سنڌ جو قديمي شهر سانگهڙ مسلسل چار ڏينهن سوڳوار بڻيل رهيو، پر سنڌ سرڪار اکيون ۽ ڪن بند ڪري سندن صدا ٻڌڻ لاءِ تيار نه هئي، ڇو ته سانگهڙ واسين جو مطالبو آهي ته اقتداري سرڪار جي خاص وزير بااثر سياسي شخصيت ۽ رهزن وڏيري جي چُرچ ۽ بڇ تي جوڻيجا برادريءَ جي ٽن معصوم انساني جانين جو بي رحماڻو قتلام ٿيو ۽ ڪيترائي ماڻهو اڃان تائين نوابشاهه ۽ ڪراچيءَ جي اسپتالن اندر سور سهي رهيا آهن ان واقعي خلاف روڊ تي لاش رکي سوين مرد، عورتون ۽ ٻارڙا سرديءَ جي موسم ۾ ويٺل رهيا ۽ هر حال ۾ ان ٽرڙي وزير خلاف ايف آءِ آر چاهين پيا، پر سياسي اثر رسوخ سبب قاتلن ۽ ان جي پوئيواري ڪندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان به پوليس قاصر هئي. ايتري تائين جو سرڪار جي خاص وزير پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ شازيه عطا مري ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري مظلومن جي تازن ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيندي چيو ته ٽڪي جي ڳالھه تي ايف آءِ آرون ڪونه ٿينديون. عقل جي اڪابر وزير صاحبه کان ڪير اهو پڇي ته ڪنهن جو گهر اجاڙڻ، ڪنهن جي ونيءَ کي بيواهه بنائڻ، ڪنهن جي اولاد کي يتيم بنائڻ ڪنهن ماءُ سامهون ٻچڙو ڪُهڻ ڇا ٽڪي جي ڳالهه آهي؟
جيڪڏهن ڪنهن مظلوم جي تڏي تي وڃبو آهي ته ان سان همدرديءَ وارا ٻه جملا ڳالهائي ان جو غم گهٽائڻ جي ڪوشش ڪبي آهي، پر اقتدار جي حوس ۾ انڌا ٿيل انسان ڪنهن جو غم گهٽائڻ بجاءِ انهن جي سورن ۾ اضافو ڪن ته ان کي بيوقوف ۽ جاهل انسان ئي سڏي سگهجي ٿو. سندن لاءِ هي واقعو ڪو بحريه ٽائون جي گيٽ سڙڻ جھڙو مامرو نه آھي ۽ نه ڪو لاڙڪاڻي ۾ ھوائي فائرنگ جھڙو خطرناڪ واقعو آھي جو ايف آءِ آر ڪٽي سگهجي. ھي عام سنڌي ماڻھوءَ جو خون آھي جيڪو سدائين وهندو رهيو آهي، ڇو ته پيپلز پارٽي سردارن، وڏيرن ۽ جاگيردارن کي خريد ڪري ڇڏيو آهي جيڪي عام ماڻهوءَ مٿان هر روز ظلم ڪندا رهن ٿا ائين سياسي پٺڀرائيءَ سبب ڪنهن به بااثر تي ڪوبه قدم نٿو کڄي، ڇو ته پوليس سندن پگهاردار آهي ۽ ڪوبه پگهاردار ملازم مالڪ خلاف نه ڳالهائيندو ۽ نه ان خلاف ڪا ڪارروائي ڪندو۔ هي واقعو به اهڙي ئي نوعيت جو آهي جڏهن حڪومت تڪ جي سياسي وزير ڏوهيءَ کي بچائڻ لاءِ سرگرم آهي ته ضلعي جو ايس ايس پي ڪيئن مظلوم جو ساٿاري ٿيندو۔ انهن جو نظريو آهي ته ھونئن به ماڻھو کي ته مرڻو ئي آهي جيڪڏهن فائرنگ ۾ مري ويو ته ڪھڙو آسمان ڦاٽي پيو باقي ڪنهن وزير کي ڪا رهنڊ اچي يا ان جي ظلم خلاف ڪو ٻه اکر ڳالهائي ته ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي وڃن ٿا ۽ ان جو جڻ ٻچو رلائڻ جون حڪمت عمليون جوڙيون وڃن ٿيون۔ آخر ڌرتيءَ مٿان هنن ناانصافين، ظلمن ۽ جبري قاعدن جو خاتمو ڪڏهن ٿيندو۔ اسيمبليون مظلوم عوام لاءِ قانوسازي ڪنديون ۽ ڪڏهن سندن سورن تي ڳالهائينديون۔
هي ايوان ته ظلم جا ساٿاري بڻيل آهن بيحسيءَ جي انتها اها آهي جو چئن ڏينهن کان لاش روڊن تي سرديءَ ۾ پيل رهيا پر ڪو سنڌ سرڪار جو سريلو وزير سانگهڙ اچي مسئلو نه سلجهائي سگهيو. مقتولن جا وارث انصاف جي صدا ڪري رهيا هئا ، پر سندن آهون، دانهون، ڪوڪون ۽ ڪيھون ڪنهنجي ڪن تي نه پيون.اهو ساڳيو سانگهڙ آهي جتي سنڌ جو مهان ڪلاسيڪل وڏيرو شاهنواز جوڻيجو هوندو هو جنهن جا عڪس اڄ به سنڌ جي هر طبقي جي نيڻن ۾ سمايل نظر ايندا آهن. هن سنڌ جي وڏيرڪي طبقي ۾ ڪلاسيڪل وڏيري جي حوالي سان تمام گهڻي مشهوري ماڻي. منجهن بي پناهه خوبيون ۽ صلاحيتون سمايل هيون. انتهائي محبتي ۽ انسانيت سان بي پناهه پيار ڪندڙ هو. هو شروع کان آخر تائين انسانيت جي بقا لاءِ جهاد جاري رکندو آيو.غريب غربي جي مدد ڪرڻ، کيس انصاف وٺرائي ڏيڻ، حق تي فيصلا ڪرائڻ، هر سڏ ۾ گڏ انهن ساڻ هجڻ هن جي وڏي خوبي چئي ويندي هئي. هن جي اوطاق ڪچهري جي ڪوڏين لاءِ انتهائي راحت ڀري ثابت ٿيندي هئي. هن ماڻهو ۾ فيصلا ڪرڻ جي جرئت ۽ ماڻهن کي مطمئن ڪرڻ جو بي پناهه فن هو.پاڻ سنڌ جي غريب عوام جي حقن حاصلات لاءِ سياست ۾ ڀرپور سياسي قوت سان لٿو ۽ مختلف پارٽين ۾ رهيو. سياسي ميدان ۾ ساڻس وڏا وڏا ليڊر به بحث ڪرڻ کان لنوائيندا هئا. پاڻ، سچو، کرو ۽ کير کان به وڌيڪ صاف شفاف انسان هو. اڄ اسان جو قانون امير لاءِ الڳ ۽ غريب لاءِ الڳ بڻيل آهي جڏهن به ڪو سياسي وزير يا وڏيرو حد جي ايس ايڇ او کي رڳو فون ڪندو آهي ته غريب تي فوري طور ڪيس داخل ڪري سندس ٻارن ٻچن کي جيل ڀيڙو ڪري سندس گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيندا آهن پر اڄ جڏهن ڏوهي وڏيري تي ايف آئي آر ڪٽرائڻ جو وارو آيو آهي ته سڀ سردار، پوليس ۽ خود سرڪار ان ڏوهاريء جي حمايتي ٿي بيهي رهيا آهن۔ مقتولن ۽ زخمين جا وارث ٻارين ٻچين، رڳو هڪ وزير تي ايف آئي آر داخل ڪرائڻ لاءِ چار ڏينهن کان ڌرڻو هڻي ويٺل رهيا پر پوليس انتظاميه سندن ڪيس داخل نه پئي ڪري ته متان اسانجون نوڪريون وڃن۔ آئي جي سنڌ ته ڪيس ۽ چاچ کان پهريان ئي وزير صاحب کي آجو ڪري ڇڏيو۔ آخر اهڙو ڪهڙو قانوني عذر آهي جو متوقع نامزد جوابدار تي ايف آئي آر داخل نه پئي ٿئي۔ ايف آئي آر ڪا ڦاهي ته ڪانهي جو پوليس لنوائي پئي۔ جيڪڏهن ڪيس داخل ٿي وڃي ته اهو ڪورٽ مان پنهنجي ضمانت ڪرائي ڪيس ۾ پاڻ کي بي ڏوهي ڪرائي وٺي، پر حڪومتي ڌر جي هڪ سَگهاري سياسي مائيء جا ماڻهو ٻڌجن ٿا، تنهنڪري پوليس ايف آئي آر داخل ڪرڻ وارو پنهنجو قانوني فرض پورو ڪرڻ کان لنوائي وزير جي ونگار وهندي رهي.
بهرحال چئن ڏينهن کانپوء ڌرڻي ۾ قومپرست جماعتن جي اڳواڻن جي آمد بعد پريشر ٺهندو ويو ۽ چوٽياريون سانحي جي FIR فريادي فداحسين جوڻيجو جي فرياد تي وڏيرو عطاءُالله جوڻيجو، علي حسن جوڻيجو، اسد جوڻيجو، امام الدين ملاح، اڀايو راڄڙ، خميسو راڄ، بابو ڪيريو، ايس ايڇ او چوٽياريون غلام محمد سهتو جانو لانڊر سميت 29 ڄڻن تي 302، 324، سميت اي ٽي سي جا قلم لڳايا ويا. رات جو 12 وڳي ڌرڻي ۾ پيپلزپارٽي ضلعي سانگهڙ جو صدر ايم پي اي علي حسن هنڱورجو، اڳوڻو ايم اين اي نويد ڏيرو، ڊي سي سانگهڙ عمران حسن خواجه ڌرڻي هنڌ پهچي ڌرڻو ختم ڪرايو ويو.
سنڌ ۾ حڪمراني جو اصل ماڊل ڏٺو وڃي ته اهو جمهوري نه، پر “مارشل لائي ” نظام آهي۔جنهن ۾ مار رڳو سادو ماڻهو کائي ٿو۔ جڏهن ته سرڪار سان سلهاڙيل هر ماڻهو ڏوهه ڪندي به بي ڏوهي آهي. پوليس ۽ انتظاميه بااثرن سياسي قوتن جي غلامي ڪندي نظر اچي ٿي ۽ اهي عوام جي تحفظ بدران ڏوهاري ۽ سياسي بااثرن جي سلامي ڀرڻ ۾ مصروف آهن. جيڪا هڪ وڏي ناانصافي آهي معاشري جي اصلاح انصاف ۽ اخلاق کان سواءِ ممڪن ڪانهي ڇوته ڏوهه فساد تباهي قتل ۽ آپگهات جو وڌندڙ تعداد انصاف ۽ اخلاق جي پستي آهي جيڪڏجن معاشري تي انصاف ۽ اخلاق جي حڪومت نه هوندي ته سامراجي سوچ پيدا ٿيندي ۽ گهر گهر مان بغاوت جا اعلان ٿيڻ لڳندا ۽ لکين انسان بي گهر ٿيڻ لڳندا۔ ائين سامراج قومن جا حق لتاڙيندو ۽ رت وهائيندو رهندو۔ جيڪا شيءِ انسان جي ارڏي ۽ سرڪش ٿيڻ کان بچائي ٿي اها بهتر انسان جي فراهمي آهي۔ اهي ماڻهو جن جي ڪلهن تي معاشري جي اڳواڻي ۽ رهبريءَ جو ڳرو وزن آهي انهن کي سوچي سمجهي قدم کڻڻو پوندو ته جيئن ماڻهن کي عدل ۽ انصاف بهتر نموني ملي سگهي۔ ان جو روح بلند، حوصلو جوان، صبر ۽ ثابت قدم رهڻ گهرجي۔
جيڪڏهن سانگهڙ واقعي ۾ حڪومتي ڌريون واقعي انصاف فراهم ڪرڻ چاهين ها ته کين بنا دير قاتلن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ها. ڇوته انهن ٽن مقتولن جي وارثن جو واحد مطالبو اهو ئي هو ته قتل جو ڪيس انهن جوابدارن ۽ ان جي پشت پناهي ڪندڙن تي داخل ڪيو وڃي، جيڪو انصاف جي فراهمي جو پهريون قدم هوندو آهي۔ ان کي سياسي اثر رسوخ جو سبب بڻائي ناانصافي جو شڪار نه بڻايو وڃي ها. پوليس ۽ عدليه کي سياسي مداخلت کان آزاد ٿي رڳو قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ گهرجي۔ جن ماڻهن تي قتل جو الزام آهي، انهن خلاف بنا ڪنهن دير جي ايف آءِ آر داخل ڪري کين قانوني ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ وارثن کي تڪڙو انصاف فراهم ڪيو وڃي ته جيئن سندن تڪليفن جو ازالو ٿي سگهي. سانگهڙ واقعو سنڌ جي سياسي، سماجي، ۽ قانوني ناانصافين جو هڪ نئون مثال قائم ڪيو آهي۔ ان جي ازالي لاءِ خود سنڌ حڪومت کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها ۽ شفاف جاچ ۾ وچولو رويو رکي ظالم کي ظلم جي سزا ۽ مظلوم کي انصاف ڏياري پنهنجا پاند آجا ڪرڻ گهرجن ها، پر سنڌ سرڪار ان عمل ۾ ناڪام وئي ۽ عوام جي اتحاد ڪاميابي حاصل ڪري ڏوهارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو.