ايڊيٽوريلنئون

ٽيڪس وصولين ۾ گهٽتائي

            فيڊرل بورڊ آف روينيو کي هلندڙ مالي سال جي پهرين 7 مهينن ۾ ٽارگيٽ کان گهٽ ٽيڪس وصول ٿيو آهي. ايف بي آر جو روينيو خسارو هر گذرندڙ مهيني سان وڌي رهيو آهي. جيئن ته جنوري 2025 جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته ٽيڪسن جي وصولي گهٽ ٿي آهي. جنوري 2025 تائين 956 ارب رپين جي گهربل ٽيڪس جي مقابلي ۾ صرف 872 ارب رپين جي وصولي ٿي آهي. ڪنهن به ملڪ جا مالي معاملا آمدني ۽ خرچ تي دارومدار رکن ٿا.

            سرڪاري آمدني جو سڀني کان وڏو ذريعو ٽيڪس جي ذريعي وصول ٿئي ٿو. فيڊرل بورڊ آف روينيو جي اها ذميداري آهي ته اها ناڻي واري وزارت جي پاران ڏنل ٽارگيٽ مطابق وصوليون ڪري، پر ائين نه ٿي سگهيو آهي. عالمي مالياتي ادارا جن سان اسان جو ڪاروباري وهنوار آهي اهي به ٽيڪس جي وصولي تي زور ڏيندا رهيا آهن. ڇاڪاڻ جو ملڪ ۾ ٽيڪس جي وصولي ملڪي ۽ غير ملڪي قرضن جي ادائيگي ۾ به استعمال ٿيندي آهي. پاڪستان جي ٽيڪس نظام ۾ تمام گهڻيون خاميون آهن، جو ايف بي آر پنهنجا مليل ٽارگيٽ به حاصل نه ٿو ڪري سگهي. آئي ايم ايف ۽ ٻيا مالياتي ادارا اهو مطالبو ڪندا رهيا آهن ته پاڪستان کي پنهنجي امير طبقن تي ٽيڪس لڳائڻ گهرجي ۽ غريب عوام جي حفاظت ڪرڻ گهرجي. ملڪ ۾ پيش ٿيندڙ هر مالي سال جي بجيٽ ۾ ٽيڪس وصول ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ويندي آهي، پر اسان جو ٽيڪس وصولي جو نظام ڪجهه اهڙو آهي جو انهيءَ جو اثر غريب طبقن تي پوي ٿو ۽ امير طبقن تي ٽيڪس جي وصولي جو بار انهن جي آمدني جي لحاظ کان ڪجهه به ڪونهي. ملڪ جي معيشت ۽ ٽيڪس جا ماهرين اهو چون ٿا ته اسان جي ٽيڪس جي وصولي جو نظام بهتر نه آهي، انهيءَ ۾ ٽيڪس اهڙن ماڻهن کان وصول ڪيا ٿا وڃن، جن جون آمدنيون گهٽ آهن. مختلف شين تي سيلز ٽيڪس به عام ماڻهو کي متاثر ڪري ٿو. اسانجي ملڪ ۾ وفاقي حڪومت جي انتظام هيٺ ٽيڪس وصولي جو ادارو فيڊرل بورڊ آف روينيو آهي، جيڪو پوري ملڪ مان ٽيڪس وصولي جو ڪم ڪري ٿو. جڏهن ته صوبائي سطح تي به ٽيڪس جي وصولي جا ادارا آهن، جيڪي به ماڻهن کان ٽيڪس وصول ڪن ٿا. پاڪستان ۾ ٽيڪس نظام تي جيڪڏهن ڏسجي ۽ سمجهجي ته انهيءَ ۾ انڪم ٽيڪس، فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي، ڪسٽم ڊيوٽي ۽ سيلز ٽيڪس جي ذريعي ٽيڪس جي رقم يا محصولات کي گڏ ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ سلسلي ۾ معيشت جا ماهرين ۽ ٽيڪس جا ماهر اهو چون ٿا ته ملڪ ۾ هن وقت ٽيڪس جي وصولي ۾ 70 سيڪڙو حصو اڻ سڌن ٽيڪسن جو آهي، جڏهن ته سڌا ٽيڪس صرف 30 سيڪڙو آهن. اهو 70 سيڪڙو ٽيڪس جيڪو اڻ سڌي طرح ملڪ جي ماڻهن تي مڙهيو وڃي ٿو، ضرورت آهي ته انهيءَ کي سڌي ٽيڪس جي طريقي سان وصول ڪيو وڃي. عام مثال جي طور تي ڏسجي ته هر اهو شخص جيڪو موبائل استعمال ڪري ٿو يا دڪان تي وڃي ڪجهه به خريد ڪري ٿو ته اهو سيلز ٽيڪس جي صورت ۾ حڪومت کي ادائيگي ڪري رهيو آهي. ماڻهو ٽيڪس ڏيڻ چاهين ٿا، پر انهن جو ٽيڪس جي نظام تي اعتماد ڪونهي ۽ انهيءَ سان گڏ ٽيڪس جي نظام جون پيچيدگيون ۽ وڏي شرح تي ٽيڪس جي وصولي سبب پاڪستان ۾ ٽيڪس ڏيڻ جو ڪلچر وڌي نه سگهيو آهي. معيشت جا ماهر اهو چون ٿا ته پاڪستان ۾ اڻ سڌن ٽيڪس جي شرح تڏهن گهٽ ٿيندي، جڏهن ٽيڪس جي قانون کي بهتر ڪبو ۽ ماڻهن جو ٽيڪس جي نظام ۾ اعتبار وڌندو. نئين مالي سال کان فائلر ۽ نان فائلر جو بحث 7 مهينن کان هلندڙ آهي.

            اسين وزارت خزانه کي اهو چونداسين ته ڳالهين سان ڳوٺ ڪون ٻڌبا. ٽيڪس وصولي جي جديد حڪمت عملي جيڪڏهن نه ٺاهبي ته ٽيڪس جي وصولي نه ٿي سگهندي. جنهن جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال سڀني کان اهم آهي. اسان کي سڌريل ۽ ترقي يافته ملڪن جي ماڊل کي ڏسڻو پوندو ۽ ان ماڊل مان ڪنهن اهڙي ماڊل جي چونڊ ڪرڻي پوندي، جنهن کي اسان پنهنجي ملڪ ۾ لاڳو ڪري ٽيڪنالاجي ۽ هيومن رسورس کي گڏ استعمال ڪري وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪري سگهون، جنهن ۾ ڪرپشن جو امڪان گهٽ هجي ۽ آهستي آهستي ٽيڪس جو پورو نظام ٽيڪنالاجيءَ جي مٿان کڻي اچجي، تڏهن ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪي ٽيڪس ماڻهو ادا ڪن ٿا، اهي حڪومت جي خزاني ۾ وڃي سگهن ٿا. هن مالي سال ۾ اها خبر بهتر ته ڪونهي ته ايف بي آر پنهنجي وصولي ۾ 468 ارب رپين جي گهٽتائي آندي آهي. ايف بي آر جو روينيو خسارو هر گذرندڙ مهيني سان وڌندو پيو وڃي. اڃا به وقت آهي ته خزاني جي وزارت ۽ ايف بي آر بهتر حڪمت عملي جوڙين ته جيئن هن مالي سال جي پڇاڙي يعني 30 جون 2025 تي اسان پنهنجا ٽيڪس ٽارگيٽ حاصل ڪري سگهون.