بلاگ

”احساس حساس دل جا“ جو اڀياس

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري ليکڪ، ماروئڙن جو درد رکندڙ حساس طبيعت جي مالڪ عبدالغني شر جو لکيل آھي. جنهن ۾ ٽوٽل 16 احساس آھن ۽ ھر ھڪ احساس سماج جي مختلف دردن جي عڪاسي ڪري ٿو. ليکڪ جي افسانن ۾ پنهنجي معاشري کان ويندي ٿر جي ماروئڙن ۽ بستر تي پيل لاعلاج مريض جو به درد بيان ٿيل آھي. ليکڪ جي لکڻي ۾ نج ٻولي استعمال ٿيل آھي. ليکڪ جي حساسيت جو اندازو پڙھندڙ ان جي ھر ھڪ احساس مان لڳائي سگھي ٿو. ھن ڪتاب جو مھاڳ ليکڪ جي پياري دوست ليکراج ميگھواڙ لکيو آھي.

ليکراج مھاڳ ۾ جيڪو ڪجھ ليکڪ جي لاءِ لکيو آھي پڙھندڙ کي اھو سڀ ڪجھ باقائدي ڪتاب جي آخري صفحي تائين محسوس ٿيندو. ليکراج جي ھيءَ ڳالھ مون کي ڏاڍي وڻي ته محبت جي به ڪمرشل مارڪيٽ آھي ھن دور جو محبوب پنهنجي معشوق جي خلوص ۽ پيار جي نگاھ کان ھٽي ڪري ھي جاچيندو آھي ته ھن وٽ پئسو ڪيترو آھي، ملڪيت گھڻي اٿس ۽ اھا اڄ جي دور جي حقيقت آھي.

عبدالغني شر سھڻي ۽ ساگر جو وچن بيحد دلچسپ افسانو آھي، ھن افساني ۾ چنڊ جي چانڊوڪي وارين راتين ۾ ساگر ۽ سھڻي جون دلچسپ ڳالھيون نوٽ ٿيل آھن، ھنن جا ھڪٻئي سان ڪيل وچن موجود آھن ۽ ساگر سھڻي کي ميھار جي سھڻي سان ئي ڀيٽي ٿو جيڪا سياري جي ٿڌين راتين ۾ به درياھ پار ڪري پنهنجي محبوب ميھار سان ملڻ ويندي هئي. ھن افساني ۾ سھڻي سماج جي گھٽيل ريتن ۽ رسمن جي آڙ ۾ قيد ڪيل عورت جو درد پنهنجي ساگر سان اوري ٿي. اھا اسان جي سماج جي تصوير آھي.

دردن سان دوستي افساني ۾ محبوب جي ڇڏي وڃڻ کانپوءِ پکين سان پيار ڪري ۽ پکين جي درد کي وائکو ڪري ٿو ته اسان جي سماج ۾ مھمان پکين سان اسان ڪھڙو حشر ڪريون ٿا. مون کي اڄ به ياد آھي ته جڏهن آئون ننڍو ھوندو ھئس ته ڪيترائي پکي الائي ڪٿان ڪٿان اڏامي ڪافي تعداد ۾ ايندا ھئا، پر ھاڻي اسان وٽ اھي پکي نٿا اچن. ڇو جو اسان جيڪو انهن جو حشر ڪيو آھي اھو پوري دنيا کي خبر آھي.

صحرا ٿر سوچون ۽ سپ افساني ۾ ليکڪ ٿر جي ماروئڙڻ جو درد لکي ٿو. واقعي ٿر قدرتي معدني وسيلن سان مالامال آھي، تنهن ھوندي به ٿر جا مسڪين ماروئڙا صفا غريبي واري پٺتي پيل زندگي گذارين ٿا جنهن جو سبب طبقاتي سوچ ۽ تعليم جي شعور جي ڪمي آھي. ليکڪ جون ھي سٽون ڪيڏيون نه درد ڀريون آھن ته ٿر جي ماڻھن جي محبت جي انتھا اھا آھي ته ھي پنهنجا وسيلا تباھ ٿيندي ڏسن پيا، پر ڪڇن ته ڪافر ٿا سڏجن، پر آئون سمجھان ٿو ته ھاڻي ٿر جا ماڻھو تعليم طرف ڪافي اڳتي نڪري آيا آھن، جنهن يونيورسٽي ۾ آئون پڙھان ٿو خود انهيءَ يونيورسٽي ۾ ٿر جي محنتي شاگردن جو ڪافي انگ موجود آھي. ليکڪ جي افسانن کي جيترو ساراھجي اوترو ٿورو آھي، جنهن پنهنجي افسانن ۾ معاشري جي اڪثر سڀني دردن جي عڪاسي ڪئي آھي ۽ اھو ليکڪ جي حساس ھجڻ جو ئي ڪمال آھي. ڇو ته ڏکن، دردن ۽ تڪليفن کي ھڪ حساس ماڻھو جيان ڪوبه سمجھي نٿو سگھي.

”اکيون اڄ به توکي ڳولين ٿيون“ ھن افساني کي پڙھندڙ شايد ئي پنهنجي اکين مان ڪرندڙ ڳوڙھن کي جھلي سگھي. ھن افساني ۾ ليکڪ دنيا جي عظيم ھستي جيجل امڙ ۽ ان جي پيار جي محرومي کي بيان ڪيو آھي ۽ ھڪ ٻار جي درد کي بيان ڪيو آھي ته ماءُ کان بغير ھڪ ٻار جي زندگي ڪيئن ٿي گذري؟ ھي درد ڀري ڪھاڻي ليکڪ جي پنهنجي آھي. ليکڪ ھن افساني ۾ پنهنجي زندگي جي باري ۾ ٻڌائي ٿو ۽ ان ۾ پنهنجي ڀيڻ جي موت جو به ذڪر ڪري ٿو. هونئن ته ماءُ جي ڪمي ڪوبه پوري نٿو ڪري سگھي، پر ڀيڻ پنهنجي وس آھر ان جو ڪردار خوب نڀائيندي آھي ۽ جڏهن ماڻھو انھيءَ ڀيڻ کان به محروم ٿي وڃي ته صفا بُري ڀور ٿي پوندو آھي. ان صورت ۾ ماڻھو يا ته صفا حساس ٿي ويندو آھي يا وري پٿر دل، جنهن جي دل ۾ ڪيئي احساس ته دفن ٿيل ھوندا آھن، پر ھو ٻڙڪ به ٻاھر ناھي ڪڍندو. ھن افساني تي لکڻ وقت منهنجا ھٿ ڏڪي رھيا آھن. افسانو 12 ”زندگي روين جو گڏيل مجموعو آھي“ ھن افساني ۾ ليکڪ سماج ۾ موجود روين جي باري ۾ ٻڌائي ٿو جيئن جيئن پيار جي سفر جون مسافر اکيون مرڪن جي روين سان پنهنجي پيار جي شروعات ڪن ٿيون، اھڙن محبتن جي سفر کي رويا ئي مضبوط بڻائين ٿا ۽ رويا ئي دورين جو سبب بڻجن ٿا. ھن افساني ۾ ليکڪ اسپتال جي بيڊ تي ستل لا علاج مريض لاءِ رشتيدارن جي سس پس کي مريض لاءِ ھڪ ڀيانڪ موت قرار ڏئي ٿو. مطلب ته محبت کان ويندي موت جي بستري تائين رويا انسان تي اثر انداز ٿين ٿا تڏهن ئي ته ليکڪ چوي ٿو ته زندگي روين جو گڏيل مجموعو آھي. ان کانپوءِ واري افساني ”ھڪ حساس دل جو احساس“ ھن افساني ۾ ليکڪ فضا ۽ جوڳي جي محبت بابت ڪجھ ٻڌائي ٿو ۽ انھن جي ڪھاڻي اچي ھن جملي تي ختم ٿئي ٿي، ”فضا مان ھاڻي توسان نٿو نڀائي سگھان، تون منهنجي اچڻ جو انتظار نه ڪجانءِ.“ ان کانپوءِ فضا جو وجود وکري ڀورا ڀورا ٿي پوندو آھي ۽ ان کي اھو وجود ياد ايندو آھي جنهن جي پيار جو ھن مذاق اڏايو ھو ۽ پوءِ پاڻ ئي اھو ڏکاري لھجي ۾ اھو چوندي آھي ته ”ھاڻي ته ھو به الائي ڪٿي رھي ٿو؟ انھيءَ به منهنجي رستا روڪ ڪرڻ ڇڏي ڏني آھي ڪاش! ھو ھڪ ڀيرو ملي پوي ته ٻڌائي ڇڏيانس ته جيئن مون توکي تڙپايو، روئاريو ۽ رلايو آھي اڄ مان به تون وانگي ڀٽڪي رھي آھيان.“ ماڻھو کي تڪليفن جو احساس فقط تڏهن ٿيندو آھي جڏهن ھو انهن مان گذرندا آھن ۽ فضا پوءِ پنهنجي ڪيل پيار کي غلطي سمجھي ان تي پڇتائي ٿي. اتي ليکڪ ھنن سٽن سان ھن افساني کي ختم ڪري ٿو، ”ائين ھوءَ دل جي درد ڪٿا ٻڌائي اکين مان آب ھاريندي ھلي وئي“، سوچڻ لڳس ته وسارڻ وارا ته وساري ڇڏين ٿا، پر سچائي سان پيار ڪندڙ دليون ڪڏهن به ھڪٻئي کي وساري نٿيون سگھن، اھي لڇندي تڙپندي پنهنجي محبت ۾ پساھ پورا ڪري ڇڏين ٿيون، پر ھنن جي دل ۾ ٻيو ڪير به جڳھ نٿو وٺي سگھي.

***