خاصنئون

پنهنجي حفاظت لاءِ تمام حفاظتي قدم کڻنداسين، روس

آمريڪا ايٽمي معاهي کي ختم ڪرڻ ۽ انٽرميڊيئيٽ رينج فورسز ٽريٽي مان نڪرڻ تي روس پنهنجي حفاظت لاءِ هر قسم جا قدم کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. روس جي پرڏيهي وزير سرگئي ريابڪووُ چيو آهي ته انٽرميڊيئيٽ رينج فورسز ٽريٽي تي آمريڪا سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو آهي ته اسان کي 2 فيبروري جي ڏينهن پيغام مليو ته آمريڪا هن معاهدي مان نڪري رهيو آهي. جڏهن ته اسان ان معاهدي کي قائم رکڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا رهندا آهيون.