طالبان جي سرڪار کي ڪير مڃي نه مڃي اهو سوال پوءِ جو آهي، ڇو ته آرمي جي ذريعي يا ايئن ئي جمهوري حڪومتن کي ڪيرائڻ ۽ چونڊن بنا ايئن ئي (سويلين) آرمي جي زور تي ويڙھ ڪري ويهڻ بين الاقوامي اصولن جي خلاف آهي، جنهن کي ڪير به نه مڃيندو ۽ مڃڻ به نه گهرجي، پوءِ دنيا جا سڀ ملڪ طالبان جي حڪومت کي مڃڻ لاءِ تيار ڇو ويٺا هئا (يا آتا آهن) ۽ انتظار ۾ هئا ته طالبان اچن ۽ هي انهن کي خوش آمديد چون يا ٻيو سبب اهو به آهي ته سڀ مغربي ۽ ايشيائي ملڪ طالبان کان خوفزده هئا يا آهن، ان ڪري انهن کي دل سان مڃي ورتو جن بنا چونڊن جي ڪرسي ماڻي، پر حيرت اها به آهي ته اهي رڳو 70 هزار سويلين آرمي وارا طالبان 3 لک افغاني فوج کا زور ٿي ويا، اهي سڀ آرام سان سڄو افغانستان فتح ڪري ويا؟ پر ڇو ۽ ڪيئن؟ يا ٻي راءِ اها به آهي ته يقينن هن دفعي به هنن جي پٺيان سي آءِ اي جو هٿ آهي، جو سي آءِ اي طالبان جي ڪلهن تي بندوق رکي هلائي، ڇو ته هنن کي سڀاڻي ٻيا اسلامي ملڪ به فتح ڪرڻا هئا ان ڪري جو جيستائين طالبان مان شدت پسندي ۽ دهشت پسنديءَ نه ويندي، تيستائين مغربي قوتون اسان جي مٿان هلان ڪنديون رهنديون. ان ڪري انهن کي هر دفعي اهو جواز پيدا ڪرڻو هوندو آهي (۽ پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪوشان هوندا آهن) ته هنن مغربي قوتن کي طالبان جي سخت ضرورت آهي، جيڪا هنن کي 1992 کانپوءِ هاڻي سمجھه ۾ آئي آهي جو هنن رڳو روس کي ڌڪڻ جي لاءِ لوڪل ايجنسين جا ڪلها استعمال نه ڪيا هئا، پر هاڻي به هنن طالبان لوڪل ايجنسين جي مدد سان هڪ رڪ جي ديوار ثابت ٿيندا.