عثمان علي عيساڻي ولد جي ٖ ايم عيساڻي، 27 مئي 1934ع تي ڊکڻ شهر ڀرسان ڳوٺ بڊي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم ديره دون اڪيڊمي ۽ لارينس ڪاليج مريءَ مان حاصل ڪئي، ان بعد 1956ع ۾ فوجي ڪميشن ۾ سليڪٽ ٿي پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول مان 13هين لانگ ملٽري ڪورس نمايان نمبرن ۾ پاس ڪري ليفٽيننٽ بڻيو. پهريون سنڌي فوجي آفيسر هو، جنهن پاڪستان ملٽري اڪيڊمي جو اعليٰ اعزاز “سورڊ آف آنر ” حاصل ڪيو . ڪيپٽن جي عهدي تي پهچڻ بعد فوج کان پاڪستان جي سول سروس ۾ 1960ع ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر بڻيو، گڏو گڏ تعليمي سلسلو بہه جاري رکيائين. ايم.اي.سي (ايجوڪيشنل پلاننگ) برڪلي يونيورسٽي آمريڪا، ٖ ماسٽرس ان هسٽري پنجاب يونيورسٽيءَ ۽ پي. ايڇ.ڊي نمل يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي پاڪستان جي چئني صوبن ۾ سول بيورو ڪريٽ طور ڪم ڪيو. پاڻ ڪيترن ئي اهم عهدن تي ڪم ڪري چڪو آهي، جنهن دوران هن تعليمي ميدان ۾ سوين سنڌي نوجوانن جي مدد ڪئي ۽ نوجوانن کي روزگار سان لڳرايو. سندس اهم عهدن ۾ 1960ع ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر/ ڪليڪٽر خيرپور 1966ع کان 1967ع تائين، سيڪريٽري تعليم، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽٖ 2 دفعا چيف سيڪريٽري سرحد صوبو ٖ وفاقي سيڪريٽري خوراڪ، زراعت، حڪومت پاڪستان، سيڪريٽري، وزارت صحت، ريلويز کاتي ۾ سيڪريٽري، سيڪريٽري جنرل اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاڪستان، پرنسپل سيڪريٽري ٽو وزيراعظم محمد خان جوڻيجو، بينظير ڀٽو صاحبہه کيس سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۽ وزيراعظم نواز شريف کيس پرنسپل سيڪريٽري مقرر ڪيو، چيئرمين يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن، وائيس چانسلر قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد وغيره شامل آهن. کيس اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته هي هڪ سنڌي آفيسر جي حيثيت ۾ ڪنهن ٻئي صوبي ۾ ڊگهي عرصي لاءِ سي.ايس رهيو. عثمان علي عيساڻي سرحد صوبي جي اڳوڻي گورنر ليفٽيننٽ جنرل فضل الحق سان گڏ فوج ۾ ڪميشن ڪئي هئي. اهو ئي سبب هو جو فضل الحق جيترا ڀيرا گورنر ۽ وڏو وزير رهيو، تيستائين ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي سرحد صوبي جو چيف سيڪريٽري رهيو. هن قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ وي.سي هجڻ دوران سنڌي نوجوانن لاءِ تعليمي ميدان ۾ دروازا کولي ڇڏيا ۽ کين روزگار ڏياريو. سندس علائقي جا ڪيترائي نوجوان اهم عهدن تي فائز آهن، جيڪو سندس محنت جو ئي نتيجو آهي. سندس ڪجهه تصنيفون پڻ شايع ٿيل آهن ٖ ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي جڏھن وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جو پرنسپل سيڪريٽري هو ته افغان گهوٽالي تي جينيوا معاهدي ٿيڻ بعد هڪ ڏينهن وزيراعظم محمد خان جوڻيجي پنهنجي پرنسپل سيڪريٽري ڪيپٽن عثمان علي هٿان جنرل ضياءَ کي نياپو موڪليو تہه هو جنرل ضياءَ کان پڇي تہه “جنرل ضياءَ ڪڏھن پنهنجي وردي لاهڻ پسند ڪندا” هڪ ڏينهن جنرل ضياءَ پنهنجي ساٿي جنريلن جنرل اختر عبدالرحمان، ٖ جنرل خالد محمود عارف، جنرل فضل الحق سان ڪچهري پئي ڪئي ۽ ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي بہه موجود هو، جنرل ضياءَ ڪنهن ڳالهہه تان ٽھڪ ڏنو، جنرل ضياءَ جي ان ٽھڪ دوران ئي عثمان علي عيساڻي جنرل ضياءَ کي چيو “وزيراعظم محمد خان جوڻيجو پڇي رهيو آھي تہه جنرل صاحب ڪڏھن وردي لاهڻ پسند ڪندا” فوجي کي وردي لاهڻ جو چوڻ ايئن آھي جيئن شينهن کان پڇا ڪجي تہه تنهنجي کل ڪڏھن لاهجي، جنرل ضياءَ اهو ٻڌي حيران ٿي ويو ۽ سندس خوشي هوا ۾ رفو ٿي وئي، ان ڏينهن ئي جنرل ضياءَ وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي جاءِ تي مري واري خاقان عباسي کي وزيراعظم بنائڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو. اڃا اهو پلان جڙيو ئي مس ته 10 اپريل 1988ع تي راولپنڊي جي اوجڙي ڪيمپ وارو واقعو رونما ٿيو، اوجڙي ڪيمپ ۾ افغان جنگ جي حوالي سان آمريڪي سي آءِ اي پاران پاڪستان جي ڳجهي اداري آءِ ايس آءِ معرفت روس خلاف افغان ويڙھاڪن کي جيڪي هٿيار فراهم ڪيا ويندا هئا، اهي اوجڙي ڪيمپ ۾ ذخيرو ڪري رکيا ويندا هئا، آمريڪي اختيارين انهن هٿيارن بابت جڏھن پاڪستاني ادارن کان حساب ڪتاب گهريو تہه افغان جنگ کي ڊيل ڪندڙ جنرل ضياءَ جا ويجها ساٿي جنرل اختر عبدالرحمان ۽ جنرل حميد گل پريشان ٿي ويا ۽ پوءِ 10 اپريل 1988ع تي راولپنڊي شهر ۾ واقع اوجڙي ڪيمپ ۾ واقع هٿيار گولا بارود جا ذخيرا ڌماڪن سان ڦاٽي پيا، راولپنڊي شھر مٿان هزارين راڪيٽ ۽ ميزائل ڪرڻ لڳا ان سانحي جي نتيجي ۾ راولپنڊي ۽ اوسي پاسي رهندڙ سوين ماڻھو اجل جو شڪار ٿي ويا انهن ئي انڌن ميزائلن مان هڪ ميزائل اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان جي پيءَٗ ۽ ان وقت وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي ڪابينا جي وزير پيداوار خاقان خان عباسي جي ڪار مٿان وڃي ڪريو، جنهن جي نتيجي ۾ هو ٿڏي تي مارجي ويو ۽ سندس هڪ پٽ سخت زخمي ٿيڻ بعد ڪوما ۾ ھليو ويو، جيڪو تيرهن سال ڪوما ۾ رهڻ بعد گذاري ويو، اهڙي طرح خاقان عباسي جنرل ضياءَ طرفان محمد خان جوڻيجي جي جاءِ تي وزيراعظم ٿيڻ بجاءِ راهه رباني اختيار ڪري ويو. اوجڙي ڪيمپ واقعو بہه محمد خان جوڻيجو لاءِ ڪو سٺو سنوڻ ثابت نہه ٿيو. وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جنرل ضياءَ تي واضح ڪيو ته اوجڙي ڪيمپ واقعي ۾ غفلت ڪندڙ ڪيترا به بااثر هجن، پر کين ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو اوجڙي ڪيمپ واقعي جا پيرا جنرل ضياءَ ۽ سندس ساٿي جرنيلن جي گهرن تي پئي لڳا سو آخر جنرل ضياءَ تنگ ٿي جڏھن وزيراعظم محمد خان جوڻيجو چين جي سرڪاري دوري تان واپس پئي وريو ته جنرل ضياءَ کيس مئي 1988ع ۾ برطرف ڪري ڇڏيو، ان سان گڏ ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي کي بہه اسٽيبلشمنٽ ڊويزن رپورٽ ڪرايو ويو. جنرل ضياءَ جي لاڏاڻي بعد بينظير ڀٽو صاحبه وزيراعظم بڻي ته پاڪستان جي بيورو ڪريسي جي تاريخ ۾ پهريون دفعو هڪ سنڌي آفيسر ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي کي سيڪريٽري اسٽيبلشمنٽ ڊويزن مقرر ڪيو. عثمان علي عيساڻي صاحب هن وقت 90 سالن جي عمر ۾ زنده حيات اسلام آباد ۾ رهي ٿو.