ايڊيٽوريلنئون

سنڌ صوبي ۾ پهرين ٽرانس جينڊر ايجوڪيشن پاليسي

            سنڌ جي تعليم جي شعبي جي هڪ پڌرائي مطابق وزير تعليم سيد سردار علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيڻ واري اجلاس ۾ پاڪستان جي پهرين ٽرانس جينڊر ايجوڪيشن پاليسي جو مسودو منظور ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ اها ڳالهه  به ڪئي وئي ته 2023ع جي آدمشماري مطابق ملڪ ۾ ٽرانس جينڊر ماڻهن جو تعداد 20331 جڏهن ته سنڌ ۾ انهيءَ آدم شماري تحت 4222 ماڻهو ٽرانس جينڊر ڪميونٽي سان تعلق رکن ٿا. جيئن ته اسان جو سماج پنهنجي ارتقا ۾ بهتري جي سفر ۾ آهي، تڏهن اهو ممڪن ٿي سگهيو آهي جو صوبائي سرڪار اهڙا فيصلا ڪري رهي آهي. اسان جي صوبي، اسان جي ملڪ ۽ سڄي دنيا ۾ ماڻهن ۾ جنس جي بنياد تي نفرتن کي ختم ڪيو ويو آهي اها ساراهه جوڳي ڳالهه آهي. عالمي ادارا به انهيءَ سلسلي ۾ اسان جي ملڪ جي انهن ادارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن جيڪي ماڻهن جي جنس جي بنياد تي تفريق نٿا ڪن.

            يونيسڪو جيڪو اهم عالمي ادارو آهي اهو انهيءَ سلسلي ۾ اڳواٽ ئي اسان وٽ ڪم ڪري رهيو آهي، انهيءَ اداري جي مدد سان ملتان ۾ ٽرانس جينڊر ماڻهن جي فني تربيت ٿي رهي آهي. پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي سماجي تفريق کي منهن ڏيندڙ ٽرانس جينڊر فردن لاءِ پهرين سرڪاري اسڪول جو قيام انهن جي زندگي بدلائڻ جي طرف اهم قدم آهي. هاڻي ان اسڪول ۾ فني تربيت جي ذريعي انهن کي معاشري ۾ هڪ بهتر مقام حاصل ڪرڻ لاءِ مدد ڏني پئي وڃي. پنجاب صوبي جي جنوبي شهر ملتان ۾ قائم انهيءَ اسڪول ۾ ٽرانس جينڊر ماڻهو رسمي تعليم سان گڏ جديد طريقن سان لباسن جي سلائي، کاڌا ٺاهڻ، بيوٽي پارلر هلائڻ، مارڪيٽنگ ۽ ڪمپيوٽر جي پيشه ورانه تربيت حاصل ڪري رهيا آهن. انهيءَ قدم جي ڪري اهي محفوظ ماحول ۾ پنهنجي ئي صنف سان تعلق رکڻ وارن تربيت يافته استادن کان سکڻ ۽ با وقار روزگار جا موقعا حاصل ڪري سگهيا آهن. ٽرانس جينڊر ماڻهن لاءِ ان اسڪول جو بنياد ڏکڻ پنجاب جي تعليم جي محڪمي ڪيو آهي. جڏهن ته تربيت جي پروگرامن لاءِ اقوام متحده جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي اداري يونيسڪو جي مدد حاصل آهي. ملڪ ۾ ٽرانس جينڊر ماڻهن جو وڏو تعداد صنفي بنياد تي نفرت جو شڪار آهي ۽ انهيءَ جي ڪري اهو بهتر روزگار جي موقعن کان محروم رهي ٿو ۽ اهڙن گهڻن ماڻهن کي انهن جا خاندان به قبول نٿا ڪن. انهن کي حراساني، تشدد ۽ مشڪل معاشي حالتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هتي اسين ضرور اها ڳالهه ڪنداسين ته انهن ماڻهن پنهنجن حقن جي تحريڪ پاڻ هلائي آهي، ٽرانس جينڊر جي قانوني حيثيت، رهائش، روزگار، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ انهن سان امتيازي سلوڪ ۽ تشدد کي ختم ڪرڻ لاءِ انهن پهريون دفعو 1952ع ۾ تحريڪ هلائي. پهريون دفعو آمريڪي رياست ورجينيا ۾ هڪ رسالو شايع ٿيو “جرنل آف دي آمريڪن سوسائٽي فار ايڪويليٽي ان ڊريس” انهيءَ ڏينهن کانپوءِ رياست متحده آمريڪا ۽ دنيا ۾ ڄڻ ٽرانس جينڊر جي حقن جي تحريڪ جي شروعات ٿي. دنيا ۾ جيئن ته حڪمراني جبر جي هٿيار هيٺ ٿيندي رهي آهي. اشرافيه جي زير انتظام ادارا معاشرن کي فرقي وارانه بڻائين ٿا ۽ جنسي تفريق به کڻي اچن ٿا. انساني سماج ۽ انهن جي ارتقا جي سامهون ڪابه طاقت بيهي نٿي سگهي. هاڻوڪي دور ۾ ماڻهن جي وچ ۾ صنفي امتياز نٿو هلي سگهي، تڏهن ته سنڌ جي تعليمي واري وزارت انهيءَ سلسلي ۾ فيصلو ڪيو آهي.

            اها ڪيتري نه اهم ڳالهه آهي ته سنڌ صوبي جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي داخلا فارمن ۾ مرد ۽ عورت جي خاني سان گڏ ٽرانس جينڊر ٻارن لاءِ به خانو شامل ڪيو ويو آهي ۽ اسڪولن جي استادن جي ڀرتين جي دوران نوڪرين واري ڪوٽا ۾ به انهن جو حصو مخصوص ڪيو ويو آهي. ها اهو ضرور چئبو ته انهيءَ پاليسي کي قانوني حيثيت ڏيڻ لاءِ انهيءَ جي منظوري ڪابينا کان ورتي ويندي. هتي اسين سنڌ جي تعليم واري شعبي جي انهيءَ قدم جي آجيان ڪريون ٿا ۽ اهو مطالبو ٿا ڪريون ته ٽرانس جينڊر جي تعليم لاءِ انهيءَ کي ڪابينا مان منظور ڪرائي ۽ صوبائي اسيمبلي مان قانوني حيثيت ڏياري صنفي امتياز ختم ڪيو وڃي.