دنيا جي تيزي سان ترقي ڪندڙ معيشيت جو آمريڪا سان ڪوبه مقابلو ڪانهي: آمريڪي صدر

آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسٽيٽ آف دي يونين سان خطاب ڪندي چيو آهي ته ملڪ لاءِ سڀني کي ٻن پارٽين وانگر نه پر هڪ قوم وانگر ڪم ڪرڻو آهي. نئين ڪانگريس سان ملي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ڪاميابي ڪنهن جماعت نه پر ملڪ جي کٽڻ جو نالو آهي. انتقامي سياست کي مسترد ڪرڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت آمريڪا جي مقابلي ۾ بيهڻ وارو ڪير به ڪونهي. دنيا ۾ تيزي سان ترقي ڪندڙ معيشيت اسان سان مقابلو نٿي ڪري سگهي. آمريڪا جي فوج دنيا جي طاقتور فوج آهي. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان ان قابل به ٿي ويا آهيون ته افغان مسئلي جو سياسي حل ڪڍي سگهون ٿا. افغانستان ۾ ٻن ڏهاڪن بعد امن جي لاءِ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. ان کان علاوه شام مان به آمريڪي فوجن جي واپسي جو وقت اچي ويو آهي. مان چاهيان ٿو ته آمريڪا ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهو اچن ضرور، پر صرف قانوني طريقي سان نه ڪي سرحدن کي لتاڙي غير قانوني طريقي سان ملڪ ۾ اچي ۽ جُرمن ۾ اضافو ڪن. اميگريشن جو محفوظ ۽ قانوني طريقو ٺاهڻ چاهيون ٿا. دوائن جي قيمتن ۽ هيلٿ ڪيئر کي سستو بنائڻ اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هلندڙ سال آمريڪي ماهر هڪ دفعو ٻيهر خلا ۾ ويندا.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments