تحرير: ڪرشن چندر
عدالت نمبر.04 جو ڪمرو ڏوهارين، شاهدن، وڪيلن، مدعين، ۽ تماشائين سان ڀرجي ويو هو. ساڍا يارهن ٿي ويا هئا ۽ عدالت ۾ جج جي ڪرسي اڃا خالي هئي.
ان عدالت جي سامهون بِڪرم ٽيڪسي واري جي اڄ ٻارهين پيشي هئي. پوين چئن مهينن ۾ هن کي يارهن دفعا ان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو ۽ هر دفعي پيشي نئين تاريخ تي ٽري ويندي هئي ۽ هن جي ڪيس جو وارو ئي نه ايندو هو. پوين چار مهينن ۾ هو يارهن ڏينهن ٽيڪسي هلائي نه سگهيو هو ۽ جڏهن ٽيڪسي ناهي هلندي ته گهر جو خرچ ناهي هلندو، ٻارن جو اسڪول ناهي هلندو ۽ واڻيي جو کاتو ناهي هلندو، صرف گهرواري جي زبان هلندي آهي.
ڪو وڏو مقدمو به ڪونه هو. هن شهر جي هڪ وڏي ماڻهو جي ڪار کان اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش هئي هئي ۽ هزار دفعا ڪوشش ڪرڻ باوجود هن وڏي ماڻهو جي ڪار هن جي ٽيڪسي کان اڳتي نڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي. جيتوڻيڪ وڏي ماڻهو جي ڪار هن جي پيٽ ۽ حرص وانگر وڏي هئي ان جو رنگ هڪ خوبصورت بازاري عورت جي ميڪ اپ وانگر ڀڙڪيلو هو. تنهن جي باوجود بڪرم جي ٽئڪسي ان کي مات ڏيئي ويئي. ان ۾ بڪرم جي ٽيڪسي کان وڌيڪ بڪرم جي چالاڪي جو عمل دخل هو. ڇو ته مشين ته انسان جي هٿن سان هلندي آهي. شهر جو وڏو ماڻهون هڪ معمولي ٽيڪسي ڊرائيور جي جرئت جي ڪري ڪاوڙجي پيو ۽ اڳئين چوڪ تي بيهي هن ٽريفڪ انسپيڪٽر سان هڪ گهٽ حيثيت ٽيڪسي ڊرائيور جي شڪايت ڪئي.
بِڪرم کي ان عدالت مان وڌ ۾ وڌ ڏهن رپين جو جرمانو ٿئي ها، پر وڏو ماڻهو تمام گهڻو مصروف هو ۽ ڪنهن به پيشي تي حاضر نه ٿيو ۽ بڪرم کي عدالت ۾ پيش ٿيندي اڄ يارهن ڏينهن گذري ويا هئا ۽ هن ٿورو گهٻرائيندي پنهنجي وڪيل کان پڇيو ته ”ڇا اڄ جج صاحب ڪونه ايندو؟“
”ڪهڙي خبر“! وڪيل وڏي بيزاري سان هن کي جواب ڏنو.
ڇو ته بڪرم هر پيشي تي ڪيل کي ٽي رپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ هن پنهنجي سمجهه آهر تمام سستو سودو ڪيو هو. بڪرم سمجهيو ته ٻن يا ٽن پيشين ۾ فيصلو ٿي ويندو. هن کي ڪهڙي خبر ته معاملو ايتري ڊيگهه کائي ويندو ۽ هن کي ٽن رپين جي جاءِ تي ٽيٽيهه رپيا ڏيڻا پئجي ويندا. ان ڪري وڪيل هن کي سختي سان جواب ڏئي رهيو هو. ڀلا آخر ٽن رپين واري ڪيس کي ٻيو ڪهڙي طرح جواب ڏئي سگهجي پيو. جيڪڏهن ويهن، پنجويهن رپين جو معاملو هجي ها ته وڪيل به مسڪرائي خوشي جو اظهار ڪري ها. وڪيل جي مسڪراهٽ ان جي چپن ۾ ڀڪوڙيل رهندي آهي. ان مسڪراهٽ کي کولڻ جا الڳ الڳ پيمانا آهن. ڪنهن وڪيل جي مسڪراهٽ پنج رپين ۾ کلندي آهي ته ڪنهن جي پنجاهه رپين ۾، وڪيل جي ميٽر ۽ ٽيڪسي جي ميٽر ۾ ڪو فرق نه هوندو آهي. بڪرم تمام بيزاري مان سوچيندي چيو ته هينئر تائين هن ظالم کي آئون ٽيٽيهه رپيا ڏيئي چڪو آهيان، پر ڪڏهن به سنئين منهن سان ڳالهائي ئي نٿو. ڇو ته آئون ٽن رپين واري آسامي آهيان. هاڻي آئون هن کي ڇا چوان جرمانو ته مون کي ڏهه رپين کان وڌيڪ ڪونه ٿيندو، پر وڪيل کي ٽيٽيهه رپيا ڏئي چڪو آهيان.
“پيشڪار کان معلوم ڪري ٻڌايو ته اڄ جج صاحب ايندو يا نه، منهنجو نقصان ٿي رهيو آهي. بڪرم تمام اداس لهجي ۾ پنهنجي وڪيل کي چيو.
وڪيل گهڙي ڏسي چيو “اوهه پوڻا ٻارهن ٿي ويا، منهنجو هڪ ڪيس عدالت نمبر 02 ۾ آهي، آئون اوڏانهن پيو وڃان تون ان ڪورٽ ۾ ويٺو هج يا بيهه، پر هن ڪورٽ جي اندر رهجان، جيڪڏهن تنهن جي نالي سان سڏ ٿئي ته مون کي سڏي وٺجانءِ.
وڪيل پنهنجي شرٽ جو ڦاٽل ڪالر صحيح ڪندي ٻوري جهڙي پتلون لوڏيندو ڪورٽ نمبر.02 ۾ هليو ويو.
ڪافي وقت پهرين هن هڪ وڏي وڪيل جي بدصورت ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي، اهو سوچيندي ته سندس سهرو کيس هڪ وڏو وڪيل بنائي ڇڏيندو، پر شادي کان ڇهه مهينن کانپوءِ وڏو وڪيل مري ويو. پوءِ اڳلي ڏهن سالن ۾ کيس ست ٻار ٿي ويا. پوءِ هن جي ڪوٽ جو ڪالر ڦاٽي پيو. ٽن رپين ۾ تون ڇا ڪري سگهين ٿو. جيڪڏهن زندگي ۾ تلخي ئي تلخي هجي ته تون زبان تي مٺاس ڪٿان آڻي سگهندين؟ وڪيل ڪورٽ نمبر 02 ۾ ويندي سوچيو.
بڪرم پهريان ڪورٽ ريڊر کان عدالت جي باري ۾ پڇڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جڏهن ڪورٽ ريڊر هن کي دڙڪا ڏنا ته هو ڊڄي پري ٿي بيهي رهيو. دير تائين هو پنهنجي ڇڊي پر خوبصورت ملائم ڏاڙهي کي مهٽيندو رهيو. ان جي خاندان جي سڀني مردن جون اکيون تمام خوبصورت هيون ۽ کين ننڍيون ننڍيون خوبصورت ڏاڙهيون رکيل هيون ۽ اهي سڀئي پنهنجي مٿي تي وڏيون چوٽيون رکندا هئا. ريشمي لڇيدار چوٽيون، وارن جون گهاٽيون چوٽيون سندن مهذب هجڻ جون پراڻيون نشانيون هيون. بڪرم جي خاندان ۾ وڏا وڏا عالم فاضل ۽ پنڊت ٿي گذريا هئا. مگر زماني جي گردش بڪرم کي ٽيڪسي هلائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. بڪرم چئني پاسي وڏي بيوسي سان ڏٺو. هن کي هڪدم اُن ڪورٽ جو اردلي کاٻي پاسي ڪنڊ ۾ جج جي دروازي جي ويجهو نظر آيو. اهو ان خاص عدالت بهادر جي جج جو اردلي هو.
جڏهن جج صاحب پنهنجي پرائيويٽ ڪمري مان نڪري عدالت جي ڪمري ۾ ويندو هو آهي ته اردلي ٻه قدم پهريان اڳتي وڌي آواز ڏيندو آهي. گويا هڪ طرح عدالت ۾ ويٺلن کي جج جي اچڻ جو اطلاع ڏيندو آهي. جج صاحب ڪارو چشمو، ڪارو گائون ۽ ٻن ڪنڊن وارو سفيد ڪالر پائي عدالت اندر ايندو آهي ۽ سڄي عدالت ان کي تعظيم ڏيڻ لاءِ اٿي بيهي رهندي آهي ۽ ان وقت تائين بيٺل رهندي جيستائين جج صاحب عدالت جي ڪرسي تي نه ويهي رهي. بڪرم نظر بچائيندي جج صاحب جي ڪمري جي ٻاهران ان اردلي سان ڳالهائڻ لڳو. “عدالت بهادر ڪيڏي مهل ايندو” اردلي جواب ڏنو: ته هو ٺيڪ يارهين وڳي اچي ويندو آهي، پر اڄ الائي ڪهڙي ڳالهه ٿي آهي ممڪن آهي ته طبيعت خراب هجي، طبيعت خراب هوندي ته عدالت ڪانه لڳندي.
ها
ڪو ٻيو جج ڪونه ايندو.
ڪڏهن ڪڏهن ايندو آهي جڏهن پهريون جج ڊگهي موڪل وٺندو آهي، مگر اڄ ڇا ٿيندو ڪهڙي خبر. شايد ٿوري دير ۾ جج صاحب جو فون اچي وڃي.
اڃان اردلي جي زبان مان لفظ نڪتا ته ٽيليفون اچي ويئي ۽ اردلي ٽيليفون ٻڌڻ جج صاحب جي ڪمري ۾ هليو ويو. بڪرم به ان جي پٺيان پٺيان هليو ويو. اردلي ٽيليفون ٻڌڻ لڳو. بڪرم ڪمري ۾ بيهي هيڏي هوڏي ڏسڻ لڳو. صاف سٿرو ڪمرو هڪ طرف جج صاحب جي ماني کائڻ واري ميز هئي. هڪ طرف آرام ڪرڻ وارو ڪوچ هو. ڪجهه ٽيليفون ۽ ڪجهه ڪرسيون پيل هيون. لوهه جي هڪ الماري پيل هئي. سامهون ديوار تي ٽي ٽنگڻيون لڳل هيون. هڪ ٽنگڻي تي عدالت گائون ٽنگيل هو. ڪارو چشمو ۽ ڪالر ٽيبل تي پيل هئا. هڪ طرف جج صاحب جي مدارسي پڳ پيل هئي. جنهن کي پائي هو عدالت ۾ ايندو آهي. اردلي ٽيليفون ٻڌي بڪرم جي طرف مڙيو ۽ چيو ته اڄ جج صاحب ڪونه ايندو ان کي زڪام ٿي پيو آهي. پوءِ فورن ئي منهن ٺاهيندي چيو “مگر تون هتي اندر ڪيئن آئين”؟ توکي خبر آهي ته هن ڪمري ۾ ڪير به نه ايندو آهي. ٻاهر نڪر” اردلي غصي مان بڪرم جي طرف مڙيو. بڪرم فورن پنهنجو مضبوط هٿ اردلي جي منهن تي رکي ڇڏيو.
عدالت نمبر.4 جو ڪمرو تماشائين ۽ ٻاهر جي وڪيلن سان ڀرجي رهيو هو. ڇو ته ان ڪرسي تي هڪ نئون جج ويٺل هو، جنهن کي ان کان پهريان ڪنهن به نه ڏٺو هو. تماشائين کان وڌيڪ وڪيل ڏسڻ لاءِ بيچين هئا ته نئون جج ڪيئن ٿو فيصلا ڪري ۽ ان جي قانون جي ڄاڻ ڪيتري آهي. ان مقدمي جو مدعي بالا چندرن هو. بالا چندرن پنهنجي گهر جو هڪ ڪمرو هڪ پوڙهي عورت ۽ ان جي پٽ کي مسواڙ ي تي ڏنو هو. پوڙهي عورت ۽ ان جو پٽ ان ڪمري ۾ گذريل ڏهن سالن کان رهائش پذير هئا ۽ باقاعدگي سان مسواڙ پڻ ادا ڪندا هئا، پر پوڙهي عورت جو پٽ فيڪٽري جي ڪنهن حادثي ۾ مري ويو هو ۽ گذريل ڇهن مهينن کان پوڙهي عورت مسواڙ نه ڏئي سگهي هئي ۽ بالا چندرن کي پوڙهي کي ڪمري مان ڪڍڻ لاءِ عدالتي حڪم نامون گهربل هو.
جج بالا چندرن کان پڇيو ته تنهن جي گهر ۾ گهڻا ڪمرا آهن.
ڏهه ڪمرا آهن بالا چندرن جواب ڏنو.
۽ تنهن جي خاندان ۾ ڪيترا فرد آهن.
آئون اڪيلو آهيان.
۽ تنهنجي عمر ڪيتري آهي.
ستر سال عمر آهي حضور.
پوءِ ستر سالن جي پوڙهي کي ڏهه ڪمرا ڇو کپن. جج پڇيو ڇا تون ڏهن ڪمرن مان هڪ ڪمرو پوڙهي کي نٿو ڏيئي سگهين. جنهن جو جوان پٽ هڪ فيڪٽري حادثي ۾ مارجي ويو آهي؟”
بالا چندرن جي وڪيل چيو ته سيڪشن فلاڻي جي شڪ فلاڻي ۾ قانون چوي ٿو ته؟..
۽ انصاف ڇا ٿو چوي. نئين جج ڳري آواز ۾ چيو.
بالا چندرن جو وڪيل بيٺي بيٺي سهمي ويو ۽ نئين جج مسڪرائيندي بالا چندرن کي ڏٺو جيڪو ستر سالن جو ڪمزور نٻل ماڻهو هو. جنهن جي چهري تي ستر سالن جا ڪنجوسي جا داغ هئا. هو پنهنجا چپ ڀڪوڙي ۽ پيشاني تي هزار گهنج وجهي چپ چاپ سامهون بيٺو هو. نئين جج مسڪرائيندي بالا چندرن جي طرف ڏٺو ۽ چيو تنهن جي گهر ۾ گهڻا نوڪر آهن.
هڪ به نه بالا چندرن جواب ڏنو.
ڇا تون اڪيلائي محسوس ڪندو آهين؟”
وڪيل کي حيرت ٿي ته هي جج ڪهڙي قسم جا سوال ڪري رهيو آهي ۽ انهن سوالن جو مقدمي سان ڪهڙو تعلق پر ان کي ڪجهه چوڻ جي همت ئي نه ٿي.
ڪڏهن ڪڏهن اڪيلائي محسوس ڪندو آهيان.
ڇا تون اهو محسوس نٿو ڪرين ته ڪڏهن ڪڏهن ڪو تنهن جي ڪمري کي ٻهاري ڏئي. تنهن جا ڪپڙا وقت تي ڪڍي رکي. تنهن جي وهنجڻ لاءِ پاڻي رکي. تنهن جي لاءِ ناشتو تيار ڪري کڻي اچي ۽ جڏهن تون سمهي پئين ته تنهنجي پيرن کي ڪو زور ڏئي”
“محسوس ڪندو آهيان حضور”
ائين اگر ان سڀني خدمتن جي بدلي ڪو تنهن جي ڏهن ڪمرن مان صرف هڪ ڪمرو رهڻ لاءِ چاهي ۽ توکان ڪابه شئي نه گهري ۽ صرف هڪ ڪمرو ۽ ٻن وقتن جي ماني ته ڇا توکي ڏيڻ ۾ اعتراض آهي.
پوڙهي مائي جو چهرو خوشيءَ ۾ ٻهڪي پيو ۽ ٻئي هٿ کڻي جج کي دعائون ڏيڻ لڳي. ان بالا چندرن کي دڙڪو ڏيئي چيو “هاڻي گهر هل تنهنجي کاڌي جو وقت ٿي ويو آهي.
پوڙهيءَ پوڙهي جو هٿ پڪڙي ورتو ۽ پوري عدالت کلڻ لڳي. بالا چندرن جي وڪيل ڏاڍو سمجهايو “بالا چندرن تون پريشان نه ٿي مان ان فيصلي جي خلاف اپيل داخل ڪندس”
بالا چندرن چيو “تون اهڙو ڪجهه به نه ڪندين. مون کي اهو قبول آهي. پوءِ پوڙهي عورت جي طرف ڏسي کليو. ڄڻ سڪل ڏڪاريل ڌرتي تي ڪو نرمل جل جي ڌارا ڦٽي پئي هجي. عدالت جي ڪٽهڙي ۾ هڪ خوبصورت اينگلو انڊين ڇوڪري بيٺي هئي ۽ اهڙي طرح بيٺي هئي ڄڻ ته عدالت جي ڪٽهڙي ۾ ڪنهن گلن جو گلدان رکي ڇڏيو هجي ۽ ان جي ڦڪي رنگ جي فراڪ تي ٺهيل گل وڪيلن جي نظرن ۾ مسڪرائيندا رهيا. جج پڇيو ته تون پنهنجي مڙس کان طلاق وٺڻ ٿي چاهين.
جي ها
ڇا تنهنجو مڙس بيڪار آهي.
جي نه هو ريلوي ۾ ڊرائيور آهي.
اينگلو انڊين ڊرائيور به برابر ۾ بيٺو هو ۽ بار بار پنهنجو سفيد چهرو رومال سان اگهي رهيو هو. اڄ هن جي بي عزتي جو ڀرپور ڏينهن هو. اڄ اگر هي عدالتي ڪمرو ڪنهن ريل گاڏي جو دٻو هجي ها ته هو ان کي ڪنهن کڏ ۾ ڪيرائي ڇڏي ها.
ته تون هن کان طلاق ڇو ٿي وٺڻ چاهين.
منهنجي مڙس جي منهن مان بدبوءِ ٿي اچي.
“ڇو ٿي اچي؟؟”
هن کي هر روز ماني کانپوءِ ڀُڳل ٿوم کائڻ جو شوق آهي.
ته تون رات جو هن کي ٽُٿ برش استعمال ڪرڻ تي مجبور ڇو نٿي ڪرين.
مان ته هن کي چوندي آهيان، پر هو مڃي ئي نه ٿو. اگر سمهڻ کان پهريان تون ٽُٿ برش تي پيسٽ هڻي هن کي ڏيندينءَ ته ڇا هو هڻڻ تي مجبور نه ٿيندو.
ڇوڪري چپ ٿي ويئي. ٻيو ته حضور هي رات جو جوتن سميت منهنجي بستري ۾ گهڙي ويندو آهي.
ته تون به جوتن سميت سمهي پوندي ڪر. جج چيو تمام آسان ترڪيب آهي، ٻن ڏينهن ۾ هن جي اها عادت ٺيڪ ٿي ويندي.
مگر اينگلو انڊين ڇوڪري جي وڪيل چيو ته تعزيرات هند جي سيڪشن فلاڻي فلاڻي جي دفعه فلاڻي فلاڻي جي مطابق جيڪڏهن مڙس زال کي …
تون چپ ڪر جج وڪيل کي دڙڪا ڏيندي چيو زال ۽ مڙس جو معاملو آهي. تون وچ ۾ ڪير ٿيندو آهين ڳالهائڻ وارو؟
پوءِ جج ٽائيپسٽ کي فيصلو لکرائيندي چيو “لک جيڪڏهن مڙس جوتن سميت سمهڻ جي ڪوشش ڪري ته زال کي چپل پائي سمهڻ جو پورو پورو حق آهي. ڪيس خارج.
هاڻي ڪٽهڙي ۾ چارلي ٽيڪسٽائيل جو مالڪ ڪرشما چاري بيٺل هو. هو حد کان وڌيڪ ڊگهو ۽ ڪمزور هو. هن جي ڪنن ۾ سفيد هيرا چمڪي رهيا هئا. هو پنهنجي سفيد ريشم جي ڌوتيءَ ۾ ديوتا لڳي رهيو هو. هڪ اهڙو ديوتا جيڪو هينئر هينئر مندر مان نڪري عدالت آيو هجي. هن جي هٿن جون آڱريون جيڪي ڪٽهڙي تي رکيل هيون تمام ڊگهيون، نرم ڏسڻ ۾ اچي رهيون هيون، جنهن سان سڄي عمر نوٽ ڳڻڻ کان علاوه ڪو ڪم ئي نه ورتو ويو هجي. اهو عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بلڪل آرام ۽ سڪون سان بيٺل هو.
جج چيو ته ڇا تون قبولين ٿو ته تنهن جي مل ۾ ڪم ڪرڻ وارو مزدور زيدي جو هٿ هڪ مشين ۾ ڪٽجي ويو هو.
جي ها.
۽ اهو قبولڻ کانپوءِ زيدي کي جرمانو ڏيڻ کان انڪار ڪرين ٿو.
“جي”
ڇو.
ڇو ته زيدي جو هٿ هن جي پنهنجي غلطي جي ڪري ڪٽجي ويو هو. منهن جي مل جي مشين خراب نه هئي.
منهنجي مل؟ … اها تنهنجي مل ڪيئن ٿي؟
حضور آئون ان جو مالڪ آهيان.
تون ان مل جو مالڪ ڪيئن آهين.
حضور مون هن مل ۾ پئسا لڳايا آهن. هينئر تائين ستر لک لڳائي چڪو آهيان.
۽ ڪيترا ڪمائي چڪو آهين.
ٽي ڪروڙ چوئيتاليهه لک.
جيڪڏهن هن مل ۾ هڪ به مزدور ڪم نه ڪري ها ته تون ڪيترو ڪمائين ها.
اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته حضور اگر مل ۾ مزدور ڪم نه ڪندا ته منافعو وري ڪٿان ايندو؟
۽ تون اهو به قبول ٿو ڪرين ته تنهنجا ستر لک ڪجهه به نه آهن.
جيڪڏهن انساني هٿ ان کي نه هلائين. ڪرشما چاري به ڪندي چيو ته اهو درست آهي حضور ته جيڪڏهن جيڪي هٿ منافعو ڏين ته انهن کي منافعي جو حقدار ڇو نه سمجهيو وڃي؟
انهن جا هٿ ڪنهن جي به غلفت سان، تنهنجي ۽ انهن جي غفلت جي ڪري ڪٽجي وڃن ته انهن هٿن جي مالڪن کي پوري زندگي پينشن ڇو نه ڏني وڃي”
مگر اهو ته مل مالڪ جي حقن سان هٿ چراند هوندي.
ڪرشما چاري جو وڪيل زور سان ڳالهائڻ لڳو.
سيڪشن فلاڻي جي شق فلاڻي فلاڻي دفعا فلاڻي فلاڻي ۾ مل مالڪ جي صحيح تعريف…
ڪنهن شريف مالڪ جي تعريف ڪر وڪيل صاحب. جج ڳري آواز ۾ ڪرشما چاري جي وڪيل کي چيو. پوءِ مڙندي ٽائپسٽ کي چيو: لک فيصلو. ڪرشما چاري مل ۾ ستر لک رپيا لڳايا ۽ ٽي ڪروڙ چوئيتاليهه لک رپيا وصول ڪيا. لهٰذا اهو پنهنجا پئسا وياج سميت وٺي چڪو آهي. جيڪڏهن اڄ کان اها مل هن جي نه آهي، بلڪه انهن جي آهي جن پنهنجي هٿن جي پونجي ان ۾ لڳائي ۽ اڄ تائين لڳائي رهيا آهن. ان کان علاوه ڪرشما چاري جيڪو پنهنجي هٿن جي محنت سان ان مل ۾ ڪجهه به ناهي لڳايو ۽ مل جي منافعي جو دعويدار ٿو ٿئي لهٰذا هي عدالت اهو فيصلو ٿي ڪري ته مل جي منافعي مان زيدي جي لاءِ زندگي ڀر پينشن جاري ڪئي وڃي ۽ ڪرشما چاري جا ٻئي هٿ ڪپيا وڃن ڇو ته اهي هٿ ڪم نٿا ڪن ۽ اسان جي ملڪ کي ڪم ڪرڻ وارن هٿن جي ضرورت آهي.
ڇا بڪواس آهي ڪرشما چاري زور سان رڙيون ڪيون.
هي جج آهي يا ڪو چريو ماڻهو. ڪافي وڪيل غصي مان ڳالهائڻ لڳا.
نئون جج ڪجهه چوڻ وارو ئي هو ته هڪ ڦٽيچر وڪيل پنهنجو ڪالر ٺيڪ ڪندي ڀڄندو اچي ڪورٽ روم ۾ داخل ٿيو. هن کي پڪڙيو. هن کي پڪڙيو هي جج ناهي هي ته منهنجو موڪل آهي. بڪرم ٽيڪسي وارو… هي جج جي ڪرسي تي ڇو ۽ ڪهڙي طرح ويٺو آهي.
ڪورٽ نمبر.01 ۾ جڏهن بڪرم ٽيڪسي واري کي پيش ڪيو ويو ته عدالت جي جج ان کان پڇيو تنهنجو نالو.
وڪرماديتا
عمر
ٻه هزار سال
ڪهڙو ڌنڌو ڪندو آهين.
ٽيڪسي هلائيندو آهيان.
تو عزت مآب عدالت جي جج جي غيرحاضري ۾ ان جي ڪرسي تي ويهي عدالت جي توهين ڇو ڪئي. عدالت نمبر.01 جي جج پڇيو.
سڀئي ماڻهو حيرت مان بڪرم ٽيڪسي واري کي ڏسڻ لڳا.
ڪافي دير تائين بڪرم ٽيڪسي واري جو ڪنڌ جهڪيل رهيو. پوءِ ان آهستي ڪنڌ مٿي کڻي چيو “حضور زندگي ٽيڪسي جي رفتار سان ڍڪي رهي آهي، پر قانون ڇڪڙي جي رفتار سان هلي رهيو آهي. مان بي قصور آهيان مان عدالت جي ڪرسي تي نه ويٺو هئس مان ته صرف ان جي ايڪسلٽر Accelerator تي پير رکيو هو.
ڇهه مهينا قيد بامشقت عدالت پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. ٻه پوليس جا سپاهي وڪرماديتا کي جهلي جهلي عدالت کان ٻاهر وٺي ويا.
***