بلاگ

سيز فائز

ڪالهه شام 7 وڳي ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ پي ايس پي جي رهنمائن فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال ڪراچي پريس ڪلب ۾ گڏجي هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ سيز فائز جو اعلان ڪيو. ڪجهه ماڻهو ان پريس ڪانفرنس تي حيران هئا ته ڪجهه ماڻهن لاءِ اها ڪا ڇرڪائيندڙ ڳالهه نه هئي. بهرحال تقريبن ٻن سالن کان هلندڙ ڊرامون پنهنجي ڪلائيمڪس تي پهتو. هن وقت ايم ڪيو ايم اها واحد پارٽي آهي جيڪا تمام گهڻن خطرن جي ور چڙهيل آهي. ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين جي ملڪ دشمن نعرن ۽ “را” سان لاڳاپن کانپوءِ سڀني اردو ڳالهائيندڙن لاءِ هڪ اهڙو وقت شروع ٿي ويو جنهن ۾ کين تمام گهڻو دٻاءُ برداشت ڪرڻو پيو. الطاف حسين جي تقريرن تي پابندي لڳڻ کانپوءِ ايم ڪيو ايم جي سڀني رهنمائن کي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان وطن دوست هجڻ جي ثبوت پيش ڪرڻ لاءِ حيلا ڪرڻا پئجي ويا. اسان وٽ پارٽيون پوکيون وينديون آهن. پي ايس پي کي به پوکيو ويو ۽ ان جو اصل مقصد اهو هو ته ان پارٽيءَ جي ذريعي سندن اندر دهشتگردي جي اثر کي ختم ڪيو وڃي ۽ کين پاڪستان جو وفادار بڻايو وڃي. سو نيٺ ڪوششون ڪامياب ٿيون گڏجي پريس ڪانفرنس ڪرڻ هن وقت ايم ڪيو ايم ۽ پي ايس پي جي وڏي مجبوري ۽ ضرورت بڻيل هئي. ڇو ته 2018 واري اليڪشن ۾ جيڪڏهن هو منتشر ٿي ميدان ۾ ٿا لهن ته سندن سيٽون ٻين پارٽين جي حوالي ٿي سگهن ٿيون ۽ جيڪڏهن هو هڪ دفعو اقتدار کان ٻاهر ٿي ويا ته ڪراچي ۽ حيدرآباد سندن هٿن مان نڪري ويندو ۽ پوءِ هو اقتدار جي ايوانن ۾ ان طاقت جو مظاهرو نه ڪري سگهندا جيڪو هاڻي تائين ڪندا ٿي رهيا. ان کانسواءِ سندن ڪارڪنن کي ڏوهاري هجڻ ڪري جيڪي ڪيس سامهون آهن انهن کان بچڻ لاءِ به اتحاد ڪرڻ ناگريز هو. ان کانسواءِ ايم ڪيو ايم جا ميمبر مستقل طور ٽٽي جدا ٿي رهيا هئا ۽ کين پي ايس پي ۾ پناهه ملي رهي هئي ان عمل کي روڪڻ لاءِ به ضروري هو ته هو گڏجي ڪا حڪمت عملي جوڙين ته جيئن سندن لاءِ ڪو وڏو سياسي ڀونچال پيدا نه ٿي پوي. ان کانسواءِ هنن انتخابات کان اڳ سڀني اردو ڳالهائيندڙن کي هڪ مثبت پيغام ڏنو آهي ته مهاجر سڀ گڏ آهن جيڪو بنا ڪنهن شڪ جي چئي سگهجي ٿو ته ڪاميابيءَ سان اهو پيغام ڏئي ويا آهن.