داعش کي تباهه ڪرڻ جون ڪوششون جاري رهنديون : آمريڪا

آمريڪي وزير خارجا مائيڪ پومپيو چيو آهي ته شام مان فوج جي واپسي باوجود اسان پنهنجن اتحادين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. جڏهن ته داعش خلاف لڙائي نئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪي هدفن ۾ ڪنهن به طرح جو فرق نه آيو آهي اسان صرف  پنهنجو طريقو بدلايو آهي ۽ داعش کي ختم ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين. واضح رهي ته هن کان پهريان آمريڪي صدر به چئي چڪو آهي ته اسان لڙائي وارا خطرناڪ علائقا خالي ڪرائي ورتا آهن هاڻي اتحادين جي موجودگي ۾ اسان پنهنجي فوج کي واپس گهرائڻ چاهيون ٿا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *