42 هزار سالن کان ڄميل حالت ۾ رهندڙ جيت زنده ٿي ويا
آمريڪي ماهرن دعويٰ ڪئي آهي ته انهن 42 هزار سالن کان ڄميل حالت ۾ رهندڙ ڪيڙن کي زنده حالت ۾ آندو آهي. نيماٽوڊيا رائونڊ ورمن Nia Toda RoundWormsنالي هنن جيتن کي کوٽائي دوران 100 فوٽن جي اونهائي مان حاصل ڪيو ويو هو، انهن ڪيڙن کي بعد ۾ ليبارٽري ۾ مائنس 4 ڊگري تي رکيو ويو هو، جنهن گرمي پد کي بعد ۾ وڌائي 68 فاهرن هائيٽ تي آندو ويو هو ۽ انهن ڪيڙن ويجهو غذا رکي انهن کي انهن جي زنده ٿيڻ جو انتظار ڪيو ويو جنهن ۾ ڪجهه هفتن بعد زندگي جا آثار پيدا ٿي ويا ۽ انهن چرڻ شروع ڪري ڇڏيو. ماهرن پاران چيو ويو آهي ته تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته هن قسم جا جيت وڏي عرصي تائين زنده رهي سگهن ٿا. واضح رهي ته هي ڪيڙا اصل ۾ مئا نه هئا پر اهي برف ۾ محفوظ رهيا هئا.

