بلاگنئون

سنڌ تي ماحولياتي تبديليءَ جا اثر ۽ سنڌ حڪومت جي غير سنجيدگي

پوري دنيا ۾ وڏي پئماني تي ماحولياتي تبديلي ٿي رهي آهي، جنهن جي ڪري زمين جي گولي جو گرمي پد پڻ وڌي رهيو آهي. ڪٿي بي موسمي ۽ تمام گهڻيون برساتون ٿي رهيون آهن ته ڪٿي معمول کان وڌيڪ گرمي پد وڌي رهيو آهي. جنهن جو نقصان اتان جي زراعت، لائيو اسٽاڪ ۽ عام ماڻهو کي ٿي رهيو آهي. جيڪي ملڪ هن وقت ماحولياتي تبديليءَ اثر هيٺ متاثر ٿيا آهن انهن ۾ پاڪستان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، جنهن جي نشاندهي پاڪستاني گورنمينٽ دنيا جي مختلف فورمن تي وقت بوقت ڪندي رهي آهي.
دنيا جي ترقي يافته ملڪن جن جو ماحولياتي گدلاڻ ۾ گهڻو عمل دخل آهي، ڇو ته اتي صنعتون جهجهي تعداد ۾ آهن ۽ ان مان نڪرندڙ گئسون ڌرتيءَ جي ماحول کي خراب ڪري رهيون آهن، انهن صنعتي ملڪن پڻ ان ڳالهه کي مڃيو آهي ۽ ڪوشش ڪري رهيا آهن ته پاڪستان جهڙن ملڪن کي ماحولياتي تبديلي جي اثرن کان بچائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ امداد ڏني وڃي. پيپلز پارٽي جي گذريل سورنهن سالن کان سنڌ ۾ حڪمراني آهي. پيپلز پارٽي تازين ٿيندڙ چونڊن ۾ جيڪو منشور ڏنو انهيءَ اندر ماحولياتي گدلاڻ کي قابو ۾ رکڻ پڻ شامل آهي. جڏهن ته اسان عملي طور سنڌ گورنمينٽ کي ڏسون ٿا ته هو پنهنجي پارٽي منشور کان ڪوهين ڏور بيٺل نظر اچي ٿي. پيپلز پارٽي جي حڪومت کي سندس منشور تي عمل نه ڪرڻ وارو آئينو ڏيکاريندي سنڌ اسيمبلي جي ليڊر آف اپوزيشن علي خورشيدي جنهن جو تعلق ايم ڪيو ايم سان آهي، پنهنجي بجيٽ تقرير دوران بهتر نموني ڪيو آهي. علي خورشيدي پيپلز پارٽي جي منشور جي ڪاپي هٿ ۾ کڻي صفحيوار منشور ۾ لکيل ڳالهيون ۽ سنڌ گورنمينٽ ۾ رکيل بجيٽ جو تقابلي جائزو پيش ڪيو. سندس تقرير دوران وزيراعليٰ سنڌ، حڪومت جا وزير، پيپلز پارٽي جا ميمبر اهڙي خاموشيءَ ۾ اچي ويا ڄڻ کين نانگ سونگهي ويو هجي. انهيءَ جي ڪري ته علي خورشيدي جي ڏنل انگن اکرن سنڌ حڪومت کي جواب ڏيڻ جي لائق نه ڇڏيو. صرف ماحوليات جي ڳالهه ڪريون جنهن جي لاءِ جڏهن پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو وزير خارجه هو ته هن دنيا جي ملڪن کي ڪاميابي سان اهو ٻڌايو ته پاڪستان جيڪو ماحولياتي گدلاڻ جي لپيٽ ۾ آيو آهي، ان جو ازالو ته اوهان کي ڪرڻو آهي، سندس انهيءَ موقف جي علي خورشيدي تعريف پڻ ڪئي، پر جڏهن سنڌ حڪومت جي عملي ڪمن جي ڳالهه ڪئي ته اچرج ڏيکاريندي هن ٻڌايو ته بجيٽ ۾ فنڊ رکڻ جي باوجود ماحول کي صاف رکڻ جي لاءِ سنڌ سرڪار ڪي به اپاءُ نه ورتا آهن، حڪومت جي غير سنجيدگي انهيءَ مان ظاهر آهي ته سورنهن سالن اندر ماحول کي بهتر بنائڻ لاءِ بجيٽ ۾ جيڪا رقم رکي وئي آهي ان جو صرف 10 کان 12 سيڪڙو خرچ ٿيو آهي. ان کان وڌيڪ افسوس ان ڳالهه تي آهي ته گذريل چئن سالن کان ماحولياتي گدلاڻ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سنڌ سرڪار هڪ رپيو به خرچ نه ڪيو آهي ته پوءِ ماحول ۾ گدلاڻ ڪيئن گهٽبي. ها اهو ضرور ٿيو آهي ته سنڌ جي وزيراعليٰ جي استعمال ۾ ايندڙ هيليڪاپٽر تي صرف هڪ سال اندر 40 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا آهن. 23-2024 جي بجيٽ ۾ هيليڪاپٽر جي مد ۾ 31 ڪروڙ رپيا رکيا ويا هئا، جن کي وڌائي 36 ڪروڙ رپيا ڪيو ويو، پر خرچ 40 ڪروڙ ٿيا آهن. اسان صرف تقابلي جائزو وٺون ٿا. هڪ طرف اوهان پنهنجي سفري آسائش لاءِ رکيل هيليڪاپٽر تي ايتري رقم خرچ ڪريو پيا جيڪا بجيٽ ۾ رکيل رقم کان وڌيڪ آهي ۽ ٻئي پاسي انتهائي اهم ذميداري ماحوليات کي صاف ڪرڻ جي آهي، ان طرف توهان جو ڌيان بلڪل نه آهي. اهي ڳالهيون ته توهان کي ليڊر آف اپوزيشن ٻڌائي ٿو، ڇا ان طرف اوهان جو ڌيان ويندو يا ماضيءَ وانگر اهي سڀ ڳالهيون اوهان هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڏڻ واري روايت برقرار رکندوَ. سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ جي عوام ماحولياتي تبديلين جي ڪري تمام گهڻو ڀوڳيو آهي.
جيڪڏهن ماحولياتي تبديلين کي روڪڻ جا موثر اپاءُ نه ورتا ويا ته اها ڀوڳنا مسلسل جاري رهندي. جنهن جو نقصان اڳتي هلي اجتماعي طور سڀني کي ڀوڳڻو پوندو ۽ شايد انهن ماڻهن کي وڌيڪ ڀوڳڻو پوندو جن جون هزارين ايڪڙ زمينون سنڌ جي ڌرتيءَ تي سنڌ جو هاري آباد ڪري ٿو. انهيءَ جي ڪري اسان جو مطالبو آهي ته سنڌ سرڪار مڪمل سنجيدگيءَ سان ان طرف ڌيان ڏيئي ماحوليات کي بهتر بنائڻ لاءِ وڻڪاري ايمرجنسي بنيادن تي ڪئي وڃي ۽ ان ۾ ديسي وڻ جن ۾ نم، ٽالهي، ٻٻر، بڙ، ڪنڊي جهڙا وڻ پوکيا وڃن. ٻيلن جي زمينن کي جن تي هينئر قبضا ٿيل آهن ان ايراضيءَ کي ٻيلن جي وڻڪار لاءِ ايمرجنسي جي بنياد تي استعمال ڪيو وڃي. سنڌ جا ٻيلا جيڪي تباهه ٿي چڪا آهن، انهن کي هڪدم بحال ڪيو وڃي. ان کان علاوه لوڪل گورنمينٽ جي فنڊن جو پڻ استعمال ڪيو وڃي. سڀني روڊن ۽ رستن تي وڻ لڳايا وڃن ته جيئن ڪنهن حد تائين ماحولياتي گدلاڻ کي منهن ڏيئي سگهجي.