بلاگنئون

ماهر تعليم سر ايڇ.ايم.خوجا

سنڌ جو سر سيد ۽ جهونو تعليمي ماهر ايڇ ايم خوجا جنهن 92 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. پاڻ ڊي.سي اسڪول نوابشاهه جو باني ۽ حيدرآباد سيڪنڊري بورڊ جو اڳوڻو چيئرمين به رهيو. پاڻ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ جي بورڊ جو ميمبر پڻ رهيو. سنڌ ۾ تعليم جو هي بيباڪ ۽ عظيم مُنارو 99-09-20 تي پنهنجي مبارڪ ڪالوني، حيدرآباد واري گهر ۾ 2 وڳي ڏينهن جو وفات ڪري ويو. وفات کان ٻه ڏينهن اڳ 92 سالن جي هِن جهوني ماهر تعليم کي ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجي آيو هو، جنهن کائنس سندس حياتي ڦري ورتي. وفات کان 3 مهينا اڳ سندس ڄنگهه ڀڄڻ سبب لڳاتار بيمار رهندو هو. آپريشن کانپوءِ صحتمند ٿيو ته سندس بڪين ۾ خرابي پيدا ٿي پئي ۽ پوءِ هو ٻه مهينا حيدرآباد جي خانگي اسپتال ۾ داخل رهيو. جتان نڪرڻ کانپوءِ گهر ۾ اچي کيس ٻيهر گردن ۾ تڪليف ٿي ۽ ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجي آيو. جنهن سبب هو وفات ڪري ويو. کيس مبارڪ هائوسنگ سوسائٽي ۾ خواجن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. خوجه صاحب غير شادي شده هو. کيس جڏهن شادي ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته پاڻ چوندو هو ته سمورا شاگرد منهنجو اولاد آهن. جڏهن ماڻهو کي ايترو اولاد هجي ته پوءِ شادي ڇاڪاڻ ڪجي، پر جيئن ته کيس ٻارن سان محبت هئي، تنهنڪري پاڻ هڪ ڇوڪري کي هنج ۾ ورتو هُئائين. کيس پالي، نپائي سندس شادي ڪرائي هُئائين. پاڻ انسانيت پرست، همدرد ۽ هڏڏوکي هو ۽ صحيح معنيٰ ۾ هڪ مثالي استاد ۽ سماج سڌارڪ هو. سندس ڪوششن سان ڊي سي هاءِ اسڪول پاران جوڙايل هاسٽل ۾ هن وقت پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نوابشاهه قائم آهي. مرحوم 1936ع کان 1972ع تائين ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ هيڊ ماستر ٿي رهيو. ان کانپوءِ 1972ع کان 1979ع تائين حيدرآباد سيڪنڊري بورڊ جو چيئرمين رهيو. سندس شاگردن ۾ سنڌ جون تمام وڏيون نامور شخصيتون شامل آهن، جن مان غلام مصطفيٰ جتوئي، حاڪم علي زرداري، مرتضيٰ جتوئي، لياقت جتوئي، ڊاڪٽر ڪامل راڄپر، قمر شهباز، امر جليل، اڳوڻو ڪمشنر حيدرآباد نظر محمد ۽ ٻيا شامل آهن.
سنڌ جي هن عظيم استاد ۽ سماج سڌارڪ موجوده ضلعي بدين جي شهر ٽنڊوباگو ۾ خوجا برادري جي هڪ فرد مهر علي خوجا جي گهر 8 آڪٽوبر 1907ع ۾ جنم ورتو. سندس ابتدائي تعليم سندس اباڻي شهر ۽ سڄي سنڌ جي مشهور شاعر، اديب، تاريخ نويس ۽ استاد محمد صديق مسافر جي زير تربيت ٿي. وڌيڪ تعليم لاءِ پاڻ پهرئين حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچيءَ جي ڊي.جي سنڌ ڪاليج مان تعليم حاصل ڪري، استاد کي پيغمبري عمل سمجهي 1932ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ استاد مقرر ٿيو. 36-1935ع ۾ ممبئي يونيورسٽيءَ مان بي.ٽي امتحان پاس ڪري ميرپورخاص ۾ استاد مقرر ٿيو. ان وقت نوابشاهه جا شهري ۽ خاص طور تي مسلمان تعليم جي ميدان ۾ پٺتي پيل هُئا. شهر جي ڪن صاحب حيثيت ۽ همدرد ماڻهن مسلمانن جي تعليم لاءِ هڪ اي.وي (A.V) اسڪول کوليو. اسڪول کي 1936ع ۾ ضلعي ڪائونسل (لوڪل بورڊ) پنهنجي تحويل ۾ وٺي مڊل اسڪول جو درجو ڏنو. اُن وقت تعليم جي واڌاري ۽ انتظامي ڪم هلائڻ لاءِ کين محنتي ۽ ذهين هيڊماستر جي ضرورت پئي. خوجا صاحب ان وقت اعليٰ ڪردار ۽ ذهانت جا مالڪ هئا. تنهنڪري عوامي نمائندن، نوابشاهه جي هڏ ڏوکين پاران کين راضي ڪيو ويو. سندس گهاٽن دوستن جي.اي جعفري ۽ جي.اي شيخ جي روڪڻ جي باوجود پاڻ اُن وقت جي سرڪاري نوڪري ڇڏي لوڪل بورڊ ماڊل اسڪول جا هيڊماستر ٿيڻ قبول ڪيائيون. جون 1936ع ۾ سندس ڪوششن سان 1940ع ۾ مڊل اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو مليو. پاڻ اميرن توڙي غريبن جي ٻارن ۾ تعليم جي شمع روشن ڪئي. بنا ڪنهن مذهبي متڀيد جي سندس ذاتي ڪوششن سان محبت ۽ محنت سان نوابشاهه ته ڇا، پر سڄي سنڌ ۾ کيس هڪ مثالي استاد مڃيو ويو. کيس وقت به وقت صاحب حيثيت ماڻهو اسڪول جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ امداد پڻ ڏئي ويندا هئا. جيڪا هاسٽل ۽ ٻين تعليمي ڪمن ڪارين ۾ استعمال ٿيندي هئي. شروعاتي سالن ۾ کيس ڄام جان محمد خان 50 هزار ڏنا هئا، پاڻ اُهي ٻن هاسٽلن تي خرچ ڪيا هُئائين. جنهن مان هڪ هاسٽل جو نالو مولانا محمد علي جوهر ۽ ٻي هاسٽل جو نالو بئريسٽر مرحوم ڄام جان محمد رکيائين. سندس دلچسپي ۽ ڪوششن سان هائوس ماسٽر بنگلو 8 ٽيچرس ڪوارٽرس ۽ هڪ عاليشان لطيف هال ۽ جمنازم ٺهيا. ولس جو برانچ جو رهيل حصو پڻ ٺهيو. خوجا صاحب جي دلچسپي ۽ محنت سان هڪ خوبصورت ڊرائينگ هال ٺهيو. خوجا صاحب تمام نفيس مزاج جا ماڻهو هئا. کين باغباني جو شوق هو. گلن جهڙا ٻارڙا ۽ رنگ برنگي خوشبودار گل کيس وڻندا هئا. تنهنڪري پاڻ مختلف هنڌان ملندڙ امداد ۽ اسڪول جي بجيٽ مان بچت ڪري به گلن ڦلن جي آبياري ڪندا هُئا. سندن شوق ۽ سچائي رنگ ڏيکاريو ۽ هڪ ڏينهن اسڪول جي گرائونڊ تي لاهور جي مشهور مغليه دور جي شالامار باغ جيان هڪ عاليشان باغ ٺهرايو ويو. هڪ وڏو پارڪ، وڻن جون ٻٽيون قطارون، بهترين ڦوهارا ۽ پرڪشش ڍنڍ سندس جمالياتي ذوق ۽ شوق جي مڪمل شاهدي آهن. خوجا صاحب وقت به وقت تعليم جي ترقي ۽ معيار وڌائڻ سان گڏ تعميراتي ڪمن تي به خاص ڌيان ڏيندا هئا. هُن پنهنجي يادگار وقت ۾ ولس اسڪول کي چوڌاري هڪ وڏي ڀت ڏياري. هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردن لاءِ هڪ شاندار ۽ عاليشان مسجد شريف ٺهرائي. جنهن کي ڏسڻ کانپوءِ يقينن خوجا صاحب جي دين سان دلچسپي ۽ سچائي ظاهر ٿئي ٿي. دراصل خوجا صاحب پنهنجي مستقبل بيني سان جيڪي به تعميراتي ڪم ڪرايا. اهي سجايا ويا. ڇو ته گورنمينٽ ڪاليج نوابشاهه جي ابتدا به هن اداري منجهان ٿي. ڪاليج جا سڀ ڪلاس، ڊي.سي اسڪول نوابشاهه جي لطيف هال ۾ شروع ڪيا ويا هُئا. خوجا صاحب جڏهن ميونسپل ۾ تعليمي ماهر جي حيثيت ۾ اعزازي ميمبر هُئا. تڏهن هو پنهنجن مفيد مشورن سان تعليم جي واڌاري لاءِ جاکوڙيندا رهندا هئا. موجوده ڊي.سي اسڪول نوابشاهه لاءِ زمين خريد ڪرڻ لاءِ ميونسپل ڪميٽي کي خوجا صاحب راضي ڪيو هو. سندس اها حب، اُڪير ۽ علم سان الفت ملڪان ملڪ مشهور ٿي وئي هُئي. در حقيقت ايڇ.ايم خوجا صاحب پاڻ پنهنجي ذات ۾ اعليٰ قسم جي انجمن هو ۽ بذات خود هو پاڻ به گلن ڦلن جي اُها نرسري هو، جنهن ۾ انيڪ قسم جي گلن ڦلن جا رنگ وکريا پيا هوندا آهن ۽ هوا جا جهونڪا سندن خوشبوءَ کي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ پهچائيندا آهن. سندن اهڙي قسم جي هاڪ آمريڪي حڪومت کي آماده ڪيو ته هو کين دعوت ڏئي پاڻ وٽ گهرائين. تنهنڪري ترت ئي خوجا صاحب 1954ع ۾ سرڪار مهمان جي حيثيت ۾ آمريڪا ويو. اُتي جي تعليمي ادارن کي ڏسي ۽ گهمي اُتي جي تجربن ۽ انتظامن، تعليمي معيار جو گهرو مطالعو ۽ مشاهدو ڪري وطن واپس وريو. هاڻي وڌيڪ دلچسپي ۽ تجربي سان علم جي اداري کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ لڳو. کين سدائين سنڌ جي نياڻين جي تعليم جو فڪر رهندو هو. انهيءَ سلسلي ۾ به پاڻ هميشه اڳڀرو رهيو. ماڻهن ۾ نياڻين کي تعليلم ڏيارڻ جو شعور ڏيڻ لڳو. پاڻ پنهنجي ڪوششن سان جيڪو گرلز اسڪول کوليائون تنهن کي اڳتي هلي ترقي وٺرائي هاءِ اسڪول ۾ تبديل ڪرايائين ۽ هڪ وڏو پلاٽ حاصل ڪري اسڪول کي ڏياريائين.
سندن قائم ڪيل انهي گرلز اسڪول جون شاگردياڻيون اڄ اعليٰ تعليم حاصل ڪري وڏن وڏن عهدن تي فائز آهن. ايڇ ايم خوجا انهيءَ کانسواءِ ٻيون کوڙ ساريون خدمتون انجام ڏنيون آهن. پاڻ اپوا اسڪول نوابشاهه کي بهتر بنائڻ لاءِ انهيءَ جي نئين سر عمارت تعمير ڪرائي. جنهن ۾ ڪي.جي ۽ پرائمري جي تعليم کان وٺي هاءِ اسڪول تائين پڙهائي هلي رهي آهي. پاڻ وڏو دورانديش ۽ درويش صفت انسان هُو. اپوا اسڪول جي پاسن کان دڪان تعمير ڪرايا هُئائين. جن مان ملندڙ ماهوار 5 هزار مسواڙ اسڪول لاءِ ڪم اچي ٿي. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ خوجا صاحب حامد علي ڪلب لائبريري جو سمورو انتظام به پاڻ سنڀاليو. جتي پاڻ تقريري مقابلا ۽ فنڪشن به ڪرائيندو رهندو هو. سندس اهڙين لاتعداد خدمتن جي عيوض حڪومت طرفان کين “تمغه خدمت” جو اعزاز مليو ۽ 55 سالن جي عمر ۾ جڏهن کين رٽائرمينٽ جو آرڊر مليو، تڏهن سڄي سنڌ مان کين بحال ڪرڻ جو آواز بلند ٿيو. اُن وقت جي گورنر مغربي پاڪستان ايئر مارشل نور خان پاڻ اچي سندس خدمتن کي اکين سان ڏٺو ۽ کين بحال ڪيو. کين “تمغه خدمت” ان وقت جي صدر فيلڊ مارشل ايوب خان ڏنو هو. کين ذوالفقار علي ڀٽو جي دور حڪومت ۾ رٽائرمينٽ کان هڪ ڏينهن اڳ يعني 1972-09-03 تي ڪانٽريڪٽ بنياد تي بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن حيدرآباد جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. جتي پاڻ 1972 کان 1979ع تائين خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ اُن سروس دوران هڪ شاندار هاسٽل تعمير ڪرائي. انٽرنيشنل ليول تي هڪ جيمنزم 10 لک روپين سان تعمير ڪرايو. بورڊ جي انتظام کي بهتر کان بهتر بنايو. ڪاپي جي ڪڌي ڪم تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ وڏي حد تائين ڪامياب ويو. جڏهن رٽائر ٿيو ته بورڊ جي بچت اڪائونٽ ۾ 1979ع ۾ به هڪ ڪروڙ رپيا پاڇي ڇڏيا. انهيءَ مان اندازو لڳايو ته پاڻ ڪيترا نه ايماندار، مخلص ۽ سچا هُئا. پاڻ آخر تائين مختلف تعليمي ادارن کي پنهنجا مفيد مشورا ڏيندا هُئا ۽ پنهنجي علمي وابستگي انهن سان رکيائون.
سنڌ جي هن درويش انسان وفات کان ڪجهه مهينا اڳ سنڌ ميوزم جي ممتاز مرزا هال ۾ تقرير ڪندي انهيءَ ڳالهه تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو هو ته مون جن هارين، مزدورن، پورهيتن جي اولاد کي اسڪالرشپون ڏئي، فيون معاف ڪري، ڪتاب خريد ڪري، هاسٽل ۾ رهائش جون مفت سهولتون ڏئي پڙهائي اِها اميد رکي هئي ته هي غريبن جا ٻارڙا، هي مسڪين ماڻهن جا ٻارڙا، هي يتيم ۽ لاوارث ٻارڙا جڏهن علم حاصل ڪري وڏا عهدا ماڻي وٺندا ته يقينن هن معاشري کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ ۾ اهم ڪم سرانجام ڏيندا ۽ هي سماج هڪ مثالي سماج ٿي پوندو. ڇو ته اُهي غريب هُئا، محروم هُئا، ڏکايل هئا، هو ضرور ٻين انسانن جي سک ۽ شانتي لاءِ ڪوشش ڪندا، پر مون کي انتهائي ارمان سان چوڻو ٿو پوي ته منهنجا تيار ڪيل غريب شاگرد اڄ وڏا راشي ۽ ڪرپٽ آفيسر آهن.
ايڇ ايم خوجا (حاجي خان مهر علي خوجا) سنڌ ۾ جيڪو پڙهيل لکيل نسل پيدا ڪيو اهو خوجا صاحب جا ٿورا ته ٺهيو، پر انسانيت جي ناتي حب الوطني جي نالي ۾ به ڪي چڱا ڪم ڪري نه سگهيو. اڪثريت تعليم حاصل ڪري عهدن جي چمڪ کي چنبڙي پئي، جڏهن ته انهن کي تعليم يافته بنائڻ لاءِ ايڇ ايم خواجه در در رليو هو ۽ جهوليون جهلي چندو گڏ ڪري اسڪول کي ۽ هاسٽل کي نه فقط قائم رکندو آيو هو، پر ان ۾ وقت به وقت واڌارو به ڪندو رهيو هو. حاجي خان المعروف ايڇ ايم خوجا جو والد صاحب مهر علي حڪيم هو ۽ گيهه جو واپاري هو. پرائمري تعليم خوجا صاحب ٽنڊي باگي ۾ حاصل ڪئي. مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول مان 1928ع ۾ پاس ڪيائين. ڏيڍ سال ڏيارام گدومل ڪاليج ڦليلي مان پڙهي انٽر ڪراچي مان وڃي ڪئي. 1932ع ۾ ممبئي يونيورسٽيءَ مان بي.اي ڪيائين. گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۽ مدرسي ميرپورخاص، گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ گورنمينٽ مدرسي ۽ هاءِ اسڪول نوشهري فيروز ۾ هڪ مخلص ۽ سچي استاد طور خدمتون سرانجام ڏنيون. انهيءَ دوران هو پنهنجي ذاتي خرچ تي ممبئي مان بي.ٽي به ڪري آيو. اتان موٽي اچڻ ۽ باوجود ڪواليفائيڊ استاد ٿيڻ جي سندس پهرين پگهار 120 رپين مان گهٽائي 45 روپين تي نئين اسڪيل ۾ رکيو ويو. تڏهن سندس دل سرڪاري نوڪريءَ تان ڀڄي پئي. انهيءَ دور ۾ نوابشاهه جي اي.وي اسڪول جي هيڊ ماستريءَ جو آرڊر نوابشاهه لوڪل بورڊ جي پير قربان علي نوشهري فيروز واري کيس ڏياري موڪليو. پاڻ اُتي پهچي اُها نوڪري قبول ڪيائون. شروعات ۾ اسڪول ۾ ڪُل 40 شاگرد هُئا. جن ۾ 25 کن مسلمان زميندارن جا ٻار هئا ۽ 15 کن ٻهراڙيءَ جا مسڪين ڳوٺاڻن جا ٻار هُئا. اڳتي هلي ايڇ ايم خوجا سڄي سنڌ ۾ اِهو ثابت ڪيو ته جنهن جو استاد ۽ رهبر محمد صديق مسافر جهڙو استاد هجي، اُن جو شاگرد به ائين ئي ڪندو.
(هفتيوار “چڻنگ” نومبر 1999 لکيل: 1999-9-27 وقت 2:08).