ڪمري ۾ مڇرن کان خبردار ڪرڻ واري ليزر تيار

جيڪڏهن توهان ڪمري ۾ مڇرن کي ٻين طريقن سان مارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو ته هاڻي هڪ نئون گهريلو ليزر نظام توهان جي مدد ڪري سگهي ٿو. هن نظام هيٺ ڪمري ۾ آواره گردي ڪندڙ مڇرن جو جلد ئي پتو لڳائي سگهجي ٿو، جتي اک ڏسڻ کان قاصر هجي اتي به ان جو پتو لڳائي سگهجي ٿو. هن نظام تحت مڇرن کان بچاءُ ڪري انسان ڪيترين ئي بيمارين کان پنهنجي جان محفوظ ڪري سگهي ٿو. اسرائيل جي هڪ اسٽارٽ اپ ڪمپني بزيگو جو هي سادو نظام انفرا ريڊ LED، انفرا ريڊ وائيڊ اينگل ڪئمرا ۽ هڪ مائيڪرو پروسيسر تي ٻڌل آهي. ان جي جان هڪ ڪمپيوٽر ويزن (اليڪٽرانڪ بصري الگوريٿم) آهي جو ڪنهن مک، مڇر يا ڪمري ۾ اڏندڙ مٽيءَ جي ذرن ۾ فرق ڪري سگهي ٿو. ان جو اندازو مختلف شين جي حرڪتن جي بنياد تي لڳائي سگهجي ٿو. ايتري حد تائين جو بزيگو مڪمل اونداهي ۾ به ڪم ڪري سگهي ٿو. جيئن ئي ڪمري ۾ مڇر نظر ايندو هي سمارٽ فون تي اطلاع ڏئي ٿو ۽ جيڪڏهن مڇر ويٺل هوندو ته ان جاءِ جي نشاندهي به ڪري ٿو. هاڻي چاهيو ته توهان خود ان مڇر کي ماريو يا وري اسپري ڪري ان کي ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪريو. رات جي ڪنهن به وقت ڪوبه جيت يا مڇر ڪمري ۾ گهڙي اچڻ تي هي ان جي نشاندهي ڪري ٿو. ڪمپني جو چوڻ آهي ته اڳئين مرحلي ۾ ليزر کي ان قابل بڻايو ويندو ته مڇر کي اتي ختم ڪري سگهجي.