بلاگخاصنئون

آخر پي ٽي آءِ جو ڇا ٿيندو؟

ماضيءَ ۾ عمران جي حڪومت ۾ جيترو نون ليگ نشاني تي هئي اوتري ڪا ٻي پارٽي نه هئي، سا به سڌو سنئون، اوترو پ پ وارا نه هئا. ڇو ته نون ليگ بدلي جي سياست ۾ تمام گهڻي اڳتي رهي آهي. اها ڳالھ به پڌري پٽ پئي آهي ته نون ليگ پنهنجي ٻنهي شروعاتي دورن ۾ پ پ سان وڏي ويڌن ڪئي هئي، پر پيپلزپارٽي پوءِ به مفاهمت واري سياست کي هٿي ڏني، جنهن ۾ هاڻي واري بجيٽ پيش ۽ پاس ڪرڻ ۽ ڪرائڻ ۾ پيپلزپارٽي وري به پاڻ مڃرايو. ان ڪري ته سياست جي يا ڳالهين جي ميز تي اچڻ جي ڳالھ جيڪڏهن پيپلزپارٽيءَ جي ڪجي ته اها سڀني کان اڳري هوندي، باقي ٻيون پارٽيون وري به بدلي جي سياست تي يقين رکن ٿيون اهي سمجهن ٿيون ته بدلي جي سياست ڪري پاڻ چمڪائي سگهجي ٿو باقي نه ته جي مخالف به ايوان ۾ هوندا ته ڪم نه هلي سگهندو، ان ڪري ته مخالفن جي هجڻ سان ايوان ۾ ڄنڊا پٽَ گهڻي ٿي ٿئي ۽ جمهوريت جو ڪم نبري نٿو، عارضي ۽ دائمي جمهوريت جا دڪان بند ٿي ٿا وڃن، جنهن ۾ پي ڊي ايم جو ئي مثال وٺجي. ان ڪري ته سيپٽمبر 2020 ۾ 11 پارٽين هڻي ٻاري ڏنو ۽ ايوان مڇي مارڪيٽ بڻائي وري اپريل 2022 ۾ عمران خان کي گهر موڪلي ساهي پٽين. هاڻي ڪا ڳالھ ئي ناهي ڄڻ شهباز شريف ڏي ٽَڪي جي مهڙ ناهي ۽ سڀ ڪجھ صحيح ٿو هلي، ملڪ ملير لڳو پيو آهي ۽ هر ماڻهو سُک جو ساھ ٿو کڻي.
شهباز شريف سميت ان کان اڳ پي ٽي آءِ وارن کي پيپلزپارٽي به ايلاز منٿون ڪري پٽڪا ميڙ ڪري مڃائڻ جي ڪوشش ڪئي. اليڪشن جي اتحاد کان وٺي اپوزيشن ۾ گڏ ويهڻ ۽ ان کان اڳ حڪومت ٺاهڻ جو دعوتون به سڀني جي سامهون آهن، پر پي ٽي آءِ ڪنهن جي هڪ نٿي مڃي ۽ انهن جي بضد هجڻ جي پويان رڳو هڪ ڳالھ ڪارفرما آهي ته انهن جي مٿان 9 مئي وارا ڪلور معاف ٿين ۽ انهن جو عمران خان ٻاهر اچي، پر ڳالھ اها به سمجهون ته 9 مئي انهن جي پنهنجي ڪئي آهي، جنهن ۾ نيب ڪيس هجن، القادر يونيورسٽي هجي، عدت ۾ نڪاح وارو معاملو هجي، فارين فنڊنگ هجي، سائيفر وارو معاملو هجي، پر انهن سڀني کان اتم ۽ وڏو شديد معاملو يا سڀني کان مٿانهون ۽ ڳرو مسئلو رڳو نائين مئي آهي، جنهن پي ٽي آءِ جي مٿان نائن اليون واري غضب نازل ڪيو. ان ڪري ته نون ليگ هجي، مولانا فضل الرحمان هجي يا پيپلزپارٽي هجي يا ملڪ رياض جون لڪيل ٽياڪڙيون هجن، پر ڪنهن جي به دال نٿي ڳري، ان ڪري ته ڳالهيون تڏهن نبرن جڏهن ڌريون آمهون سامهون ويهن. ان ڪري عوام جي نظر ۾ هڪ عسڪري يا رياست پاڻ ڌر آهي ۽ ٻئي پاسي عمران خان ۽ ان جي اهي چار هزار سر ڦٽيا ڪارڪن جيڪي سِرُ تري تي رکي رڳو عمران خان عمران خان پئي ڪندا هئا. ان ڪري اها ڳالھ سمجهڻ جهڙي آهي ته حڪومتن جو اچڻ وڃڻ ۽ ڪرسي جا مزا ماڻڻ به جمهوريت جي هڪ ڪڙي آهي، جيڪا يا ته بهترين ماحول ۾ ڳالهيون ڪري پاڙجي يا چونڊن جي اچڻ جو انتظار ڪجي، باقي ٻيو ڪو وچون رستو ناهي. چور دروازا هاڻي بند ٿي ويا آهن يا شايد انهن جو حرفتون يا صورت ڪنهن 45 ۽ 47 فارمن جي وچ ۾ اڙيل آهن. هاڻي ته آمريڪا کي به ڳڻتي ورايو آهي ته ڪنهن صورت انهن گمنام ۽ ڳجهي اليڪشن ۽ بي سبب راتو رات 45 ۽ 47 فارمن جي ڪاغذي ٻيڙي تي چڙهي آيل وزيرن کان آڏي پڇا ٿئي يا ڪورٽ ان ڳالھ تي اک پٽي ته جيڪي ووٽن جون پيتيون ڀرجي آيون، انهن جي اندر آخر ڪير ٿو کٽي ۽ ڪير ٿو هارائي؟ ان ڪري ته اهي راز افشان ٿيڻ کپن ۽ آمريڪا جا به هارکار مري. انهن نڪور حرفتن ته سپر پاور ملڪن جي ايجنسي کي به انڌو ڪري ڇڏيو، اهي به هاڻي پاڻ آڏي پڇا ٿا ڪن ته اها ڪهڙي حرڪت هئي جنهن جمهوريت جا نوان ابتا سبتا رستا ليڪي وزيرن جون راهون هموار ڪيون.
100 ڏينهن جي ڪارڪردگي پنهنجي جاءِ تي جنهن ڳالھ جي هام عمران خان به هڻي ويو هو، ان ڪري ڊونلڊ ٽرمپ به پنهنجي دور ۾ اهي سڀ ڪارڪردگيون ڏيکاري ملڪ ميڙي ويو هو، سا ڳالھ هاڻي شهباز شريف به وڏي شرافت سان ڪري ڏيکاري. هن شريف کي به ِسرَ جي لڳل آهي ته ڪٿي بازي پلٽجي نه وڃي ۽ شهباز شريف کٽيل بازي هارائي وڃي. شهباز شريف جي لاءِ آئين جي آرٽيڪل 54 تحت بي اعتماديءَ جي رٿ اچي سگهي ٿي جيڪا معنيٰ ٿي رکي ۽ جيڪا بازي ڦيرائي سگهي ٿي، پوءِ ماڻهن کان 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي به وسري ويندي، ان ڪري هي اهو ئي شهباز آهي جنهن پنهنجا ڪپڙا وڪڻڻ جي ڳالھ ڪئي هئي، پر ڪُل ملائي ڏسجي ته هن جا 16 مهينا ۽ وچ ۾ عارضي سرڪار وري هن جي ٻيهر سرڪار ڄڻ هي شهباز شريف به ڪنهن ويڪيشن کانپوءِ وري سيٽ تي ويهي رهيو ڄڻ موڪل تي ويل هو ۽ پهرين به پاڻ بجيٽ پيش ڪري ويو هو جيڪا ٽيڪس زده هئي ۽ هاڻي به پاڻ بجيٽ پيش ڪري ويو، جيڪا شديد ٽيڪس زده آهي، پر هاڻي هن کي سياسي استحڪام ۽ عزم استحڪام جا سهارا کپن، ان ڪري ته عمران خان جو ٻاهر اچڻ يا ڪنهن اتفاق تحت ڪنهن ضمانت جو ٿي پوڻ، آمريڪا جي مداخلت جو زور وٺڻ، فارم 47 ۽ 45 جي وري ڪا جاچ ٿيڻ به خطري جون گهنٽيون آهن، جن جا آواز شهباز شريف جي ڪنن تي پوندا هوندا، پر انهن سڀني خطرن کان اڳ هي چاهي ٿو ته پي ٽي آءِ ڳالهين جي ميز تي اچي ۽ ڳالهيون ڪري هنن جي به جان ڇڏائي ۽ پنهنجي به جان ڇڏائي، پر مشڪل ٿو لڳي.
ڳالھ اها به آهي ته نون ليگ ڀلي بدلي جي سياست تي يقين به رکي، پر هيل پي ٽي آءِ جنهن ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿي آهي سا نون ليگ جي جوڙيل ناهي، يا ائين به ناهي ته نيب جي اشارن ۽ ڳجهين ملاقاتن ۾ ڪا تيزي به آئي هجي، پر هي جيڪو ڪجھ ٿيو سو 9 مئي جي باغي روين ۽ نتيجن ۾ ٿيو، جنهن جا ذميدار هي پاڻ آهن، ان ۾ پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ ڇا ڪري يا ڇا ڪري سگهندا؟ ڇو ته اهي به رياست جا عملدار ئي سمجهون جيڪي پاڻ ڪنهن مفاهمت تحت سياسي نوڪري ٿا ڪن ۽ الله ڪارڻ انهن جا ڪيس ڪجھ ته معاف آهن ۽ ڪجھ وري لڪيا پيا اٿن جنهن جي خبر وري به انهن نيب ۽ ڳجهن ادارن کي ئي آهي جيڪي پاڻ ڄاڻن پنهنجا ڪم. ٻي ڳالھ ته شهباز شريف جي ڳالهين جي آڇ مان قطعن اها مراد ناهي ته عمران خان ٻاهر اچي ۽ اهو ويهي هنن سان ڳالهائي ۽ پنهنجون ڳالهيون طئي ڪري، اهو ته پهرين به هنن سڀني (چورن) سان ڳالهين جي لاءِ راضي نه هو ۽ هنن (پي ڊي ايم) وارن جي ٻاهر ملڪ يا جيل ۾ هجڻ جي صورت ئي پنهنجي انڌي منڊي سرڪار هلائڻ لاءِ راضي ٿي ويو هو، سو هاڻي هي به اها ئي ڳالھ ٿا ڪن ته جيڪي ٻاهر آهيو اهي ڳالهيون ڪيو، جيڪي اندر آهن انهن جي ڪرتا ڌرتا ۽ نيت سان هنن جو ڪجھ به نه وڃي ۽ هي جيڪي پي ٽي آءِ وارا جيڪي ٻاهرين ٻَني تي ويٺا آهن، جيڪي سُني اتحاد جي آسري ايوان ۾ آيا هئا سي به اهو ٿا چاهين ته پهرين اندريان ٻاهر اچن ته پوءِ ٻاهريان به ڪنهن ڳالھ تي راضي ٿيندا، پر ڳالھ نبرڻ واري ناهي ۽ نه ئي ڪنهن قانوني چارا گيري ۾ ڪا ڳالھ آخر نبرندي به، ان ڪري جو پي ٽي آءِ تي سياسي سرطان لٿو آهي ۽ انهن پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيو آهي، اهي پنهنجي ڪئي ۾ پاڻ ڦاٿا آهن، انهن جي ڪئي انهن جي پنهنجي ڳچيءَ ۾ آهي. ان ڪري ڪورٽون، عدالتون، اعليٰ ايوان، وزير، مشير، وزيراعظم، صدر، ٻاهريون قوتون يا ڀلا عسڪري آشيرواد به هاڻي خان جي لاءِ ڪم جا ناهن، جيڪي ڪنهن صورت هاڻي پي ٽي آءِ جي حصي ۾ ناهن ۽ نه ئي هاڻي پي ٽي آءِ يا عسڪري ادارن جي خواب خيال به آهي ته اهي پي ٽي آءِ جي وڪالت ۾ لهي ايندا يا عدالتون هاڻي هنن پي ٽي آءِ وارن جي ڀر وهنديون.
پي ٽي آءِ به ان ڳالھ تي بضد آهي ته ڳالهائين ته مالڪ ڳالهائين باقي هنن رياست جي عارضي عملدارن سان ڳالهيون ڪو کڙ تيل ڪڍي ڪو نه اينديون. ان ڪري ته جنهن ڪئي آهي انهن سان ويهي فيصلا ڪجن ۽ جيڪي قصوروار آهن انهن جا حساب ڪتاب چڪتو ٿين، پر انقلاب ائين ناهن ايندا يا ائين ڪرسي موٽائي ناهي وٺبي جيئن پي ٽي آءِ وارن ڪيو جو وزيراعظم واري ڪرسي ڪا سرڪاري نوڪري ناهي جو ڌرڻن ۽ ڌمڪين سان بحال ڪرائي سگهجي يا ڌرڻو يا بک هڙتال ڪبي ته وري سڀ ڪجھ صحيح ٿي ويندو. ان ڪري سياست جو طريقو پي ٽي آءِ کي نه آيو ۽ هنن جيڪو به ڪيو اهو سڀ سياسي انڌ هو يا اهڙي سياسي باھ هئي جنهن ۾ هي پاڻ سڙي مري ويا، جن جو ٻيهر جيئڻ ۽ ان سياسي سرطان مان ٻاهر نڪرڻ مشڪل ترين ڪم ٿو لڳي. ٻاهرين ايجنسين جي مداخلت متان بازي اٿلائي وجهي، پر رياست انهن جي مداخلت کي به نندي ٿي، ان سبب رهي سهي رڳ به ڄڻ پي ٽي آءِ وارن جي سڙي ويندي، ان ڪري بهتر آهي ته ٻاهريان ويهي سياسي ڳالهيون ڪن ۽ اندريان في الحال اندر ئي هجن.