خاصنئون

خاشقجي کي سعودي عرب قتل ڪرايو آهي، رپورٽ

 گڏيل قومن جي تحقيقاتي ڪميٽي رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته جمال خاشقجي کي سعودي عرب منصوبا بندي تحت قتل ڪرايو آهي.عالمي اداري جي تحقيقات دوران تمام ثبوت ۽ واقعي واري هنڌ جي جاچ کانپوءِ تحقيقات ڪندڙ ايگنيز ڪليمرڊ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جمال خاشقجي کي هڪ منصوبي تحت  وحشياڻي انداز ۾ قتل ڪيو ويو آهي. ۽ ان جو ذميدار سعودي عرب آهي. جنهن ترڪي جي تحقيقات ۾ پڻ رکنو وڌو آهي. جمال خاشقجي جو سفاڪاڻو قتل هن جي خاندان لاءِ هڪ صدمي جو سبب بڻجڻ سميت  عالمي سطح تي به  خراب اثر کڻي آيو آهي. واضح رهي ته اها تحقيقاتي رپورٽ جون جي مهيني ۾ انساني حقن واري ڪميشن ۾ پيش ڪئي ويندي.