پيٽروليم جنسن جون قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو، ٽيڪس ۾ گهٽتائي
وزارت خزانه پاران پيٽروليم جنسن جون قيمتون نه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته آخري فيصلو عبوري وزيراعظم ڪندو. واضح رهي ته آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي پاران وزارت پيٽروليم کي سمري موڪلي وئي هئي جنهن ۾ پيٽروليم جنسن ۾ 2 کان 7 رپيا وڌائڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي. جڏهن ته وزارت پاران ان سمري کي رد ڪندي قيمتن کي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ عبوري وزيراعظم کي قيمت نه وڌائڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي، هاڻي آخري فيصلو عبوري وزيراعظم ئي ڪندو. وزارت جو چوڻ آهي ته پرڏيهي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون وڌيون آهن ان صورت ۾ به عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ قيمت کي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف فيڊرل بورڊ آف روينيو پاران پيٽرول تي سيلز ٽيڪس گهٽائڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. هن کان پهرين اهو ٽيڪس 12 سيڪڙو هو هاڻي ان کي 9.5 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. ساڳي طرح هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت تي سيلز ٽيڪس کي 24 مان گهٽائي 22 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. گاسليٽ تي ٽيڪس کي 12 سيڪڙو مان گهٽائي 6 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. لائيٽ ڊيزل ٽيڪس کي گهٽائي هڪ سيڪڙو ڪيو ويو آهي. پيٽروليم جنسن تي نون ٽيڪسن جو اطلاق آگسٽ کان شروع ٿيندو.