نئون

آصف زرداري جو ويجهو دوست انور مجيد پٽ سميت گرفتار

اڄ صبح سپريم ڪورٽ ۾ ڪوڙن بينڪ اڪائونٽن جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن بعد انور مجيد ۽ سندس  پٽ عبدالغني مجيد کي ڪورٽ جي ٻاهران گرفتار ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ پاران انور مجيد ۽ سندس پٽن خلاف تفتيش جو حڪم ڏيندي انور مجيد ۽ سندس پٽن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل نه ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. عدالت پاران چيو ويو ته انور مجيد جو اولاد ڪيسن ۾ ملوث نه هوندو ته اهي ڪليئر ڪيا ويندا. سپريم ڪورٽ پاران اومي گروپ جا اڪائونٽ بحال ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي جي آءِ ٽي ٺهڻ تائين ملزم جون جائيدادون قرق رهنديون. واضح رهي ته ايف آءِ اي پاران 29 ڪوڙن بينڪ اڪائونٽن کي ڳولهي لڌو هو جنهن ذريعي 35 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪئي وئي هئي. جنهن ۾ بااثر ماڻهن ۽ بينڪ جي سربراهن جا نالا سامهون آيا آهن جڏهن ته چيئرمين پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج حسين لوائي کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. جنهن کان علاوه ايف آءِ اي پاران آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي به مقدمي ۾ ملوث قرار ڏنو ويو آهي، جنهن مبينا طور تي مني لانڊرنگ جي رقم وصول ڪئي هئي.