بلاگنئون

خطي ۾ گهرو ويڙھ جا لامارا

طالبان جي سرڪار کي ڪير مڃي نه مڃي اهو سوال پوءِ جو آهي، ڇو ته آرمي جي ذريعي يا ايئن ئي جمهوري حڪومتن کي ڪيرائڻ ۽ چونڊن بنا ايئن ئي (سويلين) آرمي جي زور تي ويڙھ ڪري ويهڻ بين الاقوامي اصولن جي خلاف آهي، جنهن کي ڪير به نه مڃيندو ۽ مڃڻ به نه گهرجي، پوءِ دنيا جا سڀ ملڪ طالبان جي حڪومت کي مڃڻ لاءِ تيار ڇو ويٺا هئا (يا آتا آهن) ۽ انتظار ۾ هئا ته طالبان اچن ۽ هي انهن کي خوش آمديد چون يا ٻيو سبب اهو به آهي ته سڀ مغربي ۽ ايشيائي ملڪ طالبان کان خوفزده هئا يا آهن، ان ڪري انهن کي دل سان مڃي ورتو جن بنا چونڊن جي ڪرسي ماڻي، پر حيرت اها به آهي ته اهي رڳو 70 هزار سويلين آرمي وارا طالبان 3 لک افغاني فوج کا زور ٿي ويا، اهي سڀ آرام سان سڄو افغانستان فتح ڪري ويا؟ پر ڇو ۽ ڪيئن؟ يا ٻي راءِ اها به آهي ته يقينن هن دفعي به هنن جي پٺيان سي آءِ اي جو هٿ آهي، جو سي آءِ اي طالبان جي ڪلهن تي بندوق رکي هلائي، ڇو ته هنن کي سڀاڻي ٻيا اسلامي ملڪ به فتح ڪرڻا هئا ان ڪري جو جيستائين طالبان مان شدت پسندي ۽ دهشت پسنديءَ نه ويندي، تيستائين مغربي قوتون اسان جي مٿان هلان ڪنديون رهنديون. ان ڪري انهن کي هر دفعي اهو جواز پيدا ڪرڻو هوندو آهي (۽ پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪوشان هوندا آهن) ته هنن مغربي قوتن کي طالبان جي سخت ضرورت آهي، جيڪا هنن کي 1992 کانپوءِ هاڻي سمجھه ۾ آئي آهي جو هنن رڳو روس کي ڌڪڻ جي لاءِ لوڪل ايجنسين جا ڪلها استعمال نه ڪيا هئا، پر هاڻي به هنن طالبان لوڪل ايجنسين جي مدد سان هڪ رڪ جي ديوار ثابت ٿيندا.

اها به حقيقت آهي ته مغربي دنيا ان ڳالھه ۾ وڏي ٻه چاپڙي آهي. معنيٰ جڏهن پاڻ ترقي ڪن ٿا تڏهن سڀ صحيح آهي، پر جڏهن اسان ايشيائي ملڪن جو وارو ٿو اچي ته ماحولياتي آلودگيءَ جا سبب بڻجي ٿا پون يا ايٽمي هٿيار جڏهن مغربي دنيا وٽ آهن ته دنيا محفوظ آهي، پر اهي جڏهن ايشيائي ملڪن ڏي ٽپي ٿا اچن ته خطرا وڌي ٿا وڃن يا وري جڏهن هنن (آمريڪا) پاڻ 1945 ۾ ۽ روس 1949 ۾ ايٽمي ڌڪاما ڪري دنيا کي ڏيکاريو ته صحيح هو. وري انهن کانپوءِ چين، فرانس، ڪوريا، برطانيا ۽ ٻيا سنها ٿلها ملڪ ڌماڪا ڪري ايٽمي طاقت بڻجي ٿا وڃن، ويٽو پاور بڻجي دنيا جي وڏيرائپ هٿن ۾ ورتن ته صحيح هو، پر اتي جي ڀارت، پاڪستان ۽ ايران ڌماڪا ٿا ڪن ۽ انهن (آمريڪا) جي ڌمڪين ۾ نه اچي پنهنجي عوام کي گاھ به کارائين ٿا، ڇو ته اهڙن ڌماڪن ڪرڻ جي ڪري مغربي دنيا هنن کي عليحدگي جو شڪار ٿي ڪري، واپاري ڏي وٺ نٿي ڪري ۽ ايشيائي ملڪن جي مٿان الزام ٿا هڻن ته جي هنن کي ايٽمي طاقت هٿ آئي آهي ته اها مغربي دنيا جي لاءِ ڏمر ثابت ٿيندي، ڇو ته اها جيڪڏهن ڪنهن ايمان واري جي هٿ آئي ته اهي انهن هٿيارن جو منهن ڪندا ئي آمريڪا ۽ مغربي دنيا جي طرف. هاڻي وري سوال اهو آهي ته جي طالبان وري شدت پسند نه ٿيا ته آمريڪي آشيرواد هٽي ويندن ۽ جي شدت پسند ٿيا ته وري به مغربي دنيا هنن کي دٻائڻ شروع ڪندي، هنن جي مٿان حملا واجب ٿيندا، هنن جي مٿان طاقت هلائيندا. وري اهو به آهي ته طالبان جو انقلاب پنهنجا پيرا کڻي هڪ نه هڪ ڏينهن يا ويجهي مستقبل ۾ پاڪستان يا بين الاسلامي ملڪن ڏي زور ڀريندو، انهن جي پٺڀرائي لاءِ لوڪل ايجنسيون هردم حاضر آهن، ڇو ته “نيو ورلڊ آرڊر” جي امپليمينٽشن جي لاءِ سڀ کان ڪارآمد پرزو ۽ هربو طالبان ئي ثابت ٿيندا، ان ڪري ته اهي سي آءِ اي جا صدورا پٽ آهن، اهي سڀ کان پهريان ڪي پي جي پختون آبادي جي لاءِ گريٽر پختونستان جو نعرو هڻندا، ڇو ته اها ڳالھه اهي بيت الله محسود کان وٺي نورالله محسود تائين ڪندا ٿا اچن.

طالبان کڻي ستر هزار آهن جيڪا کڻي انهن جي سڀ آبادي چئجي جيڪا پختونن ۽ افغاني پٺاڻن جي آهي (جنهن ۾ ڪُرد، ازبڪ، تاجڪ، ايراني ۽ ٻيون قومون شامل ناهن) ان ڪري جو افغانستان جي آبادي 18 ڪروڙ آهي ۽ ان ۾ رڳو ڏنڊو طالبان (معنيٰ افغاني پٺاڻن ۽ پختونن جو ٿو هلي) جيڪي اهڙا ته سي آءِ اي جا سلڇڻا آهن، جن کي اهي جيئن چوندا تيئن ٿيندو. هن مهل تائين جيڪي به دوها ۾ ڳالهين جا دور هليا، تهران ۾ ڳالهيون ۽ گڏجاڻيون ٿيون، روس جي ٽياڪڙي ٿي اهي سڀ ڊارمن جون قسطون هيون، ڇو ته انهن ڳالهين ۾ پاڪستان کي شامل نه ڪرڻ به هڪ اهڙو سوال آهي جنهن ۾ طالبان ۽ لوڪل ايجنسين نه پئي چاهيو ته اهي شامل هجن. پاڪستان لاءِ هڪ پاسي باھ آهي ۽ ٻئي پاسي پاڻي، ڇو ته طالبان کي آخر باھ ته پاڪستان جي لاءِ ٻارڻي آهي، جتي چين جا مفاد آهن، جتي اهي سڀ ناڪام ڪرڻ ۾ رڌل آهن. طالبان سرڪار جتي سوالن جا انبار کڻي آئي آهي، اتي اهو به آهي ته ڇا ان کان پهرين حڪومت اسلامي نه هئي، اهي سڀ افغاني ڪيمونسٽ پارٽي جا پوڄاري هئا، پر ان سڄي وارتا سبب اسان وٽ مذهبي شدت پسنديءَ واري صورتحال زور وٺندي، جنهن ۾ جيش محمد، تحريڪ طالبان پاڪستان زور وٺنديون، جماعت الدعويٰ ۽ ٻيون مذهبي جماعتون چپ ڪري نه ويهنديون. ان ڪري اهو واضح آهي ته آمريڪي حڪمت عملي هاڻي ڪم ڪيو آهي. نيٽو فورسن هرو ڀرو پنهنجا 20 سال ذيان ڪيا، انهن ويهن سالن ۾ دنيا جو نقشو ڦري وڃي ها، پر وري اها ڳالھه به منجهائيدڙ آهي ته انهن 70 هزار طالبان جي آرمي کي سنڀالي ڪير ٿو؟ ڪير ٿو انهن طالبان کي پالي؟ اها ڳالھه به آهي ته انهن طالبان جي نسلن جي پيٽ ۾ (جيڪي صدر دائود ۽ ان کان اڳ صدر ظاهر شاھ جي دور کان هلندا ٿا اچن) ڪڏهن روس جي هنج ۾ ته ڪڏهن سي آءِ اي جي آشيرواد ۾، پر تاريخ جو وڏو حصو هنن سي آءِ اي سان ياريون نڀايون آهن.

هتي جيتري صورتحال منجهائيندڙ آهي اوتري وري ڳنڀير به آهي ته بين الاقوامي قوتون طالبان کي ڇو مڃينديون يا ڇو مڃن؟ اسلامي حڪومت رڳو افغانستان ۾ ٿورئي آهي، هتي سي آءِ اي جي ٻٽي پاليسي آهي، پر هنن جي اهڙي گناھ کي ڪوئي نٿو ڏسي. ڏکڻ افغانستان ۾ حالتون وري به تشويشناڪ رهنديون آيون آهن، جو هيومن رائيٽس کي ان ڳالھه جي ڳڻتي هئي ته اهي انهن ماڻهن جي جان، مال، عزت، آبرو جي حفاظت ڪيئن ممڪن ڪن ۽ انهن کي ڌاڙن، ڦورن، چورين ۽ زنا جهڙين برائين کان ڪيئن بچائجي، ڇو ته اهي سڀ چوٽ چڙهي ويون هيون. افغانستان سڄو ڄڻ ٻري پيو هو، جو ڪير ڪنهن سان ڪنهن به ڳالھه ۾ سهمت نه هو. جنرل دوستم وري رباني ۽ مسعود سان ڳالهين ۾ ٺهڻ کان نابري واري ڇڏي هئي ۽ انهن وري حڪمت يار سان ٺاھ ڪري ڪابل تي بم وسائڻ شروع ڪيا ۽ ائين ئي هڪٻئي مٿان گولا باري ڪندي انهن 10 مهينا گذاريا، جو اهڙن بم باردون، حالتن جي خراب ٿيڻ، خونريزي، ڌاڙن، چورين، زنا جي واقعن جي واڌ جي ڪري ماڻهن جي زندگي زهر ٿي وئي هئي ۽ وري اهڙين حالتن ۾ طالبان جي فورسز جو اڀرڻ ناگزير ٿي پيو.

پر سوال اهو به آهي ته چين فورن طالبان سان ڳالهين لاءِ تيار ڇو آهي؟ يا چين سي آءِ اي جو مٿي جو سور ضرور آهي، ساڳي جاءِ تي روس کي اڃان بدلا به چڪائڻا آهن. طالبان جي اصل لڳ لاڳاپا رڳو آمريڪا سان آهن، اهي سي آءِ اي جي هشي تي آهن ضرور، پر روس جي هاڻوڪي خاموشي به وڏا سوال ٿي اڀاري، ڇو ته اسان جي خطي ۾ هاڻي سي آءِ اي کي ڳالھه سمجھه ۾ آئي آهي ته طالبان جي ڪلهن تي بندوق رکي هلائجي، ڇو ته هاڻي سڀ اسلامي انقلاب، سڀ شدت پسنديون، سڀ دهشت پسنديون، سڀ ڪاروايون، سڀ آرمي آپريشن، سڀ حرفتون، سڀ حملا، سڀ ڏڦيڙ، سڀ جنگيون ۽ سڀ گهرو ويڙهيون ڪري سگهجن ٿيون، پر ويھه سال هنن هرو ڀرو نيٽو فورسز کي استعمال ڪيو، ۽ ان ڳالھه کان ڪير به انڪار نه ڪندو ته سي آءِ اي ڪٿي به ناهي يا ڪٿي ڪٿي آهي، ڇو ته پاڪستان ۾ انهن جي پرورش ان وقت کان ٿي رهي هئي، جڏهن روس 1949 ۾ ايٽمي ڌماڪا ڪيا هئا، انهن ڌماڪن ڪرڻ سان هنن ته هڪ ڌڪ ۾ لوڪل ايجنسين کي خريد ڪيو، جو اسان جو پهريون وزيراعظم هوش حواس سان روس کي ڇڏي آمريڪا جي آشيرواد لاءِ روانو ٿي ويو هو، حالانڪه روس جي آڇ به موجود هئي ته اسان جي آشيرواد کي قبوليو، پر ڳالھه اها به هئي ته چين ان وقت تي ڪجهه به نه هو، نه معاشي حوالي سان نه جنگي حوالي سان نه ڪنهن طاقت جي حوالي سان. چين توڻي مائوزي تونگ جي نگراني ۾ ايٽمي ڌماڪا ضرور ڪري ڏيکاريا هئا، ۽ هي وري موساد، سي آءِ اي ۽ را وانگي شاطر نه هئا، جو ايجنسيون هلائي، اهي سڀ حرفتون ڪري وڃن ها. چين جو سڄو ڌيان رڳو صنعتي، معاشي ۽ برآمدات طرف رهيو. سي آءِ اي چين،  روس، جرمني ۽ جاپان جي خلاف ته ڊالرن جا منهن کولي ڇڏيا، ڇو ته هنن کي پنهنجي سپر پاوري برقرار رکڻ جي تمنا ۽ آس مسلسل رهندي آئي نه ته روس هنن کي مات ڏئي ڇڏي ها.