سعودي سيٽلائيٽ خلا ۾ پهچي وئي
سعودي عرب جي سائنسدانن پاران تيار ڪيل سيٽلائيٽ خلا ۾ پهچي وئي آهي. هن سيٽلائيٽ کي SGS-1 جو نالو ڏنو ويو آهي. SGS-1 کي مڪمل طور تي سعودي ماهر ڪنٽرول ڪندا. هن سيٽلائيٽ کي آمريڪا جي ايئر بيس مان خلاف ۾ موڪليو ويو آهي. 1-SGS موبائل ڪميونيڪيشن ۽ انٽرنيٽ جي رابطن کي مضبوط بڻائيندي. هن سيٽلائيٽ کي سعودي ماهرن ڪنگ عبدالعزيز سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي سٽي جي ٽيم آمريڪي ڪمپني لاڪ هيڊ مارٽن سان گڏجي تيار ڪيو آهي.