نئون

محمد ابراهيم جويو وفات ڪري ويو

ناميارو عالم، اديب ۽ ڏاهو محمد ابراهيم جويو رضا الاهي سان وفات ڪري ويو. هو پنهنجي گهر ۾ صبح جو 9 لڳي 56 منٽن تي وفات ڪري ويو. سندس عمر 102 سال هئي. کيس پنهنجي اباڻي علائقي ڄامشوري ۾ دفنايو ويندو. محمد ابراهيم جويو 1915ع ۾ ڄامشورو ۾ پيدا ٿيو هو، سنڌ مدرسي ۽ ڊي جي ڪاليج مان تعليم حاصل ڪيائين. 1941ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ استاد ڀرتي ٿيو. ان کان علاوه وڏي عرصي تائين سنڌي ادبي بورڊ سان به لاڳاپيل رهيو. حڪومت پاڪستان پاران کيس صدارتي ايوارڊ تمغهءِ حسن ڪارڪردگي به ڏنو ويو.  

.