سنڌ جو سر سيد ۽ جهونو تعليمي ماهر ايڇ ايم خوجا جنهن 92 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. پاڻ ڊي.سي اسڪول نوابشاهه جو باني ۽ حيدرآباد سيڪنڊري بورڊ جو اڳوڻو چيئرمين به رهيو. پاڻ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ جي بورڊ جو ميمبر پڻ رهيو. سنڌ ۾ تعليم جو هي بيباڪ ۽ عظيم مُنارو 99-09-20 تي پنهنجي مبارڪ ڪالوني، حيدرآباد واري گهر ۾ 2 وڳي ڏينهن جو وفات ڪري ويو. وفات کان ٻه ڏينهن اڳ 92 سالن جي هِن جهوني ماهر تعليم کي ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجي آيو هو، جنهن کائنس سندس حياتي ڦري ورتي. وفات کان 3 مهينا اڳ سندس ڄنگهه ڀڄڻ سبب لڳاتار بيمار رهندو هو. آپريشن کانپوءِ صحتمند ٿيو ته سندس بڪين ۾ خرابي پيدا ٿي پئي ۽ پوءِ هو ٻه مهينا حيدرآباد جي خانگي اسپتال ۾ داخل رهيو. جتان نڪرڻ کانپوءِ گهر ۾ اچي کيس ٻيهر گردن ۾ تڪليف ٿي ۽ ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجي آيو. جنهن سبب هو وفات ڪري ويو. کيس مبارڪ هائوسنگ سوسائٽي ۾ خواجن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. خوجه صاحب غير شادي شده هو. کيس جڏهن شادي ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته پاڻ چوندو هو ته سمورا شاگرد منهنجو اولاد آهن. جڏهن ماڻهو کي ايترو اولاد هجي ته پوءِ شادي ڇاڪاڻ ڪجي، پر جيئن ته کيس ٻارن سان محبت هئي، تنهنڪري پاڻ هڪ ڇوڪري کي هنج ۾ ورتو هُئائين. کيس پالي، نپائي سندس شادي ڪرائي هُئائين. پاڻ انسانيت پرست، همدرد ۽ هڏڏوکي هو ۽ صحيح معنيٰ ۾ هڪ مثالي استاد ۽ سماج سڌارڪ هو. سندس ڪوششن سان ڊي سي هاءِ اسڪول پاران جوڙايل هاسٽل ۾ هن وقت پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نوابشاهه قائم آهي. مرحوم 1936ع کان 1972ع تائين ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ هيڊ ماستر ٿي رهيو. ان کانپوءِ 1972ع کان 1979ع تائين حيدرآباد سيڪنڊري بورڊ جو چيئرمين رهيو. سندس شاگردن ۾ سنڌ جون تمام وڏيون نامور شخصيتون شامل آهن، جن مان غلام مصطفيٰ جتوئي، حاڪم علي زرداري، مرتضيٰ جتوئي، لياقت جتوئي، ڊاڪٽر ڪامل راڄپر، قمر شهباز، امر جليل، اڳوڻو ڪمشنر حيدرآباد نظر محمد ۽ ٻيا شامل آهن.