بلاگنئون

دوست ملڪن جو پاڪستان جي مالياتي شعبي ۾ تعاون

پاڪستان، چين، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات کان رهيل قرضن جي مدي ۾ واڌ جي پڪ حاصل ڪري ورتي آهي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ 7 ارب ڊالر قرض جي پروگرام لاءِ انهيءَ پروفائلنگ جي ضرورت هئي. ملڪ جي خزاني واري وزارت چين، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ قرضن ۾ حاصل ٿيل سهولتن جو اقرار ڪيو آهي ۽ انهيءَ سڄي عمل کان عالمي مالياتي اداري انٽرنيشنل مالياتي فنڊ کي آگاهه ڪيو ويو آهي.
وزير خزانا اهو چيو آهي ته ٽنهي دوست ملڪن قرض جي مدي ۾ هڪ سال جي واڌ جو يقين ڏياريو آهي. دراصل اها واڌ ٽن سالن لاءِ آهي، اهو رول اوور موجوده مشڪل مالياتي دور ۾ اسان جي ملڪ جي ضرورت آهي. اهو عمل ٽن سالن لاءِ هوندو، وزارت خزانا سان ٽنهي ملڪن اها ڳالهه ڪئي آهي. اسان جي مالياتي ۽ معاشي حالت ايتري بهتر نه ٿي آهي، جو اسين قرضن مان جان ڇڏائي سگهون، پر ايترو ضرور ٿيو آهي ته گذريل ٻن سالن کان جيڪا مالياتي شعبي ۾ ڊفالٽ جي ڳالهه ڪئي پئي وئي اها ختم ٿي وئي آهي، پر اسان کي ماليات جي شعبي ۾ گهڻو ڪم ڪرڻو آهي جيئن مستقبل ۾ قرضن ۾ واڌ نه ٿئي. پاڪستان کي رڳو ٽن دوست ملڪن کي هن سال 12 ارب ڊالرن جي ادائگي ڪرڻي هئي، جن ۾ سعودي عرب جا پنج ارب، چين جا چار ارب ۽ متحده عرب امارات جا ٽي ارب ڊالر قرض قابل ادائگي آهن. وزير خزانا جي ان ڳالهه تي اعتبار ڪريون ٿا جو اسان خوش اميد ملڪ آهيون ۽ مستقبل تي اسان جي بهتر نظر آهي. وزير خزانا اها ڳالهه ڪئي آهي ته پاڪستان ايندڙ ٽن سالن ۾ ٽي کان پنج ارب ڊالر تائين فنانسنگ گيپ کي پورو ڪرڻ لاءِ پر عزم آهي. هن اهو به چيو ته پاڪستان چين کان پاور پلانٽس لاءِ به قرض ۾ رليف جي درخواست ڪئي آهي. دنيا ۾ مالياتي ڪاروبار مختلف ملڪن جي وچ ۾ ۽ بين الاقوامي ادارن جي وچ ۾ اڄ به جاري آهي ۽ مستقبل ۾ به جاري رهڻو آهي. هتي اهو سمجهه ۾ اچي ٿو ته اسان وٽ مختلف وقتن، حڪومتن، آمريتن، جمهوريتن ۾ مالياتي نظم و ضبط ڄڻ رهيو ئي نه آهي. اسان جي مالياتي تاريخ امداد ۽ قرضن تي بنياد پئي رکيو آهي. اسان پنهنجن وسيلن ۾ ان حد تائين ترقي نه ڪئي آهي جو اسين ڪن خاص شعبن ۾ قرض ڏيندڙ به ٿي سگهون. زراعت هڪ اهڙو شعبو آهي ۽ مستقبل ۾ ٿي سگهي ٿو جنهن ۾ اسين ٻين ملڪن جي مدد ڪري سگهون ٿا. انهيءَ لاءِ به زرعي شعبي ۾ اسان جي ترقي جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تناظر ۾ ايتري هجي جو اسان جي گراس ڊوميسٽڪ پروڊڪشن جي ڊي پي دنيا جي بهتر زرعي پيداوار ڏيندڙ ملڪن جيتري ٿي سگهي، چين ان جو مثال آهي، جنهن زرعي شعبي ۾ گهربل اسمن ۾ حيرت انگيز ترقي ڪئي آهي، مثال طور: ٻج، ڀاڻ، دوائون وغيره. چين اسان جو دوست ملڪ آهي. اسان کي انهيءَ کان زرعي شعبي جي ترقيءَ لاءِ مدد وٺڻ گهرجي. جيڪڏهن اسين پنهنجي انهيءَ زرعي سيڪٽر ۾ جنهن سان اسان جي آباديءَ جو 60 کان مٿي حصو لاڳاپيل آهي، کي اڄ جي جديد دور جي حساب سان اڳتي کڻي وياسين ته شايد مستقبل قريب ۾ اسان کي وڌيڪ قرضن جي ضرورت نه پئي. زراعت کانسواءِ صنعتي شعبو به انهيءَ سلسلي ۾ اسان جي ترقي ۾ مددگار ٿي سگهي ٿو. موجوده حالتن ۾ دوست ملڪن جو تعاون موجوده مالي حالتن جي تناظر ۾ تمام ضروري آهي.
بلومبرگ جهڙي بين الاقوامي اداري به پنهنجي رپورٽ ۾ ساڳي ڳالهه ڪئي آهي ته دوست ملڪن قرضن جي ادائگي ۾ واڌ ڪئي آهي. دوست ملڪن کان قرض جي اها واڌ ان ڪري به ضروري هئي ته آءِ ايم ايف پنهنجي نئين معاهدي ۾ بورڊ جي منظوريءَ کان اڳ پاڪستان جي ترقياتي ۽ ٻه طرفه شراڪتدار ملڪن کان مالياتي پڪ جي وقت سر تصديق حاصل ڪرڻ ضروري هئي. دوست ملڪن چين، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات اسان جي ملڪ کي قرضن ۾ واڌ ڏئي اها تصديق ڏئي ڇڏي آهي. دوست ملڪن جي قرضن ۾ ڏنل واڌ جي مهرباني، پر اسان جون حڪومتون ڪڏهن سکنديون ته وقت تي مالياتي ڏيتي ليتي پنهنجي هڙان وڙان ڪري سگهجي. اسين سمجهون ٿا ته اهو ممڪن آهي، جيڪڏهن اسان جا حاڪم ۽ حڪمران طبقو سادگي اختيار ڪري ۽ ملڪ ۾ فيصلا ميرٽ جي بنياد تي ڪري ته پوءِ شايد مالياتي ڏکائيون گهٽ ٿي سگهن ٿيون ۽ مستقبل ۾ ختم به ٿي سگهن ٿيون.