اسلام آباد ۾ ڌرڻي خلاف آپريشن گرفتاريون، پٿراءُ، زخمي
اسلام آباد ۾ 20 ڏينهن کان جاري ڌرڻي خلاف آپريشن شروع آپريشن ۾ وڏي تعداد ۾ پوليس حصو وٺي رهي آهي. جڏهن ته ايف. سي ۽ رينجرز به موجود آهي. پوليس پاران واٽر ڪينن ۽ ڳوڙها ڳاڙيندڙ گئس جو استعمال ڪيو ويو. ان کان علاوه پوليس پاران ڪجهه گرفتاريون ڪيون ويون آهن. اطلاع مطابق مظاهرين پاران پوليس تي پٿراءُ ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي اهلڪار زخمي ٿي پيا. پمز اسپتال جي ترجمان مطابق اسپتال ۾ 12 زخمين کي آندو ويو، جن مان ٽي پوليس ۽ ٻه ايف سي جا اهلڪار به شامل آهن. ڌرڻي واري هنڌ جي هوائي نگراني به ڪئي وئي. تازين خبرن موجب هن وقت تائين پوليس ڌرڻي واري هنڌ جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. ياد رهي ته ڌرڻي ختم ڪرائڻ لاءِ رات 12 وڳي تائين جو وقت ڏنو ويو هو، جنهن بعد پير گولڙا شريف جي درخواست تي ان کي وڌايو ويو هو.