بلاگنئون

ڪالوگا يونيورسٽي ۾ سنڌ تي پي ايڇ ڊي جا تحقيقي مقالا

روس جي تدرستي ۽ تحقيقي ادارن ۾ سنڌ جي ٻولي، تھذيب، سماج، معيشت، تعليم ۽ شخصيتن تي روسي پي ايڇ ڊي جا تحقيقي مقالا روسي ٻولي ۾ لکندا آھن. مثال طور ماسڪو جي اڪيڊمي آف سائنسز، ايشيا جي ماڻهن جو انسٽيٽيوٽ، (1966) ۾ ايگورووا، رائسا پيٽروونا جديد ادبي ٻولي سنڌي ۾ فعل جي عنوان سان تحقيقي مقالو لکيو، جيڪو 1970 ۾ انگريزي ۾ ڪتاب جي صورت ۾ شايع ٿيو. ماسڪو (2000) فانا سيف، دمتري اليگزينڊر ووچنو سنڌ جي اقتصادي تاريخ تي تحقيقي مقالو لکيو آھي. جڏھن ته روس جي شھر رياضان جي تدريسي اداري ۾ 2016 ۾  پوپو وايوگينيا “بينظير ڀٽو جون سياسي سرگرميون:  1970-2007” جي عنوان تي تحقيقي مقالو  لکي پي ايڇ ڊي ڪئي آھي.

اھڙن تدريسي ۽ تحقيقي ادارن مان ھڪ يونيورسٽي ڪالوگا سرڪاري يونيورسٽي به آھي، ھيءَ يونيورسٽي روس جي يورپي حصي ڪالوگا شھر ۾ واقع آھي. ڪالوگا ماسڪو شھر کان 143 ڪلو ميٽر  پري ڏکڻ اولھه ۾ اوڪا ۽ ان جي معاون ندين جي ڪناري تي واقع آهي، هونئن ته ھن شهر جي ميونسپل جوڙجڪ شهري ضلعي جي حيثيت سان آهي، پر ساڳئي وقت ڪالوگا ريجن جو انتظامي مرڪز پڻ آهي. 2025 جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي ڪل آبادي 324,989 آهي. ڪالوگا جي سرڪاري يونيورسٽي جي تاريخ  1786 ۾ قائم ڪيل چوٿين درجي تائين سرڪاري تدريسي اسڪول کان شروع  ٿئي ٿي. ھي اسڪول 1918 ۾ تدريسي انسٽيٽيوٽ ۾ تبديل ٿيو، جيڪو 1948 ۾ سرڪاري تدريسي يونيورسٽي ۾ بدلجي ويو. 1963 ۾ سندس نالو ڪي. اي. سيولڪووسڪي هڪ مشهور راڪيٽ سائنسدان جي نالي پٺيان رکيو ويو. 2010 ۾ سندس نالو تبديل ڪري سيولڪووسڪي ڪالوگا سرڪاري يونيورسٽي رکيو ويو، جنھن ۾ ھڪ تدريسي تعليم جو انسٽيٽيوٽ آھي، جنھن ۾ سنڌ جي سماج، معيشت، تعليم، سماجي نفسيات تي پي ايڇ ڊي جا تحقيقي مقالا  لکيا ويا آھن، انھن مقالن جي عنوانن سان گڏ ٻن مقالن جا  خُلاصا پيش ڪجن ٿا.

ڪُرڪوف ولاديمير 1997 ۾ پنھنجي پي. ايڇ. ڊي جو تحقيقي مقالو “سنڌ جي سماجي، سياسي تاريخ جو سماجي نفسياتي پهلو”  تي لکيو. نووسلڪياگور 1997 ۾ “سنڌ جي تعليمي تاريخ” جي عنوان سان تحقيقي مقالو لکي پي ايڇ ڊي ڪئي. 1999 ۾ ڪوروليو، ولاديمير بوريسووچ “19 ۽ 20 صدي جي پھرين اڌ ۾ سنڌ جي اقتصادي تاريخ” جي موضوع تي پي ايڇ ڊي جو تحقيقي مقالو لکيو .

ڪُرڪوف ولاديمير پنھنجي تحقيقي مقالي “سنڌ جي سماجي، سياسي تاريخ جو سماجي ۽ نفسياتي پهلو” ۾ سنڌ جي مقامي آبادي جي سماجي نفسيات جي رابطي جي طريقيڪار جو جائزو ورتو آھي. آباديءَ جو نسلي توازن جيڪو مسلسل تبديل ٿي رهيو آھي، وچئين صدي جي دور جي آخر کان وٺي اڄ تائين سنڌ ۾ سياسي عمل جي اھڙي طريقيڪار تي اثرانداز ٿيندڙ اندروني ۽ بيروني عنصرن جي سڃاڻپ ڪئي آهي. ھن مقالي ۾ سنڌين جي تاريخي نفسيات، ڪرشمن، صوفي نظرين جي پکيڙجڻ ۽ قومي آزادي جي تحريڪ جي نسلي نفسياتي جز جي مظهر ٿيڻ جي مطالعي تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي. تحقيقي مقالي جو الڳ حصو صوفين ۽ قدامت پسندن جي تعليمي ۽ تربيتي سرگرمين جي تقابلي تجزيي لاءِ وقف آهي. محقق تحقيقي مقالي جي نتيجي ۾ ڄاڻائي ٿو ته سنڌي سماج ۾ يا ٻين سماجن ۾ موروثي نفسياتي خصوصيتن کي نظر ۾ رکندي اُن حقيقت کي اڳتي وڌايو آھي ته اصولي طور تي سماجي نفسياتي خصوصيتن جو ھڪ جامد ۽ سخت مخصوص جدول ٺاھڻ ناممڪن آھي. سڀ کان پھرين، قومي ۽ مذھبي جوڙجڪ ۾ تاريخي تبديلي جي ڪري مسلسل ملائڻ ۽ ورھائڻ واري عمل ۽ ٻيو اھڙين خاصيتن جو ھڪ مجموعو ڪيترن ئي نسلي گروھن جي خاصيت آھي. ٽيون ھڪ ئي نسل جا مختلف سماجي گروهه مختلف نفسيات رکندڙ آھن. وچولي گروھن جا نمائندا آساني سان سياسي تنظيمن ۾ شامل ٿين ٿا جيڪي مذھبي، نسلي، معاشي، سماجي ۽ ٻين نعرن جو اعلان ڪن ٿا. ھي عمل سردار جي نفسيات، سنڌين ۽ ٻين نسلن جي پدر پرستي ۽ حڪمراني جي آمرانه طريقن جي حساسيت جي ڪري آسان ٿئي ٿو. ڪرشماتي اڳواڻ کان پيچيده سماجي حل ڪڍڻ جي اميد ۽ ذميواري رکي سگھجي ٿي. آبادي جي اڪثريت ڪافي ڄاڻ ۽ مقصدي معلومات جي کوٽ جي ڪري سياسي اڳواڻن کي روزمره جي شعور تي ھدايتون ڏيڻ جي اجازت ڏئي ٿي. جڏھن ڪيتريون ئي عوامي ۽ سرڪاري شخصيتون حب الوطني ۽ مذھب جھڙن جذبن جو استعمال ڪن ٿيون، جيڪي گهڻي حد تائين سنڌ ۾ سياسي تحريڪن جي ترغيب جو تعين ڪن ٿيون، سياسي پارٽين جون حقيقي نظرياتي ھدايتون عام طور تي پروپيگنڊا ڪلچر ۽ واضح جذباتي رنگن جي ھڪ سيٽ جي پويان لڪيل ھونديون آھن.

نسلي عملن جي اڻ پوري، غير ھم آھنگي ۽ گھڻ طرفي ھجڻ ڪري، نسلي خود آگاھي ڪافي پيچده آھي. سنڌ جا رھواسي پاڻ کي پاڪستاني ۽ سنڌي سمجھن ٿا ۽ ھڪ مخصوص قبيلي يا نسلي، مذھبي برادري سان پنھنجو تعلق محسوس ڪن ٿا. نسلي خود آگاھي جي متضاد نوعيت جو ھڪ اھم سبب سماجي فرق ۽ آباديءَ جي مختلف گروھن جي معاشي مفادن جي وچ ۾ تضاد  آھن.

نووسلڪياگور 1997 ۾ “سنڌ جي تعليمي تاريخ” جي عنوان سان تحقيقي مقالي ۾ لکي ٿو ته سنڌ ۾ تعليم جي ترقي پيچيده ۽ متضاد رھي آھي. ان جو مقصد سماجي، ثقافتي حالتن جي سياسي حالتن مطابق تبديل ٿيڻ ۽ سماج جي معاشي ضرورتن سان تبديل ٿيندو رھيو آهي. سنڌ ۾ قديم زماني کان ھندو ۽ ٻڌ ڌرم جي پاڪ ڪتابن ۾ ڪيترائي صفحا ھر شخص جي علم لاءِ وقف آھن. فن ۽ ٽيڪنالاجي علم ڪارپوريٽ  نوعيت جو ھو ۽ نسل در نسل خانداني تجربي ذريعي منتقل ٿيندو رھيو. ڪم جي دوران ڇو جو سوال نه پڇيو ويندو ھو. ان دور جي ماھرن پاڻ کي ڪيئن؟ جي جواب ڏيڻ تائين محدود رکيو. انھن گمنام طريقن جي مھرباني جو سنڌ ترقي ڪئي. عربن جي فتح کانپوءِ تعليم اعترافي اصولن تي ٻڌل، پر مرڪزي طور تي نگراني ۾ نه هئي. جيتوڻيڪ حڪمران يا انھن جا ساٿي اڪثر ڪري اسڪولن، مسجدن، مڪتبن، خانقاھن ۽ آشرمن جي مدد فراھم ڪندا ھئا.

ٻارهين صديءَ ۾ مسلم ۽ ھندو تعليمي ادارن ۾ ڏھاڪو کن شاگرد داخل ٿيا، جن ۾ ساڳي تعليمي پروگرامن ۾ منطق، قانون، طب، تاريخ، فلسفو ۽ ڳڻپ شامل ھئا. سڀني مضمونن کي ايمان جي سچائي جي تصديق ڪرڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو هو. اھڙيءَ طرح فلڪيات ۽ نجوم جي وچ ۾ لڪير ڪڍڻ ناممڪن ھو. تعليم ۽ پرورش جو علم الڳ نه ٿي سگھيو، تنھنڪري نفسيات وڏو ڪردار ادا ڪيو. استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ لاڳاپن لاءِ ھڪ معياري طور تي نئين طريقي جي ترغيب سان سنڌ ۾ صوفي ازم جي پکيڙ ٿي. سنڌ جي ڌرتي تي 1845 ۾ پھريون مغربي طرز جو اسڪول کليو.

محقق اڳتي لکي ٿو ته سنڌ  جي تعليمي مسئلن ۾ استحڪام جو فقدان آھي، جنھن جي اصلاح احتياط سان سائنسي مطالعي جي بنياد تي ڪيل نه آھي، پر پاڪستان جي سياسي حڪومتن جي سلسلي تسلسل جي کوٽ جي نتيجي ۾ نظرياتي ۽ سياسي مفادن جي بنياد تي آھي. پھريان مٿي حڪومت فيصلا ڪندي آھي، پوءِ انھن جي باري ۾ دليل ۽ جواز پيش ڪرڻ لاءِ ماھرن کي گھرائيندي آھي،جيئن صدر ڀُٽي جو سڀني تعليمي ادارن کي قومي تحويل ۾ وٺڻ جو فيصلو يا صدر ضياءُ الحق جو انهن سڀني کي عام اسلامائيزيشن ڪرڻ جو قانون، تعليمي پاليسي ۾ اهڙن امتحانن لاءِ استادن ۽ ليڪچرارن جي مطابقت ڏکوئيندڙ آهي.

تحقيقي مقالي ۾ سنڌ جي تعيلمي ادارن ۾ ڪمرن، تجربيگاھن ۽ استادن جي کوٽ ۽ پگھارن جي مسئلي ۽ انتظامي بالادستي ۽ ٻين مسئلن سان گڏ سنڌ سرڪار لاءِ مٿي جي سور طور تي خانگي تعليمي ادارن جو تجزيو شامل آھي. خانگي ادارن ۾ استادن جون گھٽ پگھارون ۽ ھميشه نوڪري مان ڪڍڻ جون ڌمڪيون شامل آھن. اُن سان گڏ ادارن ۾ بيوروڪريسي ۽ سياست موجوده تعليم جي پاليسي ۾ رڪاوٽ آھن. محقق جي راءِ ۾ نون تعليمي ادارن کولڻ سان تعليمي نظام بھتر بنائڻ جي خواھش جائز نه آھي. شاگردن جي تعليم جي واڌ ويجهه موجوده اسڪولن ۽ ڪاليجن جي بنياد تي ممڪن آھي ۽ فنڊ جو واڌرو انھن جي معيار کي بھتر بڻائڻ جي اجازت ڏيندو. انساني تعليم جي لحاظ کان ماڻھن جي گھڻائي آھي، پر سڀ کان وڌيڪ اميد ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ آهي جن جي سخت کوٽ آھي.