خطي ۾ اسٽيبلٽي روس ۽ چائنا جي خواهش ضرور آهي، پر آمريڪي ان ڳالھ جي حق ۾ ناهن ته چائنا هاڻي ”ون روڊ ون بيلٽ“ وانگي ايشيائي ملڪن سان ڳنڍيل رهي يا وري ”سلڪ روٽ“ ذريعي 36 ملڪن سان روڊ رستي واپار هلائي، ان ڪري سي آءِ اي ئي هن خطي ۾ افغان طالبان جي ڪلهي تي بندوق رکي ٿو هلائي ته جيئن هٿيارن جي ڊوڙ هلندي رهي ۽ سامونڊي رستا روڪ ڪري سي پيڪ کي رول بيڪ ڪري، ان ڪري شهباز سرڪار ان ڳالھ ۾ راضي آهي ته آمريڪي سيڙپڪار به اچن، سعودي ڪارپوريٽ فارمنگ ڪري، اماراتي زرعي سيڪٽر ۾ 42 هزار ايڪڙ خريد ڪري جديد زراعت ڪن. روس کان گئس لائين ۽ تيل جو واپار به ڪري، چين سان لازوال دوستي به هلائي، پر سڀ گدرا مُٺِ ۾ نٿا جهلي سگهجن. اها به حقيقت آهي اماراتي پنهنجي رياستن ۾ هارين جي پالنا نٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي اماراتين وٽ ايترو دريائي پاڻي آهي، جنهن سان اهي زراعت ڪري سگهن، پر هتي عربن وانگي سنڌ ۾ 52 هزار ايڪڙ ۽ ڪي پي ۾ 42 هزار ايڪڙ زرعي زمين رياست کان خريد ڪري، ان تي زراعت ڪري سگهن ٿا، جنهن جو فائدو رڳو اماراتين ۽ عرب سڳورن کي ٿيندو، باقي اسان وري به زرعي سيڪٽر ۾ پنهنجي ڌرتي تي زر خريد هاري ٿي رهنداسين ۽ اناج عرب کڻي ويندا ۽ اسان رڳو پلال ۽ ڪٽي جا وارث ٿينداسين.
ٽرمپ جي پاليسين جي ڪري گهڻو خطرو رڳو پاڪستانين يا پاڪستان کي هجي ٿو، جو رياست ٻٽي پاليسين جي ڪري پاڻ غير يقيني ۽ لاڳيتي پريشاني جو شڪار رهندي ٿي اچي، جو هڪ پاسي پاڻي آهي ته ٻئي پاسي باھ، جو رياست سڙي مري يا ٻُڏي مري؟ ان ڪري عام خلق به ان ڳالھ ۾ ڦاٿل آهي ته ڪجي ته آخر ڇا ڪجي؟ جو سِڪو وڃي ٿو ڪرندو ۽ ماڻهن جي پريشاني وڃي ٿي وڌندي. رياست ڪاڏي وڃي يا ڪاڏي وڃڻ گهرجيس جو آمريڪا سان هٿ ٿا ملائين ته چائنا ۽ روس منهن خراب ٿا ڪن ۽ روس ۽ چين جي پاليسين جي ڳالھ ٿا ڪن ته آمريڪا ورَ کڻيو بيٺو آهي، جو انهن جي نظر ۽ نظريي ۾ هن خطي جي سلامتي جون چاٻيون رڳو طالبان وٽ آهن، جيڪي جيڪو چاهين اهو ڪري سگهن ٿا، پر هاڻوڪي عالمي جنگي حالتن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ کي جيو پوليٽيڪل چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو. اها ٻي ڳالھ آهي ته بايولاجيڪل جنگين ۽ مضبوط معاشي سگھ جي ڪري چائنا جو مقابلو نٿو ڪري سگهجي. اها ڳالھ به عيان آهي ته آمريڪا (۽ مغربي ملڪ) هن خطي ۾ رڳو نيئولبرل اڪانومي ۾ سيڙپ ڪاري ڪري ڄاڻن، پر گهريلو ضرورتن جي لاءِ چائنا جون صنعتون ڪافي آهن، جن جو نعم البدل آمريڪا وٽ به ناهي. ان ڪري مستقبل ۾ چائنا جيڪڏهن فوڊ انڊسٽري ۽ نيئولبرل اڪانومي ۾ پنهنجون بينڪون، ادارا ۽ صنعتون کڻي لٿو ته آمريڪا جون ننڊون حرام ٿي وينديون.
اسرائيل حماس تڪرار ۽ اميگريشن احتجاج پنهنجي جاءِ تي جيڪي آمريڪي انتظاميا جي تڪراري ملڪي ۽ بين الاقوامي پاليسين کي ظاهر ڪن ٿا، پر صدر ٽرمپ جو ٻيو مدو اميگريشن، ٽيڪسيشن، تعليم ۽ پرڏيهي پاليسي ۾ وڏيون تبديليون متعارف ڪرائڻ لاءِ تيار آهي ۽ گڏوگڏ وچ اوڀر ۾ ابراهيم معاهدي کي عملي جامو پارائڻ جو ارادو به رکي ٿو. ٽرمپ انتظاميا هاڻي سعودي عرب ۽ پاڪستان تي به زور رکي سگهي ٿو ته هو اسرائيل کي تسليم ڪن. تجزيه نگار ٽرمپ انتظاميا جي حڪمت عملين کي نوٽ ڪن ٿا ته هو مخالفن جي سياسي، اقتصادي ۽ معاشي ڪمزورين کي استعمال ڪندي، جهڙوڪ: شام ۾ بشارالاسد جي حڪومت جو خاتمو ۽ لبنان ۾ حزب الله تي دٻاءُ ۽ ايران تي ايٽمي طاقت جي ڦهلاءُ جي تيزي کي روڪڻ، پاڪستاني ايٽمي اثاثن جي نگراني وغيره وغيره. آمريڪي ۽ اسرائيلي مفادن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ٽرمپ جي بنيادي خواهش آهي ته اسرائيل وري اڀري اچي ۽ مسلمان ملڪ يا خاص سعودي ۽ پاڪستان هن جي ها ۾ ها ملائين. دي ائٽلانٽڪ جي ”جارج پيڪر“ جو مشاهدو آهي ته ٽرمپ پرڏيهي پاليسي تي ڌيان ڏيندو. ڪائونسل آن فارين رليشنز (CFR) پڻ آمريڪا جي اهم مشڪلاتن کي ظاهر ڪري ٿي ۽ اها تنبيهه ٿي ڪري ته ٽرمپ جو ٻيو دور آمريڪا لاءِ وڏي خطري جي شروعات هوندو. سي ايف آر جي رپورٽ ۽ بچاءُ واري ترجيحي سروي پنهنجي رپورٽ ۾ پنجن وڏن امڪانن کي ظاهر ڪري ٿو، جن ۾ هڪ ته اسرائيل حماس تڪرار جو تسلسل ۽ وري ويسٽ بينڪ تي اسرائيلي حملن جي واڌ، يوڪرين ۾ اهم روسي ڪاميابيون، ايران اسرائيل دشمني ۽ آمريڪا جي ڏاکڻي سرحد تي جنگي بحران شامل آهن. ان کان علاوه تائيوان ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ تي اعتدال پسند امڪانن جا بحران آمريڪا جي لاءِ اضافي خطرا پڻ پيدا ڪندا. ساڳي جاءِ تي ان امڪان کي به رد نٿو ڪري سگهجي ته آمريڪا هڪ نه پر ٻن وڏن ايٽمي هٿياربند طاقتن سان جنگين ۾ پئجي سگهي ٿو. پال اسٽارز سي ايف آر واري سروي رپورٽ ۾ هدايت ڪئي آهي ته آمريڪا اهڙي محاذ آرائي کان پاسو ڪري نه ته جنگين ۽ هٿيارن جي ڊوڙ ۾ هو خطي جي ٻين سپر پاورز کان پوئتي رهجي ويندو، جيڪو آمريڪا جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو.
ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ متوازن سياسي عمل خطي ۾ پائيدار امن جو ضامن ٿي سگهي ٿو. هاڻي به ٽرمپ افغانستان ۽ پاڪستان ۾ ايترو ئي دلچسپي رکي ٿو، جيتري اڳوڻا آمريڪي صدر رکندا هئا، يا (جيئن جوبائيڊن دهشتگردي وارن خطرن تي ڌيان ڏيئي رهيو هو). اها ٻي ڳالھ آهي ته آمريڪي پرڏيهي پاليسيون افغانستان ۾ داعش ۽ القاعده کي ٻيهر اڀاري سگهن ٿيون. ان ڪري ماهرن آمريڪا جي اهڙن جنگي مفادن سبب مغرب تي امڪاني حملن جي خبرداري به ڏني آهي. ساڳي جاءِ تي آمريڪا جي لاءِ پاڪستان سان دهشتگردي جي خلاف تعاون کي مضبوط ڪرڻ به هڪ ترجيح هوندي. توڻي جو افغان طالبان جي ڪردار بابت آمريڪي اختلافي لاڳاپا اڃان تائين ڇڪتاڻ جو شڪار آهن. ”جان ڪربي“ چئي ٿو ته پاڪستان علائقائي استحڪام کي برقرار رکڻ ۾ هڪ اهم سياسي رانديگر آهي ۽ ان حقيقت کان انڪار ناهي، پر سرحد پار افغان دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۾ آمريڪا پاڪستان جي اهميت کي سمجهي ۽ ممڪن تعاون به ڪري. بهرحال، آمريڪا جو طالبان حڪومت تي شڪ ۽ القاعده پنهنجي سيڪيورٽي چئلينجن کي به منهن ڏيڻو پوندو. پاڪستان ته قبائلي علائقن ۽ بلوچستان ۾ وڌندڙ تشدد جهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي مدد جو مطالبو ڪري ٿو. اها ڳالھ به آهي ته هيءَ رياست موسمياتي ۽ دهشتگردي جي مسئلن ۾ وچڙيل آهي، جنهن جو ازالو وڏن ملڪن کي ئي ڪرڻو پوندو، ان ڪري ته غريب ماڻهو ۽ غريب ملڪ موسمياتي تبديلن جا ڪارڻ ناهن، ان ڪري جيترو امير ملڪ اوترو وڏو ڪنزيومر. ڇو جو ڪچرو اهو ڪندو جيڪو گهڻيون شيون واپرائيندو. ٻئي پاسي اقتصادي استحڪام ۽ علائقائي تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي آمريڪا مدد جو به واعدو ڪيو آهي، پر معاشي ماهر آمريڪا کي خبردار ٿا ڪن ته اهي پاڪستان کي ڪنهن به صورت الڳ نه ڪن، ان ڪري ته جيو پوليٽيڪل تبديلن ۾ پاڪستان جو وڏو هٿ آهي. ڇاڪاڻ ته هي خطو چين جي منصوبن ۽ معاشي اسڪيمن کي تباھ به ڪري سگهي ٿو ۽ ڪامياب به، جنهن جو گهڻو فائدو ۽ نقصان رڳو آمريڪا ۽ مغربي ملڪن کي ٿيندو. مڃون ٿا ته ٽرمپ جون پرڏيهي پاليسيون جرئتمند ۽ غير روايتي رهيون آهن. چيٿم هائوس جي هڪ رپورٽ ۾ نوٽ ڪيو ويو آهي ته ٽرمپ جنهن جرئت سان آمريڪي سفارتڪاري جي ضابطن کي ٻيهر ٺاهي رهيو آهي، اهو حيران ڪندڙ به آهي، رپورٽ ۾ اهو به خبردار ڪيو ويو آهي ته اهي چالاڪيون اتحادين ۾ غير يقيني صورتحال پيدا ڪري رهيون آهن (يا ڪري سگهن ٿيون) جيڪي آمريڪا کي ڇڏي وڃڻ لاءِ تيار آهن ۽ آمريڪا ان ڏينهن کان ڊڄي به ٿو.
خطي ۾ تائيوان ۽ يوڪرين جهڙا مظلوم ملڪ وڌندڙ جنگي پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، جنهن جي لاءِ آمريڪا انتظامي ۽ سياسي وابستگين کي ٻيهر ترتيب ڏئي. ٽرمپ گذريل هفتي ابراهيم معاهدن جي پروپيگنڊا ڪئي ۽ اسرائيلي فلسطيني امن معاهدي کي فعال ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي، جنهن مان ظاهر آهي ته ٽرمپ وري مشڪلاتن کي منهن ڏيندو، پر آمريڪي پرڏيهي پاليسي کي نئين سر تشڪيل ڏيڻ جي لاءِ ٽرمپ انتظاميا جا ارادا موافقت تي منحصر هجڻ کپن، ان ڪري ٽرمپ انتظاميا اڳ وانگي خطي جي سياست کي سمجهي فيصلا ڪري ته هوند ڀلو ٿيندو، ڇو ته چئلينج ۽ موقعا ٽرمپ جي ٻئي مدي کي ۽ ريپبلڪن جي تسلط واري ڪانگريس کي به طاقت بخشيندا. جيتوڻيڪ ٽرمپ جون خطرناڪ پرڏيهي پاليسيون اتحادين سان لاڳاپن کي خراب ڪري سگهن ٿيون، جنهن جو خطرو پڻ آهي، پر ڪانگريس جي حمايت کيس اهو ڪرڻ جي اجازت ڏيندي، جيڪا ويندڙ جوبائيڊن انتظاميا نه ڪري سگهي. ان ڪري اهو تبديلي پسند قيادت لاءِ نوان موقعا فراهم ڪري سگهي ٿي. جيئن ”جارج پيڪر“ چئي ٿو ته ٽرمپ جون هاڻوڪيون پاليسيون روايتي آمريڪي قدرن ڏانهن واپسي جو واعدو ۽ ارادو رکن ٿيون. توڻي جو ٽرمپ اميگريشن کي روڪڻ ۽ ناپسنديده پرڏيهي ماڻهن کي ملڪ بدر ڪرڻ جي حق ۾ آهي، ته ڇا سندس انتظاميا هڪ غير مستحڪم عالمي منظرنامي تي ۽ پنهنجن پراڻن واعدن تي عمل ڪري سگهي ٿي؟ جيڪو سندس سياسي ورثي کي ثابت ڪندو، جيڪو هن جي سياسي ڪاميابي ۽ عالمي سياسي ۽ سفارتي رڪاوٽن کي موقعن ۾ تبديل ڪندو. ان ڪري عالمي امن کي بحال رکڻ جي لاءِ ٽرمپ کي پنهنجي ماضيءَ جي پاليسين کان بهتر پاليسيون آڻڻيون پونديون ۽ ان ڳالھ به يقيني بڻائڻو پوندو ته هيل وچ اوڀر ۾ امن جا پکي اڏرندا ۽ ايشيائي ملڪ آمريڪي پاليسين مان پڻ خوش ٿيندا.