ايڊيٽوريل

نوشڪي بلوچستان ۾ بيگناهن جو خون وهائيندڙن کي پڪڙي سخت سزا ڏيو

عيد گذاري مزدوري جي لاءِ ويندڙ بيگناهه ماڻهن کي بس مان لاهي انهن جا شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري، پوءِ انهن کي اغوا ڪري قتل ڪيو ويو، انهن جا بي ڪفن لاش پهاڙن جي وچ مان مليا.
هي دردناڪ واقعو 12 اپريل تي نوشڪي کان ڪجهه ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي ٿيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته انهن 9 بيگناهه ماڻهن جو تعلق پنجاب سان هو، ڪجهه گوجرانولا جا، ڪجهه منڊي بهاوء الدين جا هئا، جيڪي مزدوري جي نيت سان تافتان طرف وڃي رهيا هئا. جن دهشتگردن هنن بيگناهن جو خون وهايو انهن جي صرف مذمت ڪافي نه ٿيندي، بلڪه انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. اهي معاشري جا بدنما ڪردار آهن، جن جو ڪم ملڪ ۾ بيچيني پکيڙڻ آهي، سندن ٻيو ڪوبه مقصد نه آهي. هي سڀ ڀاڙيتو ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي خصيص ذاتي مفادن جي لاءِ اهڙا ڪڌا ڪم ڪن ٿا. هنن جا واسطا اهڙين ٻاهرين قوتن سان آهن جيڪي رياست ۾ انارڪي پکيڙڻ چاهين ٿا، جن جو مقصد پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ آهي. جيڪڏهن پاڪستان ڪمزور ٿيندو ته يقينن بلوچستان ڪمزور ٿيندو. جڏهن پوري ملڪ جا ساڃاهه وند ماڻهو سمجهن ٿا ته بلوچستان ۾ مقامي ماڻهن سان ڪجهه رياستي ڏاڍائي ٿئي ٿي. بلوچستان ۾ مقامي ماڻهن کي سندن آئيني ۽ قانوني حق نٿا ملن. جڏهن بلوچستان جي ماڻهن جو سياسي ۽ آئيني حقن وارو ڪيس پوري ملڪ ۾ وڙهيو ٿو وڃي ته ان وقت هن قسم جون دهشتگرد ڪارروائيون ڪرڻ وارا يقينن بلوچستان جي انهن مقامي ماڻهن جا به دشمن نظر اچن ٿا. اهڙين ڪارروائين کانپوءِ ڪاوڙ جو عنصر فطري آهي. جڏهن هنن بيگناهه مزدورن جا لاش سندن گهرن ۾ پهچندا ته ان علائقي جا ماڻهو اهو سوچڻ تي حق تي هوندا ته شايد بلوچ نسل جا ماڻهو پنهنجي علائقي ۾ ڪنهن ٻئي کي برداشت نٿا ڪن، انهن کي بيگناهه ماري ڇڏين ٿا. جڏهن ته بلوچستان جا ماڻهو پوري ملڪ ۾ اچي وڃي سگهن ٿا جيڪو سندن آئيني حق پڻ آهي ۽ اهو حق هر پاڪستانيءَ جو آهي ته هو پنهنجي ملڪ ۾ آرام سان بنا خوف خطري جي سفر ڪري سگهي، مزدوري ڪري سگهي، پر جڏهن ملڪ جي هڪ علائقي ۾ اهڙي قسم جون دهشتگرد ڪارروائيون ٿينديون ته اتان جي رهندڙ سڀني ماڻهن جو تعارف باقي ملڪ لاءِ سٺو نه ويندو.
چيو ته اهو به ٿو وڃي ته تحريڪ طالبان پاڪستان اهڙن قسم جي ڪارروائين ۾ نه صرف سهولتڪار آهي، پر عملي حصو به وٺي ٿي. مختلف نالن سان دهشتگرد تنظيمون انهن علائقن ۾ موجود آهن. اسان هنن قتل ٿيندڙ بيگناهه ماڻهن جي خاندان سان همدرديءَ جو اظهار ڪريون ٿا. اسين سمجهون ٿا ته هر ظالم ماڻهو جو مقصد صرف ظلم ڪرڻ هوندو آهي، هتي به ظلم نظر اچي پيو. ملڪ جي قانون نافذ ڪندڙ ادارن تي به سوال اٿن ٿا. جيڪڏهن مين شاهراهون به محفوظ نه آهن ته پوءِ جيڪي ڏورانهان علائقا هوندا اتان جي امن امان جي صورتحال ڪهڙي هوندي؟ پوءِ اتان جا ماڻهو هنن دهشتگردن جي هٿن ۾ رانديڪا بڻيل هوندا آهن. ڇو ته سندن تحفظ رياست نه ڪري رهي هوندي آهي. مجبورن انهن ماڻهن کي دهشتگردن جو سهولتڪار بنجڻو پئجي ويندو آهي. جيڪڏهن اهي دهشتگردن جا سهولتڪار نه ٿيندا آهن ته پوءِ اهي ماڻهو دهشتگردن جو کاڄ بڻجي ويندا آهن.
رياست کي هر صورت ۾ قانون جي عملداري ڪرڻ گهرجي. پاڪستان جو ماڻهو ڪنهن به علائقي جو هجي ان جو تحفظ ڪرڻ گهرجي ۽ دهشتگرد ڪي پي جو هجي، بلوچستان جو هجي، پنجاب جو هجي يا سنڌ جو ان سان بنا رعايت سختي سان پيش اچڻ گهرجي ۽ ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي، عوام جو بچاءُ ۽ ملڪ جي بقا انهيءَ ۾ آهي.