سنڌ جو تعليم کاتو ڪرپشن ۾ پوليس کان به اڳتي نڪري ويو
سنڌ جو تعليم کاتو ڪرپشن ۾ پوليس کان به اڳتي نڪري ويو آھي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي پاڪستان ۾ ڪرپشن بابت جاري ڪيل رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آھي. رپورٽ موجب ھلندڙ سال سنڌ جو تعليم کاتو ڪرپشن ۾ پهرين ۽ پوليس کاتو ٻئي نمبر تي رهيو. پاڪستان ۾ مجموعي طور پوليس ڪرپشن ۾ سڀني کان اڳتي رهي پر سنڌ ۾ پوليس ٻئي نمبر تي رھي. رپورٽ موجب ملڪ ۾ گڏيل طور تعليم کاتو چوٿين نمبر تي رھيو پر سنڌ ۾ ڪرپشن جي حوالي سان پھرين نمبر تي اچي ويو آھي. رپورٽ موجب پنجاب ۾ پوليس ڪرپشن ۾ پھرين نمبر تي رهي، بلوچستان ۾ ٽينڊرنگ سيڪٽر ۾ ڪرپشن عروج تي پهتل رهي. تعميراتي ڪم جي ٿيندڙ ٽينڊرز ۾ وڏي ڪرپشن ٿي.

