بلاگنئون

پنهنجي عمر کان مٿڀرو ڳائيندڙ شڪيلان نون

ٿر جي صحرا جي سدا مَلُوڪ شھر اسلام ڪوٽ، جنهن کي هِتي جا رهاڪُو (سَلاڻُون) ڪري ڪوٺيندا آھن، وڻج واپار جي حساب سان شاهوڪار هِن شھر کان اُتر ۽ اوڀر طرف ڪُنڊ تي تقريبن 25 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي نُون برادري جا ٻه وڏا ڳوٺ نالي “سِينگارو نُون” ۽ “رانجهو نُون” موجود آھن. هِتي هنن ڳوٺن ۾ اسان جا ڪافي سارا دلبر دوست رهن ٿا. انهن محبوب يارڙن سان گڏ ھڪ اهڙو مڻيادار ماڻھو رهندو آھي، جيڪو آرٽ، ادب ۽ موسيقي بابت سرس ڄاڻ رکي ٿو، ھُو عِلمي ادبي توڙي تاريخ تي ٻڌل ڪتابن کي پڙھندو رهندو آھي، مگر خاص ڪري شاعريءَ جا ڪتاب وڏي شوق ۽ چاھ مان پڙھندو آھي، ھُو جيڪو پيشي جي لحاظ کان ته پرائمري ماستر آھي، مگر ھُن جون ڳالهيون، ھُن جِي گُفتگُو ۽ ھُن جي ڳالهائڻ جو انداز بيان ڪنهن عالم يا مُفڪر کان گهٽ ناهي، ھُو جڏھن به پنهنجي ڄاڻ خزاني مان ڳالهين جي ڳوٿرين جون ڳنڍُيون کوليندو آھي ته ڪچهري ۾ ويٺل مڙني مانوارن ماڻھن جو نه رڳو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇِڪائيندو آھي، مگر گهڻو ڪُجھ سِکڻ ۽ پِرائڻ لئه پُڻ پلئه پوندو آهي، يقين ڪريو هِن سُھڻي شخص سان هڪ ڀيرو جنهن جو پُڻ مُکا ميلو ٿيو ھُوندو، اهو ٻيهر ملڻ جي آس ۽ اُميد سِيني ۾ سانڍي موڪلائڻ بعد سِڪ ۽ ڇِڪ جي اندر ۾ اُڻ تُڻ ضرور ٿيندي هوندي. هِن مُحبتي ۽ مانواري سائين کي محمد سليم نون جي نالي سان سڄي سنڌ سُڃاڻي ٿي، سائين سليم نون سان مُنهنجي پَهرين ملاقات ته الاهي ڪڏھن ۽ ڪٿي ٿي ھُئي اهو جاءِ ۽ وقت چِٽي طرح ياد ناهي مگر ايترو ضرور ياد آھي ته سائين جن سان رابطن جا ريشمي ڌاڳا ويهارو سالن کان ڳنڍيل آھن، ريڊيو پاڪستان مٺي جو اُهو شروعاتي ۽ عروج واري دور کان اسين هڪ ٻئي کي سُڃاڻندا آھيون، انهن ڏينهن ۾ ريڊيو مٺي تان نشر ٿيندڙ عِلمي ادبي پروگرامن کي نه رڳو دل جي ڪنن سان ڪنائيندا هئاسين، مگر خطن وسيلي شامل پُڻ ٿيندا هئاسين. اڄڪلھ جيڪو پُڻ ڪُجھ لکون ٿا انهيءَ ۾ ريڊيو مٺي جو وڏي ۾ وڏو هٿ آھي، انهن عِلمي ادبي پروگرامن مان اسان گهڻو ڪُجھ سکيو ۽ وڏي ڳالھ ته ان ڏينهن کان اڄوڪي ڏينهن تائين رابطن ۾ ڪو ڊگهي وڇوٽي ناهي آئي.
هڪ پڙھيم لکيل گهراڻي سان تعلق رکندڙ سائين سليم نون جي گهر ۾ هڪ اهڙي هستي جنم ورتو آھي، هڪ اهڙي سدا مَلُوڪ نِياڻي جو جنم ٿيو آهي، جنهن جون صدائون، جنهن جا آلاپ، جنهن جون مورن جي ٽھُوڪن ۽ ڪوئل جي ڪُوڪ جهڙو مَڌُر آواز نه رڳو سينگارو ۽ سَلاڻِي جي سِيمن تائين يا ٿر جي ڀُورين ڀِٽُن تائين محدود آھي، مگر سَموري سنڌ ۾ سندس آواز جي هاڪ آھي ۽ کيس سڀني ساڻيھ واسين جيءُ ۾ جايون ڏنيون آھن.
23 مارچ 2002ع تي هِن سادڙي، سٻاجهڙي ۽ سُھڻي سڀاويڪ شخص سائين محمد سليم نون جي گهر ۾ اک کوليندڙ ننڍڙي شڪيلان نُون جيڪا چئن ڀيڻن جي هڪڙي سڪيلڌي ۽ دادلي ڀيڻ آھي ھوءَ سڳي ڀاءُ جي خال کي ڀريندي اسان جهڙن کي ئي پنهنجا سڳا ڀائر سمجهندي آھي. شڪيلان پنجن سالن جي عمر ۾ ٿر جي ڪوئل مرحُومه فوزيه سومرو وانگر گهر جو ڪم ڪار ڪندي پاڻ مُرادو، پنهنجي مُنهن گيت جهونگاريندي رهندي ھُئي ۽ ٻيو ته ديني تعليم حاصل ڪرڻ دوران ھوءَ مدرسن ۽ مسجدن ۾ حمد، نعتون وغيره پُڻ پڙھندي ھُئي ۽ اسڪولن جي مختلف پروگرامن ۾ پڻ شوق سان حصو وٺندي ھُئي. ان کانسواءِ مُلڪ جي قومي ڏهاڙن تي پُڻ گيت وغيره جهونگاري کوڙ سارو داد وصول ڪندي هئي. ھُن جي هيءَ عمر ته هڪ جيڏين سان گُڏيون ٺاهي راند روند ڪرڻ جي ھُئي، هيءَ عمر ڪو ڳائڻ وڄائڻ جي ڪونه ھُوندي ھُئي، مگر ٻاروتڻ وارا شوق ڪڏھن ڪڏھن ايئن ئي سچا ثابت ٿيندا آھن جيئن هن ننڍڙي شڪيلان پنهنجي ننڍي ھُوندي واري شوق کي ڪهڙي طرح ڪامياب ڪيو آھي، ھُن جي اندر ۾ اهو ننڍي ھُوندي کان ئي شوق ته ھُو، مگر ھُن جي اندر ۾ هڪ آرٽسٽ، هڪ ڪلاڪاره واري سوچ اڳ ۾ ئي موجود ھُئي، جيڪا خدا پاڪ پاران مليل قدرتي ڏات ھُئي جنهن سان ھُو ايترو اڳتي اچي نڪري جو گهڻن کي ڏندين آڱريون اچي ويون. ھُو پنهنجي ڏات سان پنهنجي ڪم سان کوڙ سارو پيار ڪري ٿي، هِن وقت ڏات سان گڏ ڏانءُ کي حاصل ڪرڻ لئه ھوءَ مسلسل ڪوششن ۽ محنتن ۾ هر وقت هر لمحي مصروف نظر اچي رهي آھي. هن باقائده سِکڻ لئه ڪو استاد ناهي ڪيو، مگر سندس والد ئي کيس مدد ۽ سهڪار ڏئي اڳتي وڌڻ جي همت ڏئي رهيو آهي ۽ ڪڏھن ڪڏھن استاد سوڍي جوڳي وٽ ڪُجھ وقت ضرور سکڻ لئه ويندي آھي.
هونئن ڏٺو وڃي ته پنهنجي معاشري ۾ خاص ڪري اسان جي هن ٿر واري پاسي نياڻين جو انهيءَ شوبز واري فيلڊ ۾ اچڻ ڏاڍو مُشڪل آھي، انهن کي هزارين رڪاوٽون سامهون اچن ٿيون، انيڪ سارا مسئلا ۽ معاملا ماڻھو کي مُنجهايو ڇڏين ٿا. سو هِن ننڍڙي ادڙي شڪيلان کي پُڻ ايترو اڳتي نڪري اچڻ لاءِ ڪيترائي انڪاري سوال اُٿيا هوندا ۽ بنھ گهڻي تعداد ۾ ماڻھن مخالفت ڪئي ھُوندي، مگر شڪيلان پنهنجي هِمت نه هاريندي سَمورين رڪاوٽن جون زنجيرون ٽوڙي اڄ انهيءَ مقام تي پُڳي آھي جيڪو انهيءَ ٿورڙي وقت ۾ گهڻن کي حاصل ڪونه ٿي سگهيو آھي. انهيءَ جو ڪارڻ صرف هڪ سندس پيءُ سائين سليم نون جون همت افزايون ۽ ڪاوشون آھن، جنهن جي اُتساھ ئي سندس دادلي ڌيءَ کي هن منزل ۽ مقام تي پُڄايو آھي، انهن ٻنهي پيءُ ۽ ڌيءَ جي همتن، محنتن ۽ ڪاوشن کي ڪنهن شاعر هينئن اتساھيو آھي:
نه هاڻي منزلون پري اي سرفروش ساٿيو،
اِجھو هي ڪوٽ ڪوڙ جا ڀڃي ڀُري ڪِري پيا
اِجھو هي ڏاڍ جا ڏِيا ڏڪِي ڏڪِي ڏرِي پيا
اوهان جي همتن اڳيان وڏا وڏا جُهڪِي پيا.
ڏَهين درجي تائين تعليم حاصل ڪندڙ اسان جي هن ادڙي شڪيلان نون کي قدرت واري ڏات سان گڏ آواز پُڻ اهڙو سُھڻو ۽ سُريلو ڏنو اٿس، سندس آواز جي ڪلا ۾ اهڙو ته جادو رکيو اٿس، سندس گلي ۾ ڪوئل جي مٺڙي ٻوليءَ جهڙو اهڙو ته مٺاس ڀريل اٿس، جو جڏھن ۽ جتي پُڻ ڪنهن محفل موسيقي يا ڪنهن ادبي پروگرامن ۾ اسٽيج تي پنهنجي مڌُر آواز ۾ سُر وکيريندي آھي ته نه رڳو سامهون ويٺل اُٿي بيهي داد ڏيندا آھن مگر سندس مٿان گُلن جي ورکا پُڻ ڪندا آھن، سوين ۽ هزارن جي تعداد ۾ سندس مداح ۽ پرستار موجود آھن، جيڪو هن ٿر ڄائي جي مٺڙي آواز کي بنھ گهڻو پسند ڪندا آھن، ھُن جڏھن به ڪنهن ادبي پروگرام، محفل موسيقي يا ٽي وي اسڪرين تي ڳايو آھي ته اُتان مايوس ٿي موٽي اچڻ بجاءِ اُهو محفل موسيقي وارو اهو مڪمل پروگرام پنهنجي نانءُ ڪرائي ايندي آھي، کيس قدرت واري اهڙن سُرن، گُرن ۽ ڏات سان نوازيو آھي.
“اهڙو منهنجو ٿر آ” ارشاد ڀٽي جو اهو مشھُور گيت پنهنجي آواز ۾ پهريون ڀيرو رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي ججهي تعداد ۾ ٻُڌي وڃڻ کان پوءِ راڳ رنگ جي دنيا ۾ باقائده پير پائڻ واري خوبصورت ڪلاڪاره شڪيلان نون جيڪا اڄ پنهنجي سُريلي آواز جي ذريعي بلندين جي تارن کي ڇُھي رهي آھي ۽ اهڙي ننڍڙي وهِيءَ ۾ ايترو اڳتي نڪري اچڻ ۽ اھڙو سُريلو ڳائڻ يقين ڪريو ته وڏو ڪم آھي ۽ سچ پڇو هر ڪنهن جي وس جي ڳالھ ناهي، پنهنجي عمر جي لحاظ کان هي ڪم الاهي وڏو ۽ مٿڀرو آھي. پنهنجي ڪچڙي وهِيءَ ۾ هيڏو خوبصورت ڳائڻ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي. مڃون ٿا!! شڪيلان کي اڃان محنت جي سخت ضرورت آھي، مگر هِن مقام تي پُڄڻ لئه پُڻ ھُن مسلسل محنت ڪئي ھُوندي ۽ محنت سان ئي ڪاميابيون قدم چُمنديون آھن.
ڪچڙي وَھِيءَ ۾ اهڙو خوبصورت ڳائيندڙ شڪيلان نُون 2020 ۾ سنڌ ثقافت کاتي پاران مرحُومه فوزيه سومرو جي ياد ۾ ڪرايل يادگار پروگرام ۾ پهريون دفعو اسٽيج تي فوزيه سومرو جي ڳايل گيت “اوهين ياد آيا ته ڳوڙھا ڳڙي پيا” سميت ٻيا اسم ڳائي خوب داد حاصل ڪيو هو ۽ انهيءَ کانپوءِ 2022 ۾ ڪيفي خانا بندوش تي لڳندڙ اياز ميلي ۾ محفل موسيقي ۾ نامياري شاعر اياز گل جي وائي “توکان ٿيندي ڌار، کِلندي کِلندي يار، لُڙڪ لڙي پيا لار ڪري” ڳائي نه رڳو ٻُڌندڙن جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇِڪايو، مگر اهو اسم ٻُڌڻ سان گهڻن ئي پنهنجا ڳل ڀڄايا هئا، نيڻ آلا ڪيا هئا ۽ انهن حساس دل رکندڙ ماڻھن جون اکيون برسات جيان اوهيرا ڪري وٺيون هيون. ڇو جو انهيءَ اسم کي اهڙي انداز سان ڳايو هو جو سَموري ميلي جي ڪيفيت پُڻ تبديل ٿي وئي هئي ۽ اهو هن جي ڪا آخري يا پهرين اسٽيج ڪونه هئي، مگر انهيءَ کان علاوه ٻين پُڻ ڪافي هنڌن تي پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاري چُڪي آھي، جتان سندس چاهيندڙن پاران پُڻ ڀرپُور موٽ ملي آھي.
مون کي چِٽي طرح ياد آھي ته 2021 جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ منهنجي شاعري جي پهرين ڪتاب “اکين منجھَ آڙنگ” ۽ ناليواري شاعر ايوب کوسي جي “تاريخ جو ٻاريل ماڻھُو” جي گڏيل طور مهورت تقريب جو پروگرام ٿر آرٽسٽ ڪائونسل پاران رکيو ويو هو، انهيءَ شاندار پروگرام ۾ ٻين ڪافي سارن گُلوڪارن سان گڏ شڪيلان نُون پُڻ پنهنجا ٻه کان ٽي اسم پيش ڪيا هئا اسٽيج تي اچڻ لئه جيڪا آڌرڀاءُ ٿي ۽ جيڪا موٽ ملي ھُئي انهيءَ جو بيان هتي لفظن ۾ نٿو ڪري سگهجي ۽ انهيءَ ساڳي پروگرام ۾ شڪيلان نُون کي بهترين فنڪاره جو مڃتا ايوراڊ پُڻ ھٿوهٿ ڏنو ويو هو.
استاد سوڍي جوڳي کان ٿورا گهڻي راڳ رنگ جي گُرن ۽ سُرن جي سِکيا وٺندڙ هيءَ ٿر ڄائي جڏھن اسلام آباد جي ڪنهن پروگرام ۾ يا ٽي وي اسڪرين تي پرفارمنس ڪندَي سنڌي، اردو ۽ مارواڙي (ڍاٽڪي) ۾ سُر ڇيڙيندي آھي ته سنڌ سميت اسين سندس ئي علائقي جا مارُو ماڻُھو ڏاڍي سرهائي محسوس ڪرڻ سان گڏ پنهنجو پاڻ کي ڀاڳوند ڀائيندا آھيون ۽ جڏھن هڪ ٻِي خوبصورت گلوڪاره نروڌا مالني سان گڏجي سنڌ جي نامياري شاعر سائين سائينداد ساند جا حَسين غزل جهونگاري ٿي ته دل باغ بهار ٿيو وڃي ۽ وري وري ٻُڌڻ تي مجبور ڪريو ڇڏين.
ٿر جي وارياسين ڀٽُن تي جنم وٺندڙ شڪيلان نون سنڌ جي اها اڀرندڙ گُلوڪاره آھي، جنهن پنهنجي سُريلي صدا ۽ مٺڙي آواز ذريعي نه رڳو پنهنجي شھر يا پنهنجي خطي جو نالو روشن ڪيو آھي مگر سَموري سنڌ جو نانءُ سونهري اکرن ۾ لکرايو آھي، پنهنجي پيءُ جي شفقت ڀري هٿ هيٺ پنهنجي فن ۾ مصروف رهندڙ پنهنجي فن سان بنھ گهڻو پيار ڪندڙ هن ننڍڙي لئه سموري سنڌ دعاڳو آھي ته ائين ئي پنهنجي محنت ۽ ڪوششن سان پنهنجي فن سان جُڙيل رهي، محنت ۾ مشغول رهي باقي ڪاميابيون پاڻ مرادو اچي پير چُمنديون.
***