ڊاڪٽر ذوالفقار سيال صدارتي ايوارڊ يافته ليکڪ نثر ۽ نظم ٻنهي ۾ هڪ ئي وقت لکندڙ آهي، ٽيهن کان مٿي ڪتاب سندن ڪريڊٽ تي آهن، هن پنهنجي لکڻين ۾ جيتري اهميت تحقيق، مضمون، ڪالم ۽ ڪهاڻيءَ جي صنف کي ڏني آهي، اوترو ئي انگ شاعريءَ جي ڪتابن جو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مطلب هو هڪ ئي وقت نثر نگار آهي ته شاعر پڻ، پر سندس وڏو پورهيو ٻالڪ ادب ۾ نظر اچي ٿو، اچو ته هن سلسلي ۾ کانئن ڪي سوال ڪريون.
سوال 1: ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ننڍپڻ، تعليم ۽ ادب ڏي رغبت بابت مختصر ٻڌايو؟
جواب: عام شاگردن وانگر منهنجو ننڍپڻ ڳوٺن ۽ شهرن ۾ گذريو آهي، اسڪول جي زماني کان ٻارن لاءِ لکڻ شروع ڪيم، جو پاڻ ٻار هئس، اسڪول ۾ تقريرون به ڪيم ۽ انعام ملندا هئا، ان وقت ”گلن جهڙا ٻارڙا“ ۽ ”ٻارن جي ٻاري“ جا صفحا نڪرندا هئا. بعد ۾ ٻنهي نالن سان ٻارن جون تنظيمون ٺهيون، مان ”ٻارن جي ٻاري“ ۾ شامل هئس ۽ ڊويزنل آرگنائيزر هئس، ان وقت جي ٻارن لاءِ صفحن، گل ڦل ۽ ٻين رسالن ۾ لکندو هئس، ان طرح سان منهنجي ادب ۾ ”انٽري“ ٿي ۽ مان اڄ ڏينهن تائين ٻارن لاءِ لکان پيو. تعليم، ايم بي بي ايس ۽ ڪيترن ئي سبجيڪٽن ۾ ڊپلوما آهي، بعد ۾ 2014ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي (سنڌي ادب) ۾ ڪيم، مان ننڍي هوندي کان اڄ ڏينهن تائين، ڪتاب پڙهندو آهيان ۽ مون وٽ هڪ تمام وڏي لائبريري آهي، جيڪا مون پنهنجي ماءُ پيءُ ”امان حاجياڻي، محمد خان سيال“ لائبريري جي نالي سان پنهنجي ڳوٺ فريد آباد تعلقي باقراڻي ۾ قائم ڪئي آهي.
سوال 2: ٻاراڻي ادب ۾ پهرين ڪهڙي تحرير ڇپي؟ ۽ ان وقت توهان جا احساس ڪهڙا؟
جواب: منهنجون تحريرون ان وقت هلال پاڪستان اخبار جي ٻارن لاءِ صفحي ”گلن جهڙا ٻارڙا“ ۽ عبرت اخبار جي صفحي ”ٻارن جي ٻاري“، رسالي گل ڦل ۾ ڇپبيون هيون ۽ مان انهن اخبارن ۽ رسالي جو انتظار ڪندو هئس، وقت تي اخبار ۽ رسالو فوري طور تي اسٽال تان وٺندو هئس، ڪچين ڦڪين لکڻين تي ڏاڍو خوش ٿيندو هئس، ان وقت ادب جي سکيا جو دور هو ۽ مان سکندو رهيو آهيان، اڃان تائين سکان پيو.
سوال 3: هلندڙ وقت ۾ سنڌي ٻالڪ ادب جي ڪابه اخبار ٻارن جو صفحو نه پئي ڪڍي ۽ نه ئي ڪي خاص رسالا آهن، نه حڪومت طرفان ٻارن جي ادب جي واڌاري لاءِ ڪي قدم کنيا وڃن پيا سڀ ٻارن جي ادب جا ليکڪ پنهنجي ذاتي ذوق ۽ شوق سان انفرادي طور ڪتاب لکي ڇپرائين ٿا ڇا اهڙي صورتحال ۾ اسان جو ٻارن جو ادب ترقي يافته ٿي سگهي ٿو؟
جواب: ٻارن جو ادب اسان جي ملڪ ۾ يتيم آهي، ڪوبه هن پاسي ڌيان نٿو ڏئي نه وري ڪو ادارو يا تنظيم ان کي پروموٽ ڪري ٿي، پاڪستاني سڀني ٻولين جو ساڳيو حال آهي، ٻارن لاءِ لکجندڙ ادب جو ڪوبه والي وارث ناهي، افسوس اهو جيڪو ماضيءَ جو حصو ٿي ويو. اسان جا ڪيترائي اديب ان ريفرنس تي زنده رهڻ چاهين ٿا، ڪيترن اديبن ٽيهن سالن کان ٻارن لاءِ ادب ناهي لکيو، پر اهو اڄ به ٻارن جا اديب سڏائين ٿا ۽ پنهنجي گروهه بندي جي ڪري ٻارن لاءِ ٿيندڙ ادبي سيمينارن جون صدارتون به ڪن ٿا، جڏهن ته ٻارن لاءِ لکندڙ اديبن کي دعوت ئي نٿي ڏني وڃي، هتي ادارن ۾ سرڪاري، درٻاري، اديب ويٺا آهن، جيڪي بدديانتي جو مظاهرو ڪندي ٻارن لاءِ لکندڙ اديبن کي ڌڪي پوئتي ڪن ٿا ٻارن جي ادب کي پروموٽ ئي نٿا ڪن، ادب جي ترقي يافته ٿيڻ ليکڪن جي محنت سان ئي آهي، اسان پنهنجو ڪم ڪريون ٿا اوهان به پنهنجو ڪم ڪيو. ڪنهن”گروهه“ جي پرواهه نه ڪريو، سرڪار جي درٻار اوهان کي ۽ ادب کي نه روڪي سگهندي، ها ان ۾ ڪو به شڪ ناهي سڀئي ذاتي طور پنهنجي حصي جو ڪم ڪن ٿا ۽ انهن کي اهو ڪم جاري رکڻ گهرجي. باقي حال اهو آهي ته سنڌي زبان ۾ منه
نجا ٻارن لاءِ 16 ڪتاب ڇپيل آهن، پر ساڙ، حسد ۽ گروهي وابستگيءَ جي ڪري حڪومتي ادارا ٻارن لاءِ ٿيندڙ سيمينار ۾ مون کي دعوت ئي ناهن ڏيندا ۽ هڪ ڪتاب لکندڙن کان صدارتون ڪرائيندا ۽ انعام ڏيندا آهن. پاڪستان جي ڪنهن به زبان سنڌي، پنجابي، پشتو، بلوچي، سرائيڪي ۽ اردوءَ ۾ ڪهن به هڪ شاعر جو نالو ٻڌايو جنهن جا ٻارن لاءِ سورنهن ڪتاب ڇپيا هجن؟
سوال 4: سنڌي پڙهندڙ ٻارن جو انگ تمام وڏو آهي، پر انهن جي پڙهڻ لاءِ ٻارن جو ادب ميسر ڪونهي، ڇا توهان انهيءِ ڳالهه سان متفق آهيو؟
جواب: هينئر ٻارن لاءِ ادب ۾ وندر جا نوان گس ۽ موضوع آيا آهن، سڄي دنيا ۾ ٽيلي فلمون ۽ ڊراما ٺاهن ٿا. آڊيو ۽ وڊيو هن دور جون الڳ ضرورتون آهن. اسان وٽ سائنسي سکيا ۽ جديد ضرورتن تحت ٻارن جي وندر ۽ ذهني آبياري نٿي ڪئي وڃي، ڪي اديب ذاتي طور اهو ڪم ڪري رهيا آهن، سڀني کي سٺي وقت جو انتظار آهي. اهڙو وقت ضرور ايندو جو سنڌي ٻارن لاءِ لکجندڙ ادب کي همٿايو ويندو ۽ هتي به دنيا وانگر ”آڊيو وڊيو“ لائبريريون قائم ڪيون وينديون، اميد رکڻ گهرجي ۽ ايئن ضرور ٿيندو.
سوال 5: ڊاڪٽر صاحب منهنجي خيال مطابق اسان وٽ جيڪو به ٻالڪ ادب ڪتابي صورت ۾ ڇپجي رهيو آهي اهو گهڻي ڀاڱي نظم آهي ۽ ٻيو ڏهن سالن تائين جي عمر جي ٻارن لاءِ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، انهيءَ کان وڌيڪ عمر جي ٻارن يعني ارڙهن سالن تائين جي لاءِ ٻالڪ ادب نه هئڻ برابر آهي توهان جو ڇا خيال آهي؟
جواب: ادب ۾، شاعري وڌيڪ مقبول آهي، ان ڪري آڪسفورڊ، ڪئمبرج کان وٺي ٻيا ادارا پنهنجي ٽيڪسٽ لاءِ خاص ڪتاب لکرائيندا ۽ پڙهائيندا آهن، هتي ٽيڪسٽ بڪ بورڊ وارا سفارشين، گروهن، ”منشين“ کان ڪتاب ترتيب ڏيارين ٿا. جنهن جو معيار انتهائي گهٽ ۽ ناقص آهي، ڪتاب ڇپائڻ تي انهن کي ڪميشن ۽ مواد کي شامل ڪرڻ تي سنگت کي راضي رکڻو ٿو پوي، اوهان حيران ٿيندا ته منهنجي هيترن ڪتابن مان، منهنجو ٽيڪسٽ بڪ ۾ ڪو به نظم شامل ناهي، ۽ ”منشين“ جي دوستن جا نظم آهن جن ٻارن لاءِ ادب تي ڪوبه ڪم نه ڪيو آهي، پنهنجو هڪ اڌ نظم لکي ٽيڪسٽ بڪ ۾ شامل ڪرايو آهي، عمر جو اهو حصو يا ورهاست ٽيڪسٽ جي ڪتابن سان واسطو رکي ٿي، جنهن تي ڪم ٿيڻ گهرجي ۽ ٽيڪسٽ کي جديد تحقيق ۽ سائنس کي عام ڪرڻ گهرجي، جو هينئر دنيا گڏجي وئي آهي.
سوال 6: اسان جي قومي ادارن جو ڪم هن ڏس ۾ اطمينان جوڳو آهي؟
جواب: اها به اسان جي بدبختي آهي جو ادبي ادارن ۾ گروهي ۽ سياسي وابستگي آهي، جيڪي جنهن مقصد لاءِ آيا آهن، اهي پنهنجو ڪم ان ريت ڪن ته بهتري ايندي. سڄاڻ حلقن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ انهن ادارن جي مانيٽرنگ ڪرڻ گهرجي.
سوال 7: ٻارن جي لاءِ پنهنجو پيغام ڏيو.
جواب: هينئر سائنسي دور ۾ ٻارن لاءِ وڌيڪ ڌيان ۽ محنت جي ضرورت آهي، اسان جي ادب ۾، اهي موضوع ٿا لکيا وڃن جيڪي هاڻي ختم ٿي چڪا آهن يا اختتام پذير آهن، ٻارن کي هينئر ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جديد ٽرمينالاجي ڏانهن آندو وڃي، انهن کي هن اليڪٽرانڪ دور ۾ جديد گهرجن ۽ سبجيڪٽن مطابق تعليم ڏني وڃي، اهو ان دور جي وڏن لاءِ پيغام آهي، باقي ٻارن کي پڙهڻ، پڙهڻ، پڙهڻ گهرجي. جو چٽا ڀيٽيءَ جي هن دور ۾ انهن جو مقابلو جديد دنيا سان آهي ۽ دنيا سان مقابلو ڪري اڳتي وڌڻو آهي ۽ پنهنجو پاڻ مڃائڻو آهي، جيڪا ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي، هينئر ڪمپيوٽر جو دور آهي، ان طرف وڌڻ گهرجي.