نئون

اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ قومي اسيمبليءَ جو اجلاس جاري

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ اسپيڪر اياز صادق جي سربراهي ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس جاري آهي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ خفيه راءِ شماري ذريعي ڪئي پئي وڃي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه متحده اپوزيشن پاران اسپيڪر قومي اسيمبلي جي لاءِ ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. جڏهن ته تحريڪ انصاف پاران اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ قاسم سوري جا ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. اڄوڪي اجلاس جي شروعات ۾ ڪجهه اسيمبلي ميمبرن پاران حلف کنيو ويو. ياد رهي ته انهن اميدوارن جا ڪيس هلي رهيا آهن جنهن ڪارڻ اهي 13 آگسٽ تي حلف نه کڻي سگهيا هئا.