ٿر جي صحرا جي سدا مَلُوڪ شھر اسلام ڪوٽ، جنهن کي هِتي جا رهاڪُو (سَلاڻُون) ڪري ڪوٺيندا آھن، وڻج واپار جي حساب سان شاهوڪار هِن شھر کان اُتر ۽ اوڀر طرف ڪُنڊ تي تقريبن 25 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي نُون برادري جا ٻه وڏا ڳوٺ نالي “سِينگارو نُون” ۽ “رانجهو نُون” موجود آھن. هِتي هنن ڳوٺن ۾ اسان جا ڪافي سارا دلبر دوست رهن ٿا. انهن محبوب يارڙن سان گڏ ھڪ اهڙو مڻيادار ماڻھو رهندو آھي، جيڪو آرٽ، ادب ۽ موسيقي بابت سرس ڄاڻ رکي ٿو، ھُو عِلمي ادبي توڙي تاريخ تي ٻڌل ڪتابن کي پڙھندو رهندو آھي، مگر خاص ڪري شاعريءَ جا ڪتاب وڏي شوق ۽ چاھ مان پڙھندو آھي، ھُو جيڪو پيشي جي لحاظ کان ته پرائمري ماستر آھي، مگر ھُن جون ڳالهيون، ھُن جِي گُفتگُو ۽ ھُن جي ڳالهائڻ جو انداز بيان ڪنهن عالم يا مُفڪر کان گهٽ ناهي، ھُو جڏھن به پنهنجي ڄاڻ خزاني مان ڳالهين جي ڳوٿرين جون ڳنڍُيون کوليندو آھي ته ڪچهري ۾ ويٺل مڙني مانوارن ماڻھن جو نه رڳو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇِڪائيندو آھي، مگر گهڻو ڪُجھ سِکڻ ۽ پِرائڻ لئه پُڻ پلئه پوندو آهي، يقين ڪريو هِن سُھڻي شخص سان هڪ ڀيرو جنهن جو پُڻ مُکا ميلو ٿيو ھُوندو، اهو ٻيهر ملڻ جي آس ۽ اُميد سِيني ۾ سانڍي موڪلائڻ بعد سِڪ ۽ ڇِڪ جي اندر ۾ اُڻ تُڻ ضرور ٿيندي هوندي. هِن مُحبتي ۽ مانواري سائين کي محمد سليم نون جي نالي سان سڄي سنڌ سُڃاڻي ٿي، سائين سليم نون سان مُنهنجي پَهرين ملاقات ته الاهي ڪڏھن ۽ ڪٿي ٿي ھُئي اهو جاءِ ۽ وقت چِٽي طرح ياد ناهي مگر ايترو ضرور ياد آھي ته سائين جن سان رابطن جا ريشمي ڌاڳا ويهارو سالن کان ڳنڍيل آھن، ريڊيو پاڪستان مٺي جو اُهو شروعاتي ۽ عروج واري دور کان اسين هڪ ٻئي کي سُڃاڻندا آھيون، انهن ڏينهن ۾ ريڊيو مٺي تان نشر ٿيندڙ عِلمي ادبي پروگرامن کي نه رڳو دل جي ڪنن سان ڪنائيندا هئاسين، مگر خطن وسيلي شامل پُڻ ٿيندا هئاسين. اڄڪلھ جيڪو پُڻ ڪُجھ لکون ٿا انهيءَ ۾ ريڊيو مٺي جو وڏي ۾ وڏو هٿ آھي، انهن عِلمي ادبي پروگرامن مان اسان گهڻو ڪُجھ سکيو ۽ وڏي ڳالھ ته ان ڏينهن کان اڄوڪي ڏينهن تائين رابطن ۾ ڪو ڊگهي وڇوٽي ناهي آئي.