خاصنئون

روس، پاڪستان اندر تيل ۽ گيس جي شعبي ۾ سيڙپ ڪندو، پيٽروليم وارو وزير

پيٽروليم واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته روسي ڪمپني پاڪستان ۾ تيل ۽ گيس جي شعبي ۾ ڏهه ارب ڊالرن جي سيڙپ ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته انٽر اسٽيٽ گيس سسٽم ۽ گاز پروم ڪمپني وچ ۾ معاهدو طئي ٿي ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته روس ۽  پاڪستان وچ ۾ معاهدو گڏيل تعاون جي هڪ روشن مثال آهي. جنهن سان ملڪ کي هر روز 500 ملين کان 1 بلين ڪيوبڪ گيس فراهم ڪئي ويندي. گيس سلينڊر رستي پاڪستان پهچائي ويندي گيس جي پائيپ لائين جي تعمير 3 کان 4 سالن اندر مڪمل ڪئي ويندي.