بلاگنئون

يونيورسٽي جي استادن ۽ شاگردن تي سنگين الزام ڇو؟

سنڌ جو ماڻهو جيڪو صدين کان پُرامن آهي ۽ وطن دوست آهي ۽ پنهنجي ملڪ سان پيار ڪري ٿو ۽ هن ڪڏهن به اهڙو ڪو عمل ناهي ڪيو جنهن مان اهو ثابت ٿئي ته هو ڪنهن به اهڙي سرگرمي ۾ ملوث آهي جيڪا کيس مُلڪ دشمن ثابت ڪري ۽ گڏوگڏ هو پنهنجي ڌرتي ۽ ثقافت سان به بي انتها پيار ڪري ٿو ۽ اهو سندس بنيادي حق آهي. ڊسمبر جي 3 تاريخ تي سنڌ جي ماڻهن سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ ۽ پوري دنيا ۾ سنڌي ثقافت جو ڏينهن ملهايو هو، جيڪو گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڊسمبر جي پهرئين آچر تي ملهائيندا رهن ٿا. انهيءَ ڏينهن ملهائڻ وارن ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي شاگردن جو سُٺو انگ پڻ شامل هو، افسوس جي ڳالهه اها آهي ته انهن شاگردن تي ۽ ان سان گڏ يونيورسٽي جي ٻن استادن تي ملڪ خلاف بغاوت ۽ دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. انتهائي افسوسناڪ خبر آهي ته ايس ايڇ او ڄامشورو ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي ته 70 شاگردن جن کي ٻن استادن ورغلائي ملڪ جي بغاوتي نعرن هڻڻ تي آماده ڪيو. انهن تي بغاوت جو ڪيس ۽ دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ٿورو تاريخ ۾ وڃو ته جڏهن 2009 ۾ ان وقت جي ملڪ جي صدر سنڌي ثقافت جو اهڃاڻ ٽوپي پائي ٻئي ملڪ جي صدر سان ملاقات ڪئي هئي ته نام نهاد اردو ميڊيا چٿرون ڪرڻ شروع ڪيون، نفرت ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جنهن جي مقابلي ۾ سنڌي ميڊيا ميدان ۾ آئي ۽ عوام جي سهڪار سان پهريون ثقافتي ڏينهن ملهايو ويو ۽ پوءِ اهو ڏينهن ثقافت جي سڃاڻپ بڻجي هر سال ميلي وانگر ملهايو ويندو آهي. هن وقت ان ڏينهن جي اهميت اهڙي آهي جو اردو ميڊيا مجبور ٿي رپورٽنگ ڪندي آهي. هاڻي ته يورپ ۽ آمريڪا جا سفير پڻ ثقافتي ڏينهن تي مبارڪون ۽ پيغام ڏيندا آهن ۽ سڄي دنيا ۾ جتي جتي سنڌي ماڻهو رهن ٿا، اتي ان ڏينهن کي ملهايو وڃي ٿو. سنڌي ثقافت جي ملهائڻ کانپوءِ بلوچ ثقافت جو ڏينهن ملهايو ويو. پٺاڻ ثقافت جو ڏينهن ملهايو ويو، پر ان ۾ اهو جوش نظر نه ٿو اچي، جيڪو سنڌي ماڻهو ثقافتي ڏينهن تي ملهائين ٿا. انهيءَ پُرامن ڏينهن ملهائڻ سان انهن ڌرين کي تڪليف ٿئي ٿي، جيڪي خوف جي ماحول کي برقرار رکڻ چاهين ٿا، انهن جو هٿيار خوف آهي ۽ ثقافتي ڏينهن ملهائڻ وارن جو هٿيار نچڻ، ڪُڏڻ، خوشيون ملهائڻ، اجرڪون ٽوپيون پائڻ، اهڙي قسم جا اظهار ڪرڻ ته اسين 5 هزار سال پُرامن تهذيب جا وارث آهيون. اهي ڪهڙا ماڻهو آهن، جن کي انهي ثقافتي ڏينهن سان تڪليف ٿئي ٿي ۽ انهي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ وارن تي غلط ايف آءِ آرون ڪٽي ڪيس داخل ڪري، پوري سنڌ کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهين ٿا. سوٽا پنهنجي ٻن استادن تي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ تي سخت احتجاج ڪيو آهي ۽ سنڌ جو عوام نه صرف استادن تي، پر شاگردن تي داخل ٿيل ڪيس تي پڻ سخت احتجاج ڪري ٿو، ته ٻار جيڪي يونيورسٽين ۾ پڙهن ٿا، جيڪڏهن اهي ثقافتي ڏينهن ملهائن ٿا، خوشيءَ جو اظهار ڪن ٿا، انهن کان ڪنهن کي خطرو محسوس ٿي رهيو آهي؟ جو انهن تي دهشتگردي ۽ بغاوت جهڙا ڪيس داخل ڪري انهن جي مستقبل کي اونداهو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. انهيءَ سان نفرتون وڌنديون يا گهٽبيون، جيڪڏهن ڪنهن غلط نعرو هنيو به آهي ته انهيءَ کي سمجهائبو آهي، سُٺي عمل جي ذريعي ان جي درستگي ڪبي آهي يا انهن تي ايڏيون وڏيون سنگين ايف آءِ آرون ڪٽي انهن کي خوفزده ڪبو آهي ۽ پوءِ انهن شاگردن کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، اهڙي قسم جون خبرون اسين روز پڙهون پيا ته يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي. اهڙي قسم جا ڪيس هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ هلي رهيا آهن، انهن شاگردن کي ته ايس ايڇ او، ايس پي ۽ سنڌ جي پوليس بازياب نه ٿي ڪرائي، پر شاگردن جي مٿان جُڙتو سنگين ڪيس داخل ڪري پئي، جيڪو انتهائي مزمت جوڳو عمل آهي. ايس ايس پي ڄامشورو هڪدم نوٽيس وٺي، ايس ايڇ او کان پڇاڻو ڪري ته هن ڪنهن جي چوڻ تي اهڙي قسم جي سنگين ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي. آءِ.جي پوليس پڻ ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ڇو ته پوليس جي اهڙين ڪارروائين جي ڪري بيگناهه ماڻهن جي مٿان غلط ايف آءِ آرون داخل ٿي وينديون آهن ۽ پوءِ ماڙي جلباڻي جهڙا واقعا ٿيندا آهن. اسين سنڌ جي چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ کان پڻ مطالبو ڪريون ٿا ته هو انهيءَ ايف آءِ ار جو نوٽيس وٺي ۽ ايف آءِ آر داخل ڪندڙ پوليس آفيسرن کي ڪورٽ ۾ گهرائي سخت قسم جو پڇاڻو ڪري جوڳي سزا ڏني وڃي ۽ انهن شاگردن ۽ استادن تي داخل ٿيل ايف آءِ آر کي ختم ڪيو وڃي.