پاڻي جيڪو زندگيءَ جي بنيادي ضرورت آهي سنڌ جي وجود لاءِ سڀ کان اهم آهي. سنڌو درياھ رڳو هڪ قدرتي وهڪرو نه، پر سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ معيشت جو مرڪز رهيو آهي. اهو پاڻي جنهن سان سنڌ جون زمينون سيراب ٿين ٿيون، اڄ بي انصافيءَ جي ور چڙهيل آهي.
پاڻيءَ جي ورڇ جو تڪرار انگريز راڄ جي دور کان جاري آهي، جڏهن سنڌ کي پنهنجي ضرورتن مطابق پاڻيءَ جي فراهمي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پئي. ان وقت جو استحصالي نظام پنهنجي مفادن کي برقرار رکڻ لاءِ سنڌ کي لٽيندو رهيو. پر حيرت جي ڳالھ اها آهي ته انگريزن جي حڪومت ان معاملي کي هڪ حد تائين سنجيدگيءَ سان ورتو ۽ حل ڪيو. ڪجھ ڪميشنون ۽ رپورٽون ٺهيون جن ۾ رائو ڪميشن 1945ع شامل آهي. پر اهي پڻ سنڌ جي پاڻيءَ واري معاملي تي ڪا خاص بهتري نه آڻي سگهيون.
آزادي کان پوءِ اميد هئي ته انصاف جا بنياد مضبوط ٿيندا، پر 1948ع ۾ سنڌ طاس معاهدي ۽ بعد ۾ ٿيندڙ مختلف معاهدن سنڌ جي مسئلن کي گهٽائڻ بدران وڌايو. خاص طور تي 1991ع جو پاڻي وارو معاهدو جيڪو بظاهر صوبن جي وچ ۾ هڪ منصفاڻي ورڇ جو نمونو هو، پر جنهن عملي طور تي وفاق ۽ سنڌ جي وچ ۾ تڪرارن جو هڪ نئون باب شروع ڪري ڇڏيو. سنڌ جو ڪيس واضح آهي. سنڌ جي 70 سيڪڙو معيشت جو دارومدار سنڌو درياھ جي پاڻيءَ تي آهي. سنڌ جو اڪثر زميني پاڻي لوڻياٺو آهي جيڪو زرعي مقصدن لاءِ ڪارآمد نه آهي. سنڌو درياھ ئي سنڌ لاءِ زندگيءَ جي علامت آهي، پر پنجاب جي غير منصفاڻي رويي ۽ مرڪز جي ماٺار جي ڪري سنڌ جون زمينون بنجر ٿينديون پيون وڃن ۽ فصل گهٽ ٿيندو وڃي ۽ پنجاب جون زمينون پنهنجي حصي کان وڌيڪ آباد ٿينديون وڃن ۽ انهن جو فصل هر سال وڌندو وڃي. خريف جي موسم ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ آبپاشي جي سهولتن جي اڻاٺ سنڌ جي هارين لاءِ وڏيون تڪليفون پيدا ڪيون آهن. اهڙي وقت ۾ جڏهن سنڌ جو پاڻي معاهدي مطابق نہ ملي رهيو آهي، پنجاب پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ پاڻي جهلم لنڪ ڪينال ۽ تونسہ پنجند ڪينال ذريعي ڪڍي رهيو آهي. منگلا ڊيم بہ اهڙي وقت ۾ ڀريو ويو آهي، جڏهن معاهدي مطابق صرف اضافي پاڻي سان اهو ڀرجي سگهي ٿو.
انصاف جي بنياد تي هڪ سماج جوڙڻ صرف خواب ئي رهيو آهي. پر سنڌ جي صورتحال ۾ اهو سوال سامهون اچي ٿو تہ انصاف جا اصول ڪيئن نظرانداز ٿي رهيا آهن؟ جڏهن هڪ ملڪ جي هڪ حصي کي پنهنجي بنيادي حقن لاءِ جيڪي کيس آئين ۾ فراهم ٿيل آهن جيئن پاڻيءَ جي ورڇ ان لاءِ به احتجاج ڪرڻو پوي تہ ان جو مطلب آهي تہ ڌڻين جو ڍانچو پنهنجن ماڻهن لاءِ انصاف مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام آهي. اهو سوال پڻ اڀري ٿو تہ ڇا طاقتور صوبا ۽ ادارا ھميشہ ڪمزور علائقن کي نظرانداز ڪندا رهندا؟ ڇا وفاق جي تصور ۾ سڀني صوبن جي برابري صرف هڪ نعرو آهي؟ سنڌ لاءِ پاڻيءَ جي کوٽ جو مطلب صرف زراعت جي تباهي ناهي، پر اها ثقافت ۽ وجود جي تباهي آهي. 1991ع جي پاڻي معاهدي کي هڪ اهم قدم طور ڏٺو ويو، پر ان تي عمل درآمد سدائين تڪراري رهيو آهي. ارسا جي شقن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ مرڪزي ڌڻين طرفان ان مسئلي تي ڪو بہ قدم نہ کڻڻ، سنڌ جي عوام ۾ بي اعتمادي پيدا ڪئي آهي. جڏهن ارسا ۾ تڪرارن تي بحث ڪرڻ لاءِ سي سي آءِ جي فورم جو ذڪر آهي تہ پوءِ ڇو انهن تڪرارن تي غور نٿو ڪيو وڃي؟ ڇا مرڪز ۽ پنجاب وٽ جواب ڏيڻ لاءِ ڪجهه بہ ناهي؟ پاڻي هڪ اڪڙو قدرتي وسيلو آهي، جنهن تي سنڌ جي زندگيءَ ۽ جياپي جو انحصار آهي. پنجاب جيڪو پاڻ کي ”وڏو ڀاءُ“ سمجهي ٿو جيڪڏهن پنهنجي ننڍن ڀائرن سان ناانصافي ڪري ٿو تہ ان جو مطلب اهو آهي ته ان حق جو انڪار ڪري ٿو جيڪو آئين ۾ سڀني صوبن کي برابر ڏنل آهي. ڪيئن انصاف ڪري سگهجي ٿو؟ انساني سوچ اهو چوي ٿي تہ انصاف جي بحالي لاءِ پهريون قدم حقن کي تسليم ڪرڻ آهي. سنڌ جي پاڻيءَ جي حقن کي تسليم ڪرڻ ۽ ان جي ورڇ ۾ برابري آڻڻ ئي هڪ قوم جي سڃاڻپ کي مضبوط ڪري سگهي ٿو.
سنڌ جي مسئلي جو حل مرڪزي حڪومت جي سنجيده ڪوششن ۽ صاف نيت ۾ آهي. 1991ع واري پاڻي معاهدي تي نظرثاني ڪرڻ ۽ ان تي مڪمل عمل درآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ صوبن جو گڏيل اجلاس ڪوٺائڻ ضروري آهي. پاڻي جي سياست رڳو مسئلي کي وڌائيندي، پر انصاف تي ٻڌل حڪمت عملي هڪ مضبوط وفاق جي ضمانت ڏئي سگهي ٿي. سنڌ جون سڪايل زمينون اسان سڀني کان اهو سوال پڇن ٿيون تہ ڇا اسان ۾ انصاف ڪرڻ جي صلاحيت آهي؟ جيڪڏهن اسان سنڌ کي ان جو پاڻي ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيون ٿا تہ پوءِ اسان پنهنجي قوم لاءِ انصاف ۽ برابريءَ جو تصور ڪيئن قائم ڪري سگهون ٿا؟