ادبڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: بي وقوف

دير سان پهچڻ سبب مون کي حسب معمول ڪا آخري سيٽ ئي ملي، سا به ٻن واقفڪار دوستن جي وچ ۾، هن قسم جي پروگرامن ۾ اچڻ عام جام رهندو هو. خاص مهمان جيڪو منهنجو پسنديده رهيو هجي، جيڪو سدائين متنازعه بيانن سبب مشهور هوندو هو، اڄ ان جو پروگرام هو. هو ميزبان جي ڪرسي سامهون لاپرواهه ويٺل هو، هن جي سامهون ويٺل ميزبان عورت هن کان سوال ڪري رهي هئي. هن جي سامهون کوڙ سارا پنا پيل هئا، جن مان لڳو ٿي ته هن مختلف موضوعن جا سوال ڪيا هئا. آخري مرحلا هئا، لڳو ٿي ته هر موضوع تي ڍَو تي ڳالهائجي چڪو هو.
“ته پوءِ اوهان پنهنجي ان بيان جي باري ۾ ڇا چوندو جنهن ۾ اوهان دعويٰ ڪئي هئي ته مرد فيمينسٽ ناهي ٿيندو، معنيٰ مرد عورت کي سوچيندڙ ذهن تسليم نه ڪندو، هن لاءِ عورت هڪ جسم آهي ۽ ان جي حيثيت هڪ نوڪر جيان آهي بس”، هن طنزيه مسڪرائيندي چيو.
“مون، ائين ڪڏهن به نه چيو هو، نه ئي آئون اهو چوڻ جو تصور ڪري سگهان ٿو جيڪو ڪجهه اوهان چيو، مون صرف ايترو چيو هو ته هڪ مرد جيڪڏهن چاهي به، ته به فيمنسٽ نه ٿو ٿي سگهي. ڇو جو ڳالهه لفاظي جي ناهي، پر عمل جي آهي”. هن وضاحت ڪندي ڳالهه جي شروعات ڪئي.
“اهو ڀلا ڪيئن، اسان کي پهرين ته اهو ٻڌايو ته مرد فيمنسٽ مان اوهان جي ڇا مراد آهي”، ميزبان به تڪڙو سوال ڪيس. “پهرين ڳالهه ته جڏهن مان مرد فيمنسٽ چوان ٿو ته ان مان منهنجي مراد آهي ته هڪ مرد جيڪو عورت جي اوتري ئي آزادي جو قائل هجي جيتري هو پنهنجي لاءِ سوچي ٿو، ساڳي وقت هو زندگين جي ڪمن ڪارين ۾ به اوترو ئي هن سان ٻانهن ٻيلي هجي جيتري هڪ عورت هن سان آهي، شايد اها ڳالهه آئون اوهان کي هن ريت سمهجايان، ڏسو منهنجو ان ڏس ۾ پنهنجو تجربو رهيو آهي، مان ان وضاحت ڏيڻ لاءِ، اوهان جا ڪجهه منٽ وٺندس“.
“جي بلڪل پر ڪجهه مختصر ڪجو جو پاڻ وٽ هاڻِي باقي ڪي پندرهن منٽ بچيا هوندا”، ميزبان هوشياري وٺرايس.
مون واري پسنديده مهمان، جنهن جو مٿو ٺوڙهو ٿي چڪو هو، ۽ ڀرن جا وار به اڇا ٿيڻ لڳا هئس، پنهنجي ڳالهه شروع ڪئي.
”منهنجو تعلق هڪ غريب خاندان سان رهيو آهي، بابا ٻارن جا ڌڻ پيدا ڪري، مري چڪو هو“. هن اڃا ايترو مس چيو جو، آڊينس، هلڪڙن ٽهڪن ۾ پيو.
”معاف ڪجو، شايد اوهان ڀلجو پيا، ٻار گھڻا پيدا ڪري عورت مرندي آهي، ميزبان عورت کيس مسڪرائيندي ياد ڏياريو.
”ڏسو منهنجو مطلب آهي ته، هن چوڻ شروع ڪيو، پيءُ سماجي طور جنهن دنيا کي منهن ڏئي ٿو ان ۾ رسڪ گھڻا هوندا آهن، ان ڪري عورت جي ڀيٽ ۾ جلد مري ٿو“. هن چيو.
”اوه ماءِ گاڊ، معنيٰ، عورت سماجي طور رسڪ هيٺ ئي ناهي، ميزبان کيس ٽوڪيندي چيو.
ان جملي سان ته ماڳهين مون وارو مهمان خاص ويو ٿي سسندو، واهه جو ڦاٿو هو. جي معاملو اتي بيهي ها ته به چڱو، اڳيان ويٺل نوجوان ڇوڪرين جن هر مسئلي جي جڙ، مرد کي سمجهيو ٿي، انهن شيم شيم چوڻ شروع ڪيو. انهي ردعمل تي وري منهنجي کاٻي پاسي ۾ ويٺل دوست وڏي نفاست سان انگريزيءُ ۾ چئي رهيو هو: ديٽس ناٽ گڊ. ديٽس ناٽ گڊ.
اڃا هن جواب ڏيڻ جي ٿي ڪئي جو اڳيان ڪا نوجوان ڇوڪريءَ اٿي بيهندي، جذباتي انداز ۾ سوال ڪيو ته ”ڇا اوهان ان ڳالهه کان انڪار ٿا ڪيو ته عورت جو استحصال نه ٿو ٿئي“. ان اوچتي سوال تي ميزبان به حيران ٿي، جنهن کيس اهو چئي ماٺ ڪرايو ته سوال آخر ۾ ڪجو، وقت اڳ ۾ ئي ٿورو آهي.
”ڏسو استحصال ته سڀني جو ٿئي ٿو، هن ان ڇوڪريءَ کي جواب ڏيڻ جي ڪئي، مزدورن ۽ هارين جو به ته استحصال ٿئي، اها ڳالهه سمجهڻي پوندي“. هن اڃا ايترو مس چيو، جو چپ ڪرڻي پئجي ويس.
”معنيٰ اوهان عورتن کي انسان ئي نٿا سمجهو“، ان ساڳي ڇوڪري ٻيهر چيو، هن جو آواز ڪڙڪيدار هو بغير مائيڪ جي سموري حال ۾ ڦهلجي رهيو هو.
”نه ائين ناهي، ڀلا هارين ۽ مزدورن کي ڪڏهن ڪنهن انسان سمجهيو آهي ڇا، اهي جهڙا آهن تهڙا ناهن“، هن همراهه به ٺهه پهه ساڳي ڳالهه ڪئي. هڪ مرد ڇا عورت جو استحصال ڪندو، سمورو سماج ئي استحصالي آ، ڏوهاري ته سرمائيدار ۽ جاگيردار آهن، جو نظام به هنن جو ئي آهي“.
ڇوڪري جيڪا هاڻي ويهڻ کان انڪاري هئي، ان وري مداخلت ڪئي. ”اسان ڳالهه عورتن جي حقن جي مس ٿا ڪيون ته اوهان کي وري سرمائيداري ياد اچيو وڃي، مون کي ٻڌايو ته گھر ۾ ڪم ڪندڙ مائين، ماسين ۽ معصوم ٻارن ۽ ٻارڙين جو استحصال ڪهڙو سرمائيدار اچي ڪندو آهي“. ڇوڪريءَ جا سوال ته ڀلا هئا، پر هن کي وڏي مشڪل سان ماٺ ڪرائي ويهاريو ويو.
هن منهنجي يار جي حالت وئي ٿي بي سڪون ٿيندي. هن جي لفظن کي سمجهيو ئي نه ٿي ويو. منهنجيون ته سڀ همدرديون هن سان هيون. هن ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”مون اهو ٿي چوڻ چاهيو ته منهنجو پي ڊزن ٻارن جي سارسنڀال واري ٿڪائيندڙ جوکم، مٿان مون واري ماءَ وارن روز روز جي جهيڙن، جن جو بنياد غربت هو، ۽ باقي دنيا جي ذلالتن کي منهن ڏيندي، وقت کان پهرين صرف چاليهه سالن اندر مري ويو هو. هو هڪ اهڙي اداري ۾ ڪم ڪندو هو، جتي ڪنهن به قسم جي اضافي آمدني نه هئي، بس آفيس ۾ سياست تي بحث ٻڌي موٽندو هو. هن جي وڃڻ کان پوءِ اسان جي فيملي مان جيئن ته آئون سڀني ۾ ننڍو هئس، ان ڪري گھڻو ڪري گهر ۾ ئي رهندو هئس. امان گهر جو ڪم ڪندي هئي ۽ اها ڪم ۾ منهنجي مدد گهرندي هئي، ايئن مون ۾ گھر جي ڪم ڪار ڪرڻ جي عادت شروع ٿي.
شروع ۾ امان جيڪڏهن ٿانو مليندي هئي، ته انهن کي ڌوئڻ جو ڪم وري منهنجو هوندو هو، ڪم مهل هو بس زماني جي ذڪر ائين ڪندي هئي، جنهن جو مقصد اهو هوندو هو ته هتي ڪير به ڪنهن جو ڪونهي. ڪپڙن ڌوئڻ مهل، هوءَ بيٽا صابڻ هڻي، ڪپڙا مهٽي مون کي ڏيندي هئي ته ٻن صاف پاڻين مان ڌوئي، پوءِ زور سان ٽي دفعا ڇنڊڪا ڏئي، ٻاهرين رسي تي وجهي اچان. شروع ۾ ته امان دڙڪا جام ڏيندي هئم جو ڪپڙا نپوڙڻ وڏو ڏکيو ڪم هوندو هو، آئون هوندو هئس سڪل سنهڙو، ڪپڙا نپوڙجن يا نه پر منهنجو ساهه ئي نپوڙجي ويندو هو.
ايئن ئي آهستي آهستي فرش ڌوئڻ يا ٻهاري ڏيڻ جا مددي ڪم منهجي سڃاڻپ بڻجي ويا. ٿانو ڌوئڻ کان پوءِ، مون کي اڪثر امان جا دڙڪا نصيب ٿيندا هئا، جو هو چوندي هئي ته ديڳڙين ۽ اسٽيل جي پليٽن تان سڻڀ سٺي نموني ناهي لٿل، جيڪو سڻڀ مون کي نظر نه ايندو هو، نه ئي وري محسوس ٿيندو هو. شروع شروع ۾ ته ٿانو ڌوئڻ وقت ئي، اهي ٿانو، جيڪي منهنجا ڌوتل هوندا هئا، پر جن جو سڻڀ يا مير نه لٿل هوندي هئي، مون کي ڪڍي ڏيندي هئي ته هي ٻيهر ڌوءُ“.
همراهه جي مظلوميت جو راڳ جاري هو ۽ هال ۾ هاڻي خاموشي ڇانيل هجي.
”چوڻ جو مقصد اهو آهي ته گھر جو ڪم ڪرڻ مون لاءِ ڪڏهن به عيب نه هو. پڙهي ڪجهه ٿي پياسين، ته مائٽن شادي ڪرائي. گھر ۾ ڪم لاءِ ماسي رکڻي پئي. جيئن ته ڪم ڪرڻ جي عادت پيل هئي، ان ڪري جڏهن ماسي نه ايندي هئي ته ڪم ۾ زال جو هٿ ونڊائيندو هئس، پر هن کي اها ڳالهه وڻندي ڪانه هئي. امان ۽ هن ۾ اهو فرق هو جو هن ڪڏهن به اهو نه چيو ته ٿانون تان سڻڀ ٺيڪ طرح لاٿل ناهي، (هال ۾ ويٺلن ۾ هلڪڙو ٽهڪڙو هلي پئي ٿو) هوءَ بس چوندي هئي. ”ٺيڪ آهن، بس، ٺيڪ آهن“، پر انهن لفظن ۾ ڪا مڃتا ڪانه هئي. منهنجي زال جا اهي رکا اکر هوندا هئا. ڪجهه ئي سالن اندر جڏهن ٻار وڌڻ لڳا، خرچ وڌڻ لڳا ته منهنجي زال ماسي مان جان آجي ڪرائي، هاڻي وري ڪڏهن ڪڏهن موڪل واري ڏينهن، مون هن کي، فرش ڌوئارڻ يا پوچو ڏيڻ يا ٿانو ڌوئڻ ۾ مدد ڪئي ٿي. اها ڳالهه هن کي سٺي لڳندي هئي يا خراب، مون کان طئي نه ٿيندو هو، جو هو ان جي ڪاڻ ڪانه ڪڍندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن هو مون کي چئي ڏيندي هئي ته مان ان قسم جا ڪم نه ڪندو ڪيان. مون هن کان سبب نه پڇيو.
منهنجو بس هن کي اهو چوڻ هو ته آئون پڙهيو لکيو روشن خيال فرد آهيان، مون سماجن جي اوسر پڙهي آهي، ان ڪري آئون عورت کي جسماني توڙي ذهني طور برابر سمجهندو آهيان، مون کي جنسي بنيادن تي متڀيد ناهي وڻندو، بلڪل ايئن ئي جيئن باقي سماجي متڀيد ناهي وڻندو. هن جو بس ايترو چوڻ هوندو هو ته “خبر آ، آخر تنهجي زال آهيان” پر اهو چوندي به هن جي دل مان ڪو خوشي جو آواز نه ٿي آيو.
ميزبان عورت، هن جي ڪهاڻي ۾ دلچسپي وٺي رهي هئي، ته هن رکي رکي وقت ڏانهن به نهاريو ٿي، جيڪو تيزي سان پورو ٿي رهيو هو. آڊينس جيئن ته هن کي غور سان ٻڌي رهيا هئا، ان ڪري هن ڪامياب پروگرام جو ڪريڊٽ کڻڻ ٿي گهريو. ڇو جو آڊينس جي دلچسپي ئي پروگرام جي ڪاميابي جو ماپو هوندي هئي.
بس سلسلو ايئن ئي هلندو رهيو، مون هن جي هفتي مهيني ۾ مدد ڪئي ٿي ۽ هن ان کي خاطر ۾ ئي نه ٿي آندو، بلڪه ڪڏهن ڪڏهن چئي ڏيندي هئي گذريل مهيني آچر واري ڏينهن ڪڪنگ ۾ مدد ڪرڻ جي مهرباني. آئون سمجهي ويندو هئس ته، هو به سمجهي ٿي ته هي ڪڏهن ڪڏهن جي ڪم ۾ مدد بس، ڄڻ هڪ قسم جو ڏيکاءُ هو. گھر جو ڪم ڪرڻ واقعي به مون کان زور هو. ان جو مون کي ان وقت احساس ٿيندو هو، جڏهن هوءَ مائٽن ۾ غمي خوشي دوران، ٻار منهنجي حوالي ڪري ويندي هئي. اهو سمورو هڪ ڏينهن، قيامت جو ڏينهن ٿي پوندو هو، ٻار سنڀالڻ، انهن کي صاف سٿرو رکڻ، بازار مان ماني آڻي کارائڻ، ٿانو صاف ڪرڻ، نه ڄاڻ ڪيترا خفا، ماڻهو بس شام تائين چريو ٿي پوي. واپسي تي هو منهنجي چهري کي ڏسي هلڪو طنزيا چئي ڏيندي هئي،“ لڳي ٿو اڄ صفا ٿڪجي ساڻا ٿي پيا آهيو”. اهو جملو خطرناڪ هوندو هو. ٻڌندڙ به اهو سمجهن ٿا ته اهو خطرناڪ جملو آهي، اهو جملو ڪنهن به ماڻهو کي ماري سگهي ٿو. مان به رسمن “نه نه” چئي، پنهنجي چهري تي مرڪ آڻيندو هئس.
“دل ۾ ته گھڻو ئي سوچيندو هئس ته هاڻي ته، هن کي، مون کي دل سان تسليم ڪرڻ گھرجي ته آئون عورت ۽ مرد جي برابري جو قائل آهيان، پر هن تي ڪو به فرق نه ٿي پيو، پر مڙڻ وارو مان به نه هئس. هاڻي باقي ڪمن ڪرڻ وقت، اهو سوچيندو هئس ته آخر اهڙو ڪهڙو ڪم آهي جو ڪيان، ته کيس منهنجو يقين اچي. سو نيٺ ڪم نڪري آيو. ڇا ٿيو جو، ان ڏهاڙي ٻن سالن وارو ننڍڙو پنهنجي شلوار ۾ پوٽي ڪري ويهي رهيو، هاڻي جيستائين هن جي ماءُ کي خبر پوي، جيستائين هوءَ ڪنهن ڪم مان واندي ٿي اچي، مون ان ٻار کي وڏي احتياط سان کنيو، هن جي شلوار لاهڻ شروع ڪئي، ان کي باٿ روم ۾ صاف سٿرو ڪيم، وري کيس صاف ڪپڙا پهرايم (آڊينس هڪ دفعو وري کلي، اهي محظوظ ٿي رهيا هئا). ائين بس اهو ڪم به شروع ڪيم پر اهو ڪم هوندو اتفاقي هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٿيندڙ هو. اهو منهنجي لاءِ شايد دنيا جو پهريون ۽ آخري ڏکيو ترين ڪم هو، پنهنجي ننڍڙي ٻار جي غلاظت صاف ڪري وري ان کي وهنجاري سنجهاري ڪپڙا پارائڻ. ان ڪم مون کي وڏي ڪوفت ٿي ڏني. منهنجا چار پٽ جيڪي وڏا ٿي چڪا هئا، انهن جي صفائي مون ڪڏهن به نه ڪئي هوندي. غلاظت صاف ڪرڻ مهل مون کي پنهنجو ساهه بند ڪرڻو ٿي پيو، جيڪو ڪرڻ ممڪن نه هو. ساهه روڪي جڏهن وري کڻبو هو، لڳندو هو ڌپ دماغ کان ٿيندي حرام مغز وٽ پهتي آهي. پر پوءِ به اهو ڪم ڪري، جڏهن به مون، سرخروٿيڻ جي ڪئي هوندي، اڳيان موٽ مايوس ڪن ملندي هئي. هن کي ان ڪم به متاثر نه ڪيو. منهنجو تعلق جيئن ته لور مڊل ڪلاس سان هو، ان ڪري انهن ڏينهن ۾ ٻارن لاءِ پيمپر افورڊ ايبل نه هئا. غلاظت واريون چڍيون وري بعد ۾ منهنجي زال ڌوئيندي هئي، جيڪو ڪم هوءَ سالن کان بغير محسوس ڪرائڻ جي ڪري رهي هئي. ايئن ئي جيئن باقي روز مره جا ڪم سالن کان ڪندي، هن ڪڏهن به نه جتايو هو. هڪ دفعي، جيئن ئي مون ننڍڙي جي پوٽي صاف ڪندي، ان کي ڪپڙا پارائي، پنهنجي گھر واري ڏانهن نهاريندي مذاقن چيو ته، اڃان ڀلا عورت مرد جي برابري جي ڳالهه ڪندڙ کي سنڱ ٿيندا آهن ڇا.
هوءَ منهنجي ڀرسان آئي ڏاڍي پيار سان هٿ پڪڙيندي مون کي ان جاءِ تي وٺي وئي، جتي هڪ عدد غلاظت واري ننڍڙي جي لاٿل شلوار، هڪ صبح واري گندي شلوار ۽ ٻه عدد ڪالهه واريون چڍيون پيون هيون، هن صرف ان وقت واري گندي شلوار کنئي ۽ چيو توکي، هڪ عورت جي برابري ڪرڻ جو ڏاڍو شوق آهي نه! ته ڀلا هي ڪير ڌوئيندو، ڪو به ڪم ڪبو آ، ته مڪمل ته ڪبو آ نه. هن ٿڦيل شلوار ڦٽي ڪئي ۽ هلي وئي. هن جي ان ڳالهه ته مون کي ذري گھٽ وائڙو ڪري ڇڏيو. گھڻي دير سوچن ۾ پئجي ويس. نيٺ مون چونڊي ننڍڙي جي اها ئي شلوار کنئي جيڪا ان وقت لاٿي وئي هئي، ساهه بند ڪري برشُ، سرف ايڪسل، توڙي ڪپڙن ڌوئڻ واري صابڻ سان لڳس صاف ڪرڻ، ذري گھٽ الٽيون ٿي آيم، شلوار هئي جا ٺيڪ طرح صاف ٿئي ئي نه. مون ڪاوڙ منجهان اها اتي ئي ڦٽي ڪئي، هر شي جي حد ٿيندي آهي، سوچيم، هي ڪم ڪرڻ ته برداشت کان ئي ٻاهر هو. مون گھڻي دير سوچي پوءِ هڪ فيصلو ڪيو ته هاڻي گھر جو ڪو به ڪم نه ڪبو. بعد ۾ مون گهر جو ڪو ڪم نه ڪيو، ڪڏهن به نه ڪيم، ڪڏهن به ننڍڙي کي صاف نه ڪيم. منهنجي زال تي ڪو به فرق نه پيو. هوءَ مون سان بنا ڳالهائڻ جي اهو چوندي آهي ته: “نه عورت ٿيڻ سولو اٿئي، نه ئي تو وارو عورت جي برابري ڪرڻ معاملو سولو اٿئي نه ئي فيمينسٽ وارو ليبل لڳائڻ سولو اٿئي”. مون انهي واقعي کان پوءِ ئي، اها ڳالهه ميڊيا جي دوستن اڳيان ڪئي هئي ته هڪ مرد، فيمينسٽ ٿي ئي نه ٿو سگهي”. ميزبان عورت کي سمجهه ۾ نه پي آيو ته هوءَ ڪهڙي قسم جو رد عمل ڏئي.
ٿورو غور ڪندي ميزبان عورت چيو “اهو ته ماڳهين مرد جو ڪو اجايو ڪوڙو بهانو ٿو لڳي”.
“نه هر گز نه، بهانو ناهي، صدين کان معاملا خراب ٿيل آهن،ٺيڪ ٿيڻ ۾ وقت لڳندو،شڪر آ جو اسان جي سماج ۾ ڪجهه بهتري اچي رهي آهي، عورت جو مان مرتبو بهتر کان بهتر ٿي رهيو آهي، گھٽ ۾ منهنجي سمجهه ته ائين ٿي ڪم ڪري”هن چيو.
“مان سمجهان ٿي ته شايد سڀني جي سمجهه ايئن ٿي ڪم ڪري”، ميزبان آڊينس ڏانهن نهاريندي چيو “نه، ائين به ناهي، اوهان کي خبر آهي ته عام ماڻهو جي سمجهه ڪيئن ٿي ڪم ڪري، بس آخر ۾ هڪڙي ڳالهه اوهان ٻڌندڙن سان ونڊيان ٿو، بس هڪ منٽ وڌيڪ”، مهمان چيو.
ميزبان به مسڪرائيندي چيس ضرور.
“ٿيو ائين جو، هڪ دفعي منهنجي زال جي هڪ سهيلي گهر اچي نڪتي، هن، منهنجي گھر واري کي پريس ڪلب ۾ عورتن جي سجاڳي واري پروگرام ۾ اچڻ جي دعوت ڏني، جتي هو اڪثر ويندي به هئي. اهڙن پروگرامن ۾ وڃڻ جي، هن کي اجازت، ان لاءَ به ڏنل هئي، جو مون تي روشن خيالي جو ٺپو لڳل هو. گھر واري، ان سهيلي کي، مون سان ملايو، پوءِ مزاقن چيائنس ته منهجو گھر وارو مون کي گهر جي ڪمن ۾ ڏاڍي مدد ڪندو آهي، (جڏهن ته مون هن جي مدد ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو) ٿانو ڌورائي ثابت ڪندو آهي ته هو عورت ۽ مرد جي برابري جو قائل آهي.
مون کي ڳالهه وڻي ته ڪونه، پر هن جي سهيلي سامهون کِلي وسيع سوچ جو اظهار ڪيم. هن جي سهيلي به الائي ڇو ڄڻ مردن تي ڪاوڙي ويٺي هئي، هن به بنا لحاظ جي چئي ڏنو “ها، ادا، منهنجو مڙس به عيد بارات تي، گھر جي ڪم ڪار ۾، منهنجي ڏاڍي مدد ڪندو آهي، ۽ مدد ڪرڻ کان پوءِ وري پوري خاندان کي پيو ٻڌائيندو آهي ته هن ڪهڙو ڪارنامو ڪيو آهي”.
مون به لحاظ ڪندي چيومانس ته “ادي ايترو ئي ممڪن آهي، مرد کي ٻاهر جي دنيا جا ڪم به آهن”. پر لڳم ته هن کي ڳالهه وڻي ڪانه.
هن جي سهيلي وري بنا لحاظ جي چيو. “ها، ادا، مان به پنهنجي مڙس کي، جيڪو شام کان هوٽلن تي دوستن سان ڪچهريون ڪري، رات جو دير سان ايندو آهي، ته هڪ دم کيس ماني گرم ڪري ڏيندي آهيان، آخر هو ٻاهر جي دنيا کي منهن ڏئي ٿو، جيڪو مذاق ٿورئي آهي”.
منهنجي منهن جو ته پنو ئي لهي ويو. هن ڳالهائڻ بس نٿي ڪيو، ۽ مون کي منجهه پي ٿي، مون بس ٻاهر نڪرڻ جي ٿي ڪئي، پر ڪو بهانو سجهي نه پيو“
”ادا هڪ دفعي مون پنهنجي مڙس کي چيو“… هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”جي جي“، مون به لحاظ ڪندي چيو، مون سمجهيو ٿي ته اخلاق جي تقاضا هئي ته کين ٻڌجي. مون پنهنجي زال ڏانهن نهاريندي اکين سان چيو، تون به ڪهڙن ڪهڙن فردن هٿان مون کي زليل ڪرائيندي ٿي وتين. هن موٽ ۾ بس مسڪرايو پي. مون ٻاهران ڪجهه وٺي اچڻ جو بهانو ڪيو. هن، “نه نه، ڀاڀي پنهنجي هٿن جا تريل پڪوڙا ۽ چانهه پياري چڪي آهي”، چوندي، پنهنجي ڳالهه جاري رکي:
“مون کي چيائين ته مان هڪڙي نوڪري جو اشتهار ڏيڻ ٿي چاهيان، تون به سڀني دوستن کي ٻڌائج”. “ڪهڙي نوڪري، ڇا جو اشتهار” منهنجي مڙس حيران ٿيندي مون کان پڇيو هو. منهنجي سهيلي چيو ته “هڪ عدد ماڻهو کپي، جيڪو سوير فجر جو اٿي، سڀني گھر ڀاتين کي چانهه پياري، ٻارن جو ناشتو ڪري، انهن کي تيار ڪري اسڪول موڪلي، آفيس ويندڙ مرد کي ناشتو ڏئي ۽ آفيس وڃڻ وارو بيگ يا ٻيو ضروري سامان کڻي ڏيئي. پوءِ گھر ۾ موجود وڏڙن کي ناشتو ڪرائي، پوءِ منجهند جي ماني تيار ڪري، ان کانپوءِ گهر جو اهو ڪم ڪار جيڪو هوندو آهي، ٻهاري، ٿانو، ڇنڊ ڦوڪ، اسڪول کان واپس ايندڙ ٻارن کي صاف سٿرو ڪري، ماني کارائي، وري رات جي ماني تيار ڪري، سڀني کي پيش ڪري ۽ جڏهن باقي گهر ڀاتي ٽي وي ڏسن يا موبائيل تي مصروف هجن، ته ان وقت هن کي ٿانو ڌوئڻا آهن، ٻارن جا ڪپڙا استري ڪرڻا آهن وغيره وغيره، ڪم سال جا سڀ ڏينهن ڪرڻا پوندا. ڇا ڇنڇر، ڇا آچر ۽ ڪهڙيون عيدون . هن کي انهن ڏينهن تي به ڪچن ۾ چانهه ۽ پڪوڙا ٺاهڻا پوندا، جنهن ڏينهن اوچتو مهمان ايندا يا بارش پوندي هوندي، ۽ سڀني مردن جو بارش واري موسم جو مزو وٺڻ تي دل ڪري رهيو هوندو.” هن جي سهيلي ٿوري دير چپ رهي پوءِ ڪجهه سوچيندي چيائين، “ادا منهجو مڙس اوهان جيان روشن خيال ناهي.” مون به ٺهه پهه چيومانس ته هي بي وقوف فرد ڪري ٿو نه، جيڪو تنهنجي سامهون بيٺل آهي، جنهن کي سماج تنهنجي زال چئي ٿو”. ماڻهو ڪڏهو ڪو هال خالي ڪري وڃي چڪا هئا، ميزبان، مهمان، ٻڌندڙ وڃي چڪا هئا. هال مان اٿندڙ آخري فرد آئون هئس.
***