآمدات کي بهتر ڪرڻو پوندو. پاڪستاني مصنوعات آمريڪا ۾ مهانگيون ٿينديون، اهو اسانجو مسئلو نه آهي. اسانجو مسئلو اهو آهي ته اسين بهتر صنعت ۽ زراعت جا اسم درآمد ڪريون، انهيءَ ۾ ئي ملڪ جو فائدو آهي، هر ملڪ جو ٽيڪس جو پنهنجو نظام هوندو، اهو ملڪ ڄاڻي ۽ اتي جا صارف ڄاڻن، اسان کي پنهنجي پيداواري ساک بهتر ڪرڻي آهي، جو دنيا انهيءَ کي درآمد ڪندي سولائي محسوس ڪري. وزيراعظم پاڪستان ميان شهباز شريف جو قوم کان متوقع خطاب ۾ اسين اها توقع ٿا ڪريون ته انهيءَ اجلاس ۾ برآمدات ۽ ٻين معاشي معاملن تي بريڪ ٿرو متوقع آهي. ملڪ جي وزيراعظم کي اهو وقتائتو فيصلو ڪرڻ گهرجي ته جيئن ملڪ ۾ صنعت ۽ زراعت ۾ اهڙي پيداوار ٿئي جنهن کي برآمد ڪري سگهجي. جيڪڏهن اسانجي مصنوعات جي ٻين ملڪن ڏانهن برآمد وڌي ٿي ته ملڪ ترقي جي راهه تي هلي پوندو.