2018 ۽ 2024 جي مهانگائي جو موازنو ڪجي ته اها ڳالھ واضح ٿي ويندي ته انهن سالن جي معاشي ۽ اقتصادي انگ اکر سڀ ڪوڙا هئا ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومت وانگر نون ليگ به رڳو ڊاڙون ڊُشون هڻي ڪم ٽپايو، ان ڪري ته مهانگائي جي انگن ۾ وڏو فرق رهندو آيو آهي، جو هيل تائين ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ جون سڀ خبرون ڪوڙيون آهن ۽ اهي هٿ گھڙيا سياستدان ملڪ کي اڃان به ٻوڙي هليا ويندا ان ڪري ته انهن انگن اکرن ۾ وڏي خام خيالي آهي، جنهن ۾ حڪومت رڳو پنهنجي کَلَ لڪائڻ جي لاءِ معيشت سان کيل کيڏيا. گذريل دور جي حڪومتن ۾ جيڪا اصل مهانگائي هئي ان کان حڪومتن پاڻ ڪن لاٽار ڪئي ۽ ڪوڙ بدوڙ هڻي عوام کي آسرا ڏيندا رهيا، ان ڪري جو جيڪي انگ اکر ان ٽائيم تي ٻڌايا ويندا هئا اهي آن گرائونڊ ٻيا هوندا هئا ۽ ڪاڳرن ۾ ٻيا. نون ليگ وارا به اها ڳالھ وڏي پڪائي سان ڪن ٿا ته “هنن جي دور ۾ مهانگائي جو ريشو رڳو 6 سيڪڙو وڌيو آهي”، پر ان جاءِ تي زميني حقيقتون ٻيون آهن ۽ ماڻهن جي مهانگائي جي ڪري حالت خراب ٿيندي رهي ٿي. مثال طور: ٿلهي ليکي چئون ته پي ٽي آءِ جي وڃڻ سان پيٽرول ۽ ڊالر جا اگھ ٻيا هئا ۽ اهي وري نون ليگ جي دور ۾ تيزي سان وڌڻ لڳا (جيڪي هاڻي وري ٻيڻا ٿي ويا آهن) معنيٰ حقيقت ۾ ماڻهن جي لاءِ ان وقت مهانگائي جو ريشو 18 کان به وڌندو رهيو ۽ سرڪاري ڪاڳرن ۾ اهو 6 سيڪڙو هو، وري ايڪسپورٽ جا ڪوڙ الڳ هڻندا هئا ته “نون ليگ جي دور ۾ ايڪسپورٽ جو حجم ٻيڻ چئوڻ ٿي ويو آهي”، پر جيڪڏهن نون ليگ جي دور ۾ ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ جو حجم يا حد ٻيڻ چئوڻ آهي ته اهي سڀ ترقيون مخالف ڳڙڪائي ويا (نون ليگ ڪرپٽ آهي اها ڳالھ به مڃي سين، پر اها ڳالھ ڪورٽون به مڃين يا ثابت ڪري ڏيکارين، پر ڪورٽون ته نون ليگ کي بي گناھ ثابت ٿيون ڪن. عام ماڻهن جو پيٽ ان ڳالھ مان به نٿو ڀري سگهجي ته ڪير ڪرپٽ آهي يا ڪير ناهي يا ڪير چور آهي يا ڪير ساڌو، پر ڳالھ سرڪار جي پرفارمنس جي ضرور ڪبي، ان ڪري جو جيڪا سرڪار ماڻهن جي ڀلي ۾ هلندي، جيڪا سرڪار مهانگائي تي ڪنٽرول ڪندي يا پرائيس ڪنٽرول ڪري ڏيکاريندي اها ئي جيئندي ۽ پائنده رهندي. بنگلاديش جي ديسي اپت يا گهرو پروڊڪشن انهن جي پورائي جي لاءِ ڪافي آهي، اسان وٽ ته اهو به وڏو الميو آهي ته اسان هتي جي سرڪار کي چائنا يا سائوٿ ڪوريا سان ڀيٽيون، ان ڪري اهي ملڪ ۽ انهن جي گهرو پروڊڪشن واري ڳالھ اسان کان مٿي چڙهيل آهي، ان جو مثال ائين آهي ته جڏهن اسان جي کائڻ کان اناج بچي پئي ته اسان پوءِ اهو اناج، اها واڌارو شيءِ، اها پروڊڪشن ڪنهن پاڙيسري ملڪ کي ٺاهي جوڙي ڏئي سگهون يا مٽاسٽا ڪري سگهون ٿا، جنهن سان وري گهڻو ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو، پر جڏهن اسان وٽ پاڻ کائڻ، پائڻ يا چوڙڻ جي لاءِ ڪجھ نه هوندو ته اسان ٻين ملڪن کان گُهر ڪنداسين يا ٻين ملڪن کان امپورٽ (يا مفت وٺڻ يا وري پنڻ واري ڳالھ ڪنداسين). ان ڪري هن حال ۾ ڪيئن چئون ته اسان ڪنهن به ڳالھ ۾ ڀڙ آهيون، اسان جي ڪنهن به قسم جي اپت يا پروڊڪشن اسان جي پورائي جي لاءِ ڪافي آهي، ان ڪري سياستدان ان ڳالھ جي پورائي جي لاءِ سچي نيت سان ڪم نه ٿا ڪن ۽ جي ان طرح ڪم ڪري ڏيکارين جو ملڪ گھٽ ۾ گھٽ کائڻ، پائڻ ۽ کپائڻ جي معاملن ۾ پاڻ ڀرو ٿي وڃجي ته پوءِ ڳالھ به ٺهي ٿي. نه ته هن طرح سان سڀاڻي اسان جو حال هن حال کان به وڌيڪ بدتر ٿيندو ويندو. ان ڪري جو زرعي ملڪ هوندي اسان ڪڻڪ ٻاهران ٿا گهرايون، کنڊ جي امپورٽ ٿا ڪريون. زرعي ملڪ هوندي يا لائيو اسٽاڪ هوندي سوندي اسان سُڪو کير ٻاهران ٿا گهرايون ٽيڪنالاجي وارين شين جي امپورٽ ته وري ڪو ٻيو چيپٽر آهي، پر انهن شين جي پورائي جي لاءِ زرعي سيڪٽر جا ٻج، ڀاڻ ۽ پيسٽيسائيڊس (فصلن جون ڪيڙي مار دوائون) جي لاءِ به ٻين ملڪ ڏي هٿ ٽنگي ويهي ٿا رهون، انهن بدحال حالتن ۾ ڪهڙي سياستدان تي ڀروسو ڪري ويهون ته اهي سڀاڻي ڪو ٻوٽو ٻاريندا ۽ اسان ايڪسپورٽس ۾ ڀڙ ٿي وينداسين ان ڪري ته هاڻي ڪجھ ڪنداسين ته سڀاڻي ڪجھ ٿيندو يا جيڪو پوکينداسين ته سڀاڻي لڻنداسين.
حيرت اها به آهي جيڪو ملڪ پاڻ ايٽمي طاقت هجي اهو هڪ ڪار به نه ٺاهي سگهي، جنهن ملڪ جا ايٽم بم ڌرتي کان ڌرتي تائين وار ڪري سگهن، اهو ملڪ پنهنجي فرج، ٽي وي (ايل سي ڊي يا ايل ئي ڊي) به نه ٺاهي سگهي يا جي ٺاهي ته ان جي اهڙي وارنٽي ۽ گارنٽي هجي جو پنهنجي ملڪ جا ماڻهو به استعمال نه ڪن جو انهن جي ڪوالٽي چائنا جي ٿرڊ ڪلاس شين کان به گھٽ هجي (ان ڪري ته چائنا جون فرسٽ ڪلاس پروڊڪشن يا تيار ٿيل شيون ته يورپ ۽ باقي انگريز ملڪن ۾ به کپن ٿيون ڇو جو چائنا جي شين جي مارڪيٽ ته اتي به گھڻي آهي، ان ڪري اسان وٽ به اهي سڀ ٽيڪنالاجيون ۽ حرفتون حاصل ڪري سگهجن ٿيون، ائين جيئن اسان ايٽمي طاقت بڻياسين، تيئن اسان سڀ زرعي آلات به ٺاهي جوڙي سگهون ٿا. ڪاريون، بسيون ۽ آءِ ٽي پروڊڪشن به آڻي سگهون ٿا، پر اسان جا حڪمران الائي جي ڪهڙي ڀنور ۾ ڦاٿا پيا آهن جو ڳالھ سمجھ ۾ نٿي اچين، هڪڙا ڪوڙ هڻي لهن ٿا ته ٻيا وري چڙهن ٿا. جڏهن اهي ڪرسي تي هجن ٿا ته سمجهون ٿا اهي سڀني کان ڀلا آهن، پر جڏهن لهي ٿا وڃن تڏهن خبر ٿي پئي ته اهي سڀني کان وڌيڪ ڪوڙا هئا، انهن ڪرپشن جا نوان داستان لکي پنهنجي حڪومت جا زور مس ڪري ساڍا ٽي سال ڪڍيا، جنهن جا نتيجا هر ايندڙ سرڪار کي نه پر هن غريب عوام کي ڀوڳڻا ٿا پون. ان ڪري ته گھڻي قرض وٺڻ سان جهڙي طرح ملڪ جي معاشي حالتن جو حال بدترين ٿو ٿئي، اهڙي طرح ملڪي نظام ۽ ڪاروهنوار به ڪنهن اونهي کڏ ۾ وڃي ٿا پون. ان ڪري ملڪ سان سچائي هڪ زبردست عمل آهي جنهن سان عوام به ڪنهن مصيبت ۾ نٿو ڦاسي، پر سياستدان رڳو ڪرسي جي تاڙ ۾ ٿا رهن، جنهن سان انهن جي نيتن کي ماپي سگهجي ٿو.
اها ڳالھ به منجهائي ٿي ته 1980 کان وٺي 1990 تائين واري سڄي ڏهاڪي ۾ اسان جي ملڪ جي (جي ڊي پي) جي ڪل پيداوار 15 کان 18 سيڪڙو مس وڌي هئي، ان وقت جي حڪمرانن پنهنجون ڪوششون وٺي ملڪي پيداوار ۾ بهتر تناسب رکيو، ان ڪري جو ان وقت ايتري امپورٽ نه هئي جيتري هاڻي آهي، معنيٰ وڏن ماڻهن جي سوٽن بوٽن کان وٺي، آفيسن جي کير کنڊ تائين يا وڏن اسٽورن جي رکيل سامان ۾ 80 کان 90 سيڪڙو سامان ته رڳو يونيليور ۽ پروڪٽر اينڊ گيمبل جو رکيل آهي، جنهن ۾ اسان جو ڪمال اهو ته اسان رڳو سروس سيڪٽر ۽ ڊسٽريبيوشن سيڪٽر جي حد تائين رهجي ويا آهيون. اسان جيڪي به پئيسا ڪمايون ٿا ان مان 80 سيڪڙو انهن اسٽورن ۾ رکيل سامان جي عيوض انهن ٻاهرين ڪمپينن جي کيسي ۾ وجھي پاڻ ٺلها ٿي نڪري ٿا اچون. جي اهو حال رهيو ته ويجهڙ ۾ اسان وٽ مهانگائي جو ايڏو وڏو طوفان ايندو جو ڪڪڙ به هزارين رپين ۾ ملندو، ماڻهو اٽي جي لپ جي لاءِ سِڪندا، ان ڪري جو اسان رڳو ڪاغذي ترقي ڏيکاري آهي، باقي سڀ ڪجھ لئو مٽئو ڪريو ويٺا آهيون. هاڻي ان ڳالھ جي لاءِ سڀني کي ڏوهي قرار نٿو ڏئي سگهجي، پر آءِ ايم ايف جا اهي فنڊنگ وارا پئسا (معنيٰ شروع کان ئي جيڪي جنرل ايوب جي دور کان وٺڻ شروع ڪيا هئن) ته ان وقت جيڪا فنڊنگ ٿيندي هئي اها صنعتي يونٽن جي لاءِ، بجلي جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ، ننڍيون ننڍيون فيڪٽريون هڻڻ جي لاءِ آءِ ايم ايف وٽ هڪ ٽائيم وارا پيڪيج هوندا هئا، جنهن ۾ طئي هوندو هو ته آءِ ايم ايف روز روز فنڊنگ نه ڪندي. ان مان اها به مراد هوندي هئي ته هڪ دفعو سيڙايل پئسن مان اڳتي جي واڌ ويجھ پاڻ ڪيو ۽ انهن ننڍن ننڍن يونٽن مان وڏيون وڏيون صنتعون ٺاهي ڏيکاريو، پر اسان وٽ جيئن سياست جو زور آيو، جيئن صنعتي ترقي ٿي، جيئن ماڻهن ۾ پئسي زور ڏنو يا اربنائيزيشن وڌي ته حڪومتون به ڪرپشن تي لهي آيون، انهن پنهنجا پنهنجا پير پختا ڪرڻ جي لاءِ وسان نه گھٽايو، ايئن پوءِ مشرف وري پ پ کي ڏکيو ڪري حڪومت ڏني يا پ پ وري جڏهن نون ليگ کي وارو ڏنو ته حالتون اڳ کان خراب هيون يا نون ليگ جي مٿان وري جڏهن پي ٽي آءِ آئي ته انهن وري پنهنجي نئين پاڪستان واري نئين ڪرپشن جي سائنس هلائي جو نون ليگ تائين پڄندي پڄندي اها 2018 واري مهانگائي وري سئو سيڪڙو تي وڃي پهتي، معنيٰ پيٽرول ۾ ٽي سئو کان به مٿي اضافو ٿيو جيڪو جهڪو نٿو ٿئي، باقي کير کنڊ، اٽي لٽي يا ڪرائي ڀاڙي جو ته ڪاٿو ئي ناهي، جيڪي پڻ 100 سيڪڙو جي واڌ کان به وڌي ويا آهن، ان ڪري جيڪڏهن هن حڪومت به الزامن ۾ وقت وڃايو ته حالتون وري ڪنٽرول مان نڪري وينديون ۽ پوءِ ملڪ سنڀالڻ مشڪل ٿي پوندو.