بلاگنئون

يهودي عيسائي ملڪن جي لاءِ نڀاڳ هئا

“نڪبا ڊي” فلسطينين جي لاءِ ان ڪري اهم آهي جو ان ڏينهن تي ست لک فلسطيني بي گهر ٿي ويا هئا. “نڪبا” ائين آهي جيئن يهودين جي لاءِ هولوڪاسٽ جنهن ۾ اهي سڀ يهودي بنا ڪنهن ذات پات جي فرق جي رڳو ان ڪري به هٽلر جي هٿان ماريا ويا هئا جو اهي جرمينين جي هار جو سبب هئا اهي ان ڪري به نازي ڪيمپ جي غضب جو شڪار ٿيا جو اهي جرمني سان سچا نه هئا ۽ انهن يهودين جا ٻار ٻچا، عورتون، پوڙها ۽ جوان مرد هڪ ئي ڌڪ سان ماريا ويا. ائين ئي نڪبا ۾ به اسرائيلين جي هٿان اهي سڀ فلسطيني جن ۾ سندن عورتون، ٻار ٻچا، ابهم معصوم بي گناھه بي گهر ٿي ويا هئا، جن جو نه داد نه فرياد هو يا ڪنهن مسلمان ملڪ انهن يهودين سان ويڙھه نه جوٽي. ان ڪري تاريخ ۾ 15 مئي 1948 وارو ڏينهن فلسطيني قوم جي لاءِ قهر بڻجي آيو هو، جو هڪ ڌڪ ۾ ايترا فلسطيني بي گهر ٿي ويا هئا جو وري انهن بي گهر فلسطينين جي ڳالھه ٻڌڻ لاءِ ڪير تيار نه هو، ان ڪري فلسطيني اهو ڏينهن وڏي درد سان ياد ٿا ڪن، جنهن ۾ اڻ برابري ۽ طاقت واري جنگ رڳو فلسطينين جي مٿان مسلط ڪئي وئي هئي، جنهن جي پويان سئنون سڌو آمريڪا هو ۽ اڃان تائين آهي جنهن گذريل هفتي يو اين او جي گڏجاڻي ۾ اسرائيل جي بربريت کي ويٽو ڪري ڇڏيو ۽ برابري ۽ حق انصاف جي نيلامي ڪري ڇڏي، پر هيل تائين اها ڳالهھ مڃڻ جي آهي ته فلسطينين جي حق جي لاءِ رڳو حماس، انصارالله ۽ حوثي جهڙيون جهادي تنظيمون وڙهن ٿيون، جن کي سڀني عربن ۽ مسلمان ملڪن جي حمايت به حاصل ناهي هوندي، پر اهي فلسطيني ۽ “عرب ڪاز” جي لاءِ سچائي سان وڙهيا ۽ وڙهندا رهن ٿا. چوڻ جي ڳالھه اها به آهي ته هولوڪاسٽ جي بدلي ۾ فلسطيني ڇو مرن، انهن ملڪن ۾ ان وقت ڪو به هڪ مسلمان ملڪ نالي جو نه هو، يا اهو ثابت هجي ته اهڙا ملڪ جن جا حڪمران، قوم، خطو يا اڳواڻ ان “ڪنسپائيريسي” ۾ شامل به هجن ها. ان ڳالھه کان ڪنهن کي به انڪار ناهي ته نازي ڪيمپن ۾ يهودين جي خون ريزي ٿي هئي، جيڪا مسلمانن يا عربن نه ڪئي هئي، يا جن اهڙي ڪا چال هلي به هجي ها، جنهن ۾ اهو ثابت هجي هان ته يهودين کي مارڻ ۾ يا انهن کي ملڪ بدر ڪرڻ ۾، انهن کي زوريءَ نازي ڪيمپ ۾ رهائڻ وارا ئي مسلمان هئا، پر ڳالھه اها آهي ته يهودين جي “هولوڪاسٽ” ڪنهن ڪئي، مسلمانن، يهودين پاڻ، هندن، ٻڌمت وارن، جين مت وارن، سکن يا عيسائين، هٽلر ڪير هو؟.
اهو سڀ مڃن ٿا ته سيهوني نسل (يهودين) جي تباهي نصارا نسل (عيسائين) آندي، پوءِ رڳو مسلمان (فلسطيني) لپيٽ ۾ ۽ بدلي جي باھه ۾ ڇو؟ يا ائين سمجهون ته عيسائي ملڪ يهودين کان زور آهن يا انهن سان پڄي نه ٿا سگهن. ڀلا جيئن ڪشمير لپيٽ ۾ آهي ۽ سمجھه ۾ اچي ٿو ته ڀارت اسان کان زور آهي ۽ ڪا بين الاقوامي طاقت وچ ۾ اچي، ائين ئي افغانستان جي حالتن جي آلجبرا عقل ۾ ويهي ٿي، پر اسرائيلي نسل جي ايڏي بدمعاشي ڇو؟ اڳي ته قومن کي شڪ هوندو هو ته آمريڪا انهن اسرائيلين جي چال جي پٺيان آهي ۽ اهي واقعي ئي گريٽر اسرائيل چاهين ٿا جن ست لک فلسطيني پهرين ڀڄائي ڪڍيا هئا جيڪي ڪنهن پاڙي وارن مسلمان ملڪن ۾ رهيا ۽ ملڪ بدر ٿي ويا هئا. توڻي جو مصر اسرائيل جو يار آهي جيڪو ان جي اوڀر ۾ ٿو اچي، وري اردن، لبنان به خاموش لڳا ويٺا آهن، معنيٰ جي اسرائيل سان وڙهن نه ٿا ته پوءِ امدادي به ناهن. وري هاڻي آمريڪي صدر جو اهو چٽو چئي ڏيڻ ته مسلمان اسرائيل کي جيستائين نه مڃيندا تيستائين فلسطين ۾ امن قائم نه ٿيندو” اها ته بين الاقوامي ڌمڪي آ، ان کان اڳ ٽرمپ به اها ڳالھه چئي سڀني عرب ملڪن کان اسرائيل کي تسليم ڪرائي ويو. هاڻي وري رهيا اهي ايشيائي ملڪ جن ۾ اسان جو وطن سڳورو به اچي ٿو.
جڏهن هٽلر کي 30 جنوري 1933 ۾ جرمني جو وائيس چانسلر ڪيو هين، ۽ جيستائين سرڪاري طور تي 8 مئي 1945 ۾ يورپ ۾ ٻي مهاڀاري لڙائي ختم ٿي. تيستائين ۽ ان سموري عرصي دوران يهودي سڄي يورپ، ڏکڻ ۽ اترآمريڪا ۽ ايشيا ۾ (ٿورو گهڻو) پر عيسائين جي ظلم جو شڪار رهيا. ايستائين جو 1933 کان آهستي آهستي يهودين جي خلاف نفرت وڌندي وئي ۽ عيسائين جي پروپيگنڊا وئي پروان چڙهندي، جو انهن 60 لک يهودين جو موت اچي پهتو. جنهن ۾ يهودين جون پنج هزار ذاتيون ۽ ڪمونٽيون تباھه ٿي ويون، جيڪي ان وقت يورپ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي جي آباديءَ جي حساب سان هيا، ۽ رهيل دنيا جي هڪ ڀاڱي ٽي آبادي هيا. حلانڪه يهودين کي مارڻ ڪا جنگ جي صورت نه هئي يا ڪا بمن جي صورت يا هنن جي هڪدم تباهي آئي هئي، پر آهستي آهستي سڄي يورپ، آسٽريليا، ڏکڻ ۽ اتر آمريڪا ۽ (ايشيا مان گهٽ) نفرتن جي ور چاڙهيو ويو. هٽلر يهودين جي لاءِ “نازي ڪيمپ” ٺاهي “ENDLOSUNG” معنيٰ “فائينل سليوشن” اهو ڳولهيو ته هنن کي مختلف ملڪن ۾ عيسائين کان ڌار رهائي ڳڻي ڳڻي ماريو وڃي، تان جو يهودين جي لاءِ نفرت ايتري وڌي وئي جو آفريڪا، ڏکڻ ۽ اترآمريڪا ۽ يورپ جا 6258673 لک يهودي ماريا ويا.
جرمني توڻي جو 11 ملڪن کان مٿي جي قومي زبان به آهي، جيڪي ملڪ اوڀر يورپ ۾ رهن ٿا، پر وري هڪ مذهب ۽ هڪ زبان جي ڪري انهن ٻنهي جرمني جي ٽڪرن کي 1989 ۾ هڪ ڪيو ويو. جرمني توڻي جو 1871 کان وٺي سپر پاور هئي ايستائين جو “ليگ آف نيشن” تي هنن جو قبضو هو، جيئن جرمني چئي تيئن ٿيندو هو. جرمنين جي لاءِ ته اهو مشهور هوندو هو ته فوجي ملڪن ۾ هوندا آهن، پر هي ته اهڙو ملڪ هو جيڪو هو ئي فوجين جو، پوءِ ان ڪري هنن دل سان هٽلر کي 30 جنوري 1933 ۾ جرمني جو وائيس چانسلر ڪري ڇڏيو، پر اهو به هو ته يهودين کي عيسائين جي ملڪن ۾ نڀاڳ جي نشاني تصور ڪيو ويندو هو ۽ جيڪو هنن جي لاءِ مشهور هو ۽ اهي ئي سبب هئا جن جرمني سان وفاداري نه ڪئي جيڪي پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ جرمني جي لاءِ بددعا ڪند هئا يا چئون ته هٿ کڻي پٽيندا هين ڇو ته پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ هارائڻ جي ڪري جرمني جو گراف ڪري پيو هو، جنهن جي ڪري جرمنيءَ جي عزت ۽ ناموس ۾ گهٽتائي آئي هئي جو جرمنين جي لاءِ “ورسيلزٽريٽي” تحت سندن سرحدون سوڙهيون ڪيون ويون هيون. توڻي جو جديد جرمنيءَ جو بنياد 1871 ۾ پئجي چڪو هو، جو تقريبن سڄو يورپ هنن جي قبضي ۾ هو. پولينڊ، آسٽريا، پروشيا کان وٺي روس جي سرحدن تائين جرمني وڌي آئي هئي، جرمني جي ناموس ۾ وڏي واڌ اچي چڪي هئي، پر يهودين جي مخالفت به وڌي وڻ ٿي هئي، ڇو ته اهي وطن پرست نه هئا، اهي جرمنيءَ جي حڪومت جا زبردست مخالف به هئا. حضرت عيسي (عليه السلام) کي صليب تائين پڄائڻ وارا هي يهودي ئي هئا ان ڪري عيسائي يهودين جي اهڙي رويي تي باھه ۾ ٻريا پيا هئا ۽ سڀ کان وڏو عنصر انهن جو مذهبي شدت ئي هو.
نازي ڪيمپ ۾ رهندي ۽ هنن جي بغاوت جي نتيجي ۾ هنن تي اها به پابندي هئي ته پنهنجي سڃاڻپ جي لاءِ اهي آڏو بيج هڻي گهمن ته جيئن ماڻهن کي خبر پوي ته اهي يهودي آهن ۽ اهي باغي، حڪومت جا مخالف، ضدي ۽ زبردست مذهبي آهن، جيڪي پنهنجي هٺ جي ڪري پاڻ ئي پنهنجو موت ثابت ٿيا. انهن تي سختي هوندي هئي ته اهي نازي ڪميپ جي اردگرد رهن ته جيئن اتان انهن کي ڪمانڊوز کڻي وڃن ۽ اهي موت جي ننڊ سمهاريا وڃن. شهر کان ٻاهر موت جون ٺاهيل جاين تائين هنن کي آهستي آهستي کڻي وڃڻ ۾ آساني هوندي هئي جو اهي جرمنيءَ جا فوجي هڪ هڪ ڪري سڀني يهودي باغين کي ماريندي کڏن ۾ اڇلائيندا ويندا هئا ۽ مٿان مٽي وجهي پوري ڇڏيندا هين. يهودي ان سزا جا ان ڪري به حقدار هئا جو وقت جي حڪمرانن جي حڪمن کي پٺي ڏيندا هئا، سخت مذهب پرست هئا، پنهنجي ضد تان نه لٿا، جو نازي ڪيمپون ڀربيون ڀربيون وري موت جي مرڪزن ڏي وڌنديون وينديون هيون. عام ماڻهن ۾ يهودين جي خلاف نفرت وڌندي ويندي هئي، اهي حڪومت جي اهڙن عملن کي ساراهيندا هئا، اهي انهن ڪمانڊوز کي ساراهيندا هئا جو جيڪي اهڙن باغي يهودين کي هڪ هڪ ڪري ماريندا ساڙيندا، اڇلائيندا ۽ ائين ئي پوريندا ويندا هئا، جو هلندي هلندي اهو انگ 35 لکن تائين پڄي ويو. ڪجھه نوجوان يهودين کي سخت مشقت وارا ڪم به ڪرايا ويندا هئا، جو جرمني وٽ “آخري حل” جنهن کي هي “فائينل سليوشن” به چوندا هئا اهو هو ته يهودي نازي ڪيمپن ۾ رهندي آهستي آهستي ماريا وڃن. ڪجھه نوجوان يهودي کي بنا اجرت جي فيڪٽرين، ڪارخانن ۽ ٻين ڪم ڪارين ۾ به استعمال ڪيو ويندو هو ته جيئن اهي جرمني جا ماڻهو پنهنجن اهڙين باغين جي لاءِ نفرت جو اظهار ان طريقي به ڪري سگهن، ۽ ڪجھه ته مشقت جا ڪم ڪار ڪندي، ائين ئي چٿجي چپجي مارجي ويندا هئا.