سنڌ جي عوام جي مسلسل جدوجهد نيٺ ايوانن کي جاڳائي وڌو آهي. گذريل ڏينهن سنڌ جي سينيٽرن احتجاج ڪندي چيو ته پنجاب پاران سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ سنڌو تهذيب جو موت آهي، جنهن تي اپوزيشن پاران ڀرپور حمايت ڪئي وئي. جڏهن ته (ن) ليگ پنجاب پاران جواب ۾ چيو ويو ته پنجاب پنهنجي پاڻي تي ڪئنال ٺاهي رهيو آهي. اهڙيون ڳالهيون نه ڪيو جنهن سان فيڊريشن ٽٽي وڃي حڪمران ڌر ۽ اپوزيشن هڪٻئي جي آمهون سامهون آهن. سنڌ جي سينيٽرن ڪئنال رٿا خلاف سينيٽ ۾ احتجاج ڪندي چيو آهي ته پنجاب سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ گهري ٿو، ان سان سنڌوءَ جو نه سنڌو تهذيب جو موت اڻٽر آهي. پنجاب کي هوڏ تان لهڻ گهرجي ۽ سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃيِ. نواز ليگ سنڌوءَ تي نوان تڪراري ڪئنال ٺاهڻ واري رٿا تي اهم اتحادي پيپلز پارٽي سوڌو ٻين پارٽين جي اعتراضن کي ٿُڏي ڇڏيو. سينيٽ ۾ نوَن ڪئنالن جي معاملي تي بحث ٿيو. پيپلز پارٽيءَ جي سينيٽر شيري رحمان ڪمرشل ڪموڊٽي فارمنگ لاءِ بئراج ڊيمز ڪئنال ٺاهڻ بابت تحريڪ التوا ايوان ۾ بحث لاءِ پيش ڪئي ۽ چيو ته ڇهن ڪئنالن جي اڏاوت خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي، سنڌ جون دانهون ٻڌو. حڪومتي فيصلي تي سنڌ سان ڪابه مشاورت نه ڪئي وئي آهي.
سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي (سي ڊي ڊبليو پي) اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واضح اعتراض ڪيا، چولستان جي ريگستان کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ٺاهيا پيا وڃن. 25 سالن کان ارسا سنڌ کي گهٽ پاڻي ڏئي رهيو آهي. بلوچستان ۽ سنڌ ان معاملي تي اڳواٽ اعتراض ڪري چڪا آهن. اوهان 7 ملين ايڪڙ ڪيئن آباد ڪندوَ، جڏهن پاڻي آهي ئي ڪو نه. هن وقت ڪوٽڙيءَ کان هيٺ پاڻي ناهي، ٺٽو ۽ بدين سخت متاثر ٿي چڪا آهن. ڪراچي ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر آهي، جتي شهري ڦُڙي ڦُڙي لاءِ ترسي رهيا آهن. 11 مهينن کان گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو ڪوبه اجلاس ناهي ٿيو. ٽن ٽن مهينن اندر سي سي آءِ جي ميٽنگ ٿيڻ گهرجي، حڪومت کي واضح ڪرڻو پوندو ته اها چاهي ڇا ٿي؟ شيري رحمان چيو ته نوَن ڪئنالن جي رٿا سان سنڌ جون زمينون بنجر بڻجي وينديون. اڳ ئي 1991ع واري معاهدي تحت پاڻيءَ جي ورڇ نه ٿي رهي آهي، ڪنهن به صوبي نوَن ڪئنالن جي منظوري ناهي ڏني، معاملو ڪاميٽي حوالي ڪيو وڃي. نواز ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته پنجاب پنهنجي پاڻيءَ تي ڪئنال ٺاهي رهيو آهي ته پوءِ اعتراض ڇو آهي؟ جيڪڏهن پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڪئنال ٺاهي ٿو ته پوءِ اعتراض ٺهي ٿو. معاهدي تحت پنجاب ڪئنال ٺاهي رهيو آهي، اهو بحث اجايو آهي، اهڙيون ڳالهيون نه ڪيو، جنهن سان وفاق کي نقصان پهچي. سنڌ خلاف ڪهڙو فيصلو ٿيو آهي، جنهن کي روڪيو وڃي. جيڪڏهن پنجاب ٻين صوبن جي حقن تي راتاهو هنيو آهي ته ثبوت پيش ڪيا وڃن.
هن چيو ته پنجاب سنڌو درياءَ مان هڪ ڦڙو به واڌو کڻڻ بنا پنهنجي حصي جي پاڻيءَ تي ڪئنال ٺاهي رهيو آهي. مخالفن کي اُن تي ڪهڙو اعتراض آهي. جيستائين پاڻي ورڇ جو 1991ع وارو معاهدو آهي، ڪئنال ٺاهڻ ڏوهه ناهي. پاڻي وسيلن جي وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته پاڻي ورڇ تي شڪ آهي ته ڊجيٽل ميٽرز لڳايا وڃن، خبر پئجي ويندي ته ڪنهن کي ڪيترو پاڻي ملي رهيو آهي. پ پ سينيٽر ۽ اڳوڻي آبپاشي وزير ڄام سيف الله ڌاريجو نواز ليگ کان ڌار ٿيڻ جي ڌمڪي ڏيندي چيو ته 7 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جي ڪوشش باهه سان کيڏڻ برابر آهي. جڏهن سنڌ ۾ پاڻي گهٽ هوندو آهي ته بلوچستان کي فراهمي ناهي ٿيندي. جڏهن به پاڻي جي کوٽ ٿيندي آهي ته بلوچستان لاءِ مسئلو ٿيندو آهي. هڪ علائقو آباد ڪرڻ سان ٻيو علائقو بنجر نه بڻائڻ گهرجي. زور زبردستيءَ سان ڪوبه ڪئنال نه ٺهڻ گهرجي. هڪ طرفا فيصلا نه ٿيڻ گهرجن. سي سي آءِ اجلاس نٿو گهرايو وڃي ته پوءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪنداسين.
اپوزيشن پارٽين پاران ڪئنالن جي مسئلي تي پيپلز پارٽي جي موقف جي حمايت ڪئي وئي، پي ٽي آءِ سينيٽر شبلي فراز چيو ته نوَن ڪئنالن سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس هر ٽئين مهيني ٿيڻو آهي. 11 مهينن کان اهو اجلاس ڇو ناهي ٿيو؟ سنڌ جا خدشا ختم ڪيا وڃن، عالمي اصول تحت پاڻي تي پڇڙي وارن جو وڌيڪ حق آهي. سمجهه ۾ ڳالهه نٿي اچي ته پ پ حڪومت ۾ هوندي دانهون ڪنهن جي خلاف پئي ڪري؟ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين ڪئنالن جو معاملو ڪاميٽي ڏانهن اُماڻڻ کان انڪار ڪندي چيو ته توهان پنهنجي صوبي جو مسئلو اُٿاريو ۽ وزيرن جواب ڏنو، هاڻي توهان ڀلي هي مسئلو پاڻي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي آڏو اُٿاريو. پنجاب جي حڪمرانن توڙي سينيٽرن کان ڪو پڇي ته ڪڏهن توهان سچ ڳالهائيندو. ورهاڱي وقت توهان بهارين کي “پنجاب آگي هي” جو ٻڌائي سنڌ ۾ آباد نه ڪيو. سنڌ سڪائڻ لاءِ ڪالا باغ ڊيم توهان نه ٺاهيو آهي. سنڌ جي ڪوئلي تي قبضو توهان نه ڪيو آهي. ريلوي جي ايم ايل ٽو تي موھن جو دڙو کي ناڪام ڪرڻ لاءِ 10 بوگين مان 8 گھٽائي فقط 2 بوگيون ٿا ھلايو. اها سنڌ دشمني ناهي. سنڌ جون زمينون توهان جي قبضي هيٺ ناهن. سئي گئس ۽ پئٽرول جا ذخيرا توهانجي قبضي هيٺ ناهن. توهان وڏي صوبي جي نعري تي سنڌ سميت ننڍن صوبن جا حق غضب نه ڪيا آهن. ڇا پنجاب جي آبپاشي کاتي پاران “ڇوٽا چولستان” جي نالي سان رٿا منظور نه ڪئي آهي. ان رٿا تحت نه رڳو ڪاغذي ڪارروائي، پر ان جي ابتدائي فزيبلٽي رپورٽ توهان جي پنجاب حڪومت منظور نه ڪئي آهي. جيڪڏهن اهو سڀ سچ آهي ته پوءِ هن معاملي تي ڪوڙ ڇو پيو بڪيو وڃي.
موجوده رٿا ۾ 1977ع کان 2022ع تائين ڪوٽڙيءَ کان هيٺ ويل “وڏين توڙي مھا ٻوڏن” جي سموري پاڻيءَ جي بنياد تي ورڇ ڄاڻائي پاڻي سمنڊ ۾ ھليو وڃڻ جو جواز ڏنو ويو آھي. اسان جي سستيءَ جو فائدو وٺي پنجاب مڪمل طور غلام بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسان ان وقت جاڳندا آهيون جڏهن سڄو ڪم لهي ويندو آهي. پنجاب سنڌ جي عوام کي سدائين بيوقوف بڻائيندو رهيو آھي، ڪڏهن سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرائڻ لاءِ ڊجيٽل آدمشماري ٿو ڪرائي ته وري ڪڏهن پاڻي ورھاست وارا ڪوڙا ايڪٽ ٺاهي سنڌ جي زمينن کي بنجر بنائڻ جي سازش پئي ڪئي وڃي ۽ غير قانوني طور پنجاب سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو ھڻندو رھيو آھي. جيڪڏهن پنجاب جي اها روش رهي ته پيئڻ جي پاڻيءَ جي ڍڪ کان به محروم ٿي وينداسين، ان ڪري سنڌ جي رهواسين کي پنجاب جي سازشن جو مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ پنجاب جي بدنيتي کي وقت کان اڳ سمجهي ان جي لاءِ وقت سر پلاننگ ڪري پنهنجي حقن جو تحفظ ڪرڻو پوندو.