بجيٽ اجلاس کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (PSX) تازوئي عالمي سطح تي مضبوط لچڪ ۽ پرڪشش ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، جنهن مان سرمائيڪارن کي مسلسل اهم ڪاميابيون ملڻ جي توقع ڪري سگهجي ٿي.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج دنيا جي بهترين ڪارڪردگي ڏيندڙ حصيداري مارڪيٽن (شيئر مارڪيٽن) مان هڪ سمجهي وئي آهي، جنهن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ ڏٺي وئي آهي. هن شاندار ڪارڪردگيءَ ۾ عالمي سيڙپڪارن جن ۾ Black Rock ۽Eaton Vance جهڙن اثاثن جا انتظامي ادارا به شامل آهن، جن دنيا جي سيڙپڪارن جو ڌيان ڇڪايو آهي. آءِ ايم ايف جي پروگرام وسيلي رپئي جي قدر ۾ استحڪام آيو آهي، مهانگائيءَ ۾ ڪمي ٿي آهي ۽ موجوده اڪائونٽ ۾ بهتري آئي آهي. هن وقت به پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ ان اڀار جي باوجود دنيا جي ٻين چوٽين وارين مارڪيٽن يا اڀرندڙ مارڪيٽن جي مقابلي ۾ رعايت تي واپار ڪندي نظر اچي ٿي، جيڪا ڊگهي مدي وارن سيڙپڪارن لاءِ ڪشش جو سبب آهي.
گهريلو سيڙپڪارن جي سيڙپڪاريءَ سبب بين الاقوامي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ واپاري حجم ۾ واڌ آئي آهي. ان سڄي پسمنظر ۾ ڏٺو وڃي ته حڪومت جو آءِ ايم ايف سان مسلسل ڳالهيون ڪرڻ ۽ آءِ ايم ايف پروگرام ۾ رهڻ ۽ ان جي اڳواڻيءَ ۾ سڌارن جو نفاذ ان سڄي بهتريءَ جو سبب بڻيو آهي، ڇو ته هي مالي نظم و ضبط ۽ ڍانچي جي سڌارن لاءِ هڪ روڊ ميپ مهيا ڪري ٿو، جيڪو سيڙپڪارن جي اعتماد کي هٿي ڏئي ٿو. هن وقت ڀاڻ، تجارتي بينڪن، توانائي ۽ ريئل اسٽيٽ جهڙا اهم شعبا مضبوط آمدني جي صلاحيت ڏيکاري رهيا آهن، جيڪي پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ پرڪشش آهن.
ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج (ڪي ايس اِي) 100 انڊيڪس هڪ هزار 861 پوائنٽس يا 1.44 سيڪڙو اضافي سان هڪ لک 26 هزار پوائنٽن جي تاريخي سطح عبور ڪري رهي آهي. 26-2025 جو مالياتي بجيٽ پيش ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تمام گهڻي تيزي ڏسڻ ۾ آئي آهي، جنهن کي Bullish Rally ۽ ان کان علاوه Bullish Momentum به نظر آئي آهي. بُلش ريلي جنهن جو مطلب مارڪيٽ جي تيزيءَ ۾ استحڪام ۽ ان کان علاوه اسٽاڪ ۾ تمام گهٽ هيٺانهين جو رجحان رهيو. گهڻن اسٽاڪس جي قيمتن ۾ اضافو نظر آيو ۽ وڌيڪ خريداري نظر آئي. ان کان علاوه خريداري جي حجم ۾ اضافو ٿيو. جڏهن ته بلش مومينٽم مان مراد آهي ته اسٽاڪ جي قيمتن ۾ اڀار نظر آيو ۽ اهو اڀار تيز نظر آيو ۽ خريد و فروخت ۾ استحڪام نظر آيو.
مجموعي طور تي 443 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏي وٺ ٿي، جن مان 331 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمت ۾ اضافو ٿيو، 99 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ ڪمي به ڏسڻ ۾ آئي. جڏهن ته 9 ڪمپنين جي حصص (شيئرز) جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. جن شعبن ۾ سرمائيڪارن دلچسپي ڏيکاري انهن ۾ آٽو موبائيلز اسيمبلر، سيمينٽ، ڪيبل اينڊ اليڪٽريڪل گڊس، ڪيميڪل ۽ ڪمرشل بينڪن جا حصص شامل آهن. 11 جون 2025 تي به سرمائيڪارن مثبت بجيٽ جي تناظر ۾ فراخدليءَ سان شيئرز خريد ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪي ايس اِي 100 انڊيڪس 2 هزار جي اضافي پوائنٽن سان اڳيان نڪري ويو ۽ هڪ لک 24 هزار پوائنٽن جي تاريخي سطح لنگهي ويو.
اڄ پهريون موقعو آهي جڏهن پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪي ايس اِي 100 انڊيڪس هڪ لک 26 هزار پوائنٽن جي نئين تاريخ رقم ڪئي آهي. هن وقت پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ دنيا ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪندي دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ شامل ٿي رهي آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج بلا شڪ قابل ذڪر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ۽ ان ۾ اڃان به وڌيڪ واڌ جي صلاحيت آهي.
تنهن هوندي به پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي عالمي ميدان ۾ پنهنجي پوزيشن کي مضبوط ڪرڻ ۽ مسلسل وڏي پئماني تي پرڏيهي سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ لاءِ لازمي آهي ته پنهنجي ڍانچي کي بهتر ڪري. ان ۾ مالي استحڪام برقرار رکڻ، مارڪيٽ ۾ مقامي سيڙپڪارن جي اضافي سيڙپڪاري، سيڙپڪارن جي سيڙپ کي محفوظ رکڻ لاءِ ضابطن کي وڌائڻ، سياسي خطرن کي گهٽائڻ، امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ شامل آهن. جيڪڏهن پاڪستان اقتصادي استحڪام ۽ ڍانچي جي سڌارن جي رستي تي مستقل هلندو رهيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت واڌ ۽ سيڙپڪاري پاڪستان جي مستقبل کي تبديل ڪرڻ ۾ دير نه لڳائيندي.