نئون

متحده جي شڪايتن کي دور ڪرڻ لاءِ حڪومتي وفد اڄ ملاقات ڪندو

 

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي طرفان حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي اعلان کانپوءِ حڪومت متحده قومي موومينٽ کي پرچائڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون ۽ حڪومت ايڪشن ۾ اچي وئي. ان حوالي سان وزيراعظم عمران خان اهم رهنمائن اسد عمر، جهانگير ترين ۽ پرويز خٽڪ کي هدايتون ڏنيون آهن. وزيراعظم جي هدايت تي اسد عمر جي اڳواڻي ۾ وفد ايم ڪيو ايم جي قيادت سان اڄ ملاقات ڪندو.