خاصنئون

آمريڪا اپريل تائين افغانستان مان پنهنجي فوج واپس گهرائي وٺندو: طالبان جي دعويٰ

ماسڪو ۾ طالبان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن. هن موقعي تي طالبان دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا اپريل تائين پنهنجي اڌ فوج افغانستان مان واپس گهرائڻ جو واعدو ڪيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي افغان طالبان چيو آهي ته ٻنهي ڌرين هڪٻئي کي ان ڳالهه جو يقين ڏياريو آهي ته افغان زمين کي دهشتگردي جي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏيندا. ياد رهي ته آمريڪا جو صدر به چئي چڪو آهي ته فضول جي جنگ ۾ آمريڪا کي ڦاسايو ويو آهي. هاڻي آمريڪا پنهنجو مڪمل ڌيان معيشيت جي واڌاري تي ڏيندو. واضح رهي ته آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ قطر، گڏيل عرب اماراتن ۽ سعودي عرب ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ جنگ بندي تي اتفاق ٿي ويو آهي. جنهن سان 17 سالن جي جنگ کانپوءِ افغانستان ۾ امن قائم ٿيڻ جو امڪان وڌي ويو آهي.