ملڪ جي آبادي ۾ واڌ

ملڪ ۾ آبادي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي ۽ اها هاڻ هڪ مسئلي جي صورت اختيار ڪري وئي آهي، جو اسانجي اهم ادارن ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، ايستائين جو دنيا جي اهم ادارن ورلڊ بئنڪ، يونيسيف وغيره به انهيءَ جو نوٽيس ورتو آهي. ايستائين جو بين الاقوامي ادارا آبادي جي واڌ کي متوازن ڪرڻ لاءِ امداد به ڏيندا رهيا آهن ته جيئن آبادي جي واڌ کي هڪ توازن ڏئي سگهجي. تازو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي معزز چيف جسٽس عمر عطا بنديال صاحب ملڪ ۾ آبادي جي ڳڻتي جوڳي اضافي تي قابو پائڻ لاءِ قانونن ۽ پاليسين تي عمل لاءِ زور ڀريو آهي. ”مستحڪم پاڪستان“ ”آبادي ۽ وسيلن جو تعين“ جي موضوع تي قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن اهڙي ڳالهه چئي. ان سلسلي ۾ وڌيڪ ائين چئجي ته اسانجي ملڪ ۾ آبادي جي واڌ وڏا چئلينج کڻي آئي آهي. اسانجو ملڪ دنيا جو پنجون نمبر وڌيڪ آبادي وارو ملڪ آهي. انهيءَ ڪري مسئلا به گهڻا آهن ۽ انهيءَ جو حل به ڏکيو آهي ۽ توجهه گهري ٿو. ملڪ جي آبادي جو وڏو حصو جيئن ته نوجوانن تي مشتمل آهي. انهيءَ ڪري زرعي ترقي، صنعتي ترقي ۽ آبادي جي واڌ تي قابو پائڻ هڪ ئي وقت اسان لاءِ اهم مسئلا آهن. جن تي سوچڻو پوندو، انهيءَ جو حل ڪڍڻو پوندو. جيئن انهن کي تعليم ۽ روزگار جا موقعا ملي سگهن. نوجوان آبادي کي موقعا ڏئي پنهنجي ملڪ کي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.

آبادي جي واڌ جي موضوع تي اها ڪانفرنس ٿي آهي. جنهن کي قانون ۽ انصاف ۽ وفاقي صحت کاتي جي پٺڀرائي حاصل رهي هئي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ ملڪ جي آبادي ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. گذريل 75 سالن ۾ اسانجي ملڪ جي آبادي سال 1947 جي آبادي جي ڀيٽ ۾ اڄ تائين اٺوڻي وڌي آهي. جڏهن ته ملڪ جي ترقي چئوڻي ٿي آهي. آبادي ۽ ترقي جي وچ ۾ ايڏو وڏو فرق ملڪ کي ترقي ڪرڻ ڪونه پيو ڏئي. لکين نوجوان بيروزگار آهن. آبادي جي واڌ ۽ موقعن جي عدم دستيابي جي ڪري بيروزگاري جي شرح ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. جڏهن ته دنيا جا ٻيا ملڪ ترقي ڪري رهيا آهن. رڳو آبادي جي واڌ جي ڪري اسان جي ترقي انهيءَ شرح سان ڪونه پئي ٿئي، جنهن شرح سان دنيا جا ملڪ ترقي ڪري رهيا آهن، جن ملڪن آبادي جي واڌ تي قابو پاتو آهي، انهن ترقي ڪئي آهي. اسانجي پاڙيسري ملڪن ۾ آبادي جي واڌ ٻه سيڪڙو تائين آهي. جڏهن ته اسانجي آبادي جي واڌ 3.6 سيڪڙو آهي. جيئن ته تعليم ماڻهوءَ جو بنيادي حق آهي، پر اسان وٽ تعليم جو بنيادي حق به اڃا تائين عام عوام کي حاصل نه ٿي سگهيو آهي. آباديءَ ۾ توازن ئي پاڪستان لاءِ مناسب آهي ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ ضروري آهي ۽ روزگار جا موقعا جيئن ته گهٽ آهن. آبادي گهٽ هوندي ته بيروزگاري به گهٽ ٿيندي. معزز چيف جسٽس عمر عطا بنديال صاحب ڪانفرنس ۾ ڳالهائندي چيو ته پاڪستان ۾ آبادي ۾ واڌ خطري جي گهنٽيءَ جيان آهي، انهيءَ تي قابو پائڻو آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ ترقي پذير ملڪ آهي ۽ اهو اجائي وڌندڙ آبادي جو بار نٿو کڻي سگهي ۽ اقتصادي دٻاءُ به برداشت نٿو ڪري سگهي ۽ صحت جون سهولتون پوريون ڪونهن ۽ تعليم به سڀني شاگردن کي نٿا ڏئي سگهون. غربت، بيروزگاري ۽ غير هنرمند مزدور اسانجو وڏو مسئلو آهن. هن وڌيڪ چيو ته اهي سڀ ماڻهوءَ جا بنيادي حق آهن ته انهيءَ کي صحت جون سهولتون هجن، بهترين اسپتالون ۽ ميڊيڪل ڪاليج هجن. انهن جي تعليم لاءِ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون هجن. روزگار جا بهتر موقعا هجن. جيئن اسانجو ملڪ ترقي پذير ملڪ مان ترقي يافته ملڪ ٿي وڃي. هن يقين ڏياريو ته ملڪ جا انصاف ڏيندڙ ادارا انهيءَ سلسلي ۾ جيڪا به مدد ٿي سگهي اها ڪندا.

جيئن ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي جي شرح انهيءَ جي آبادي جي واڌ سان پوروڇوٽ آهي‏، انهيءَ ڪري اسان کي انهن ٻنهي ۾ برابري ڪرڻي پوندي ته جيئن اسان جي آبادي جي شرح ۽ اسانجي ترقي جي شرح پاڻ ۾ برابر هجن. هيستائين ته ائين آهي جو اسانجي آبادي جي واڌ جنهن سال کان اسان جو ملڪ وجود ۾ آيو آهي، اڄ تائين 8 سيڪڙو آهي ۽ جڏهن ته اسانجي ترقي جي شرح 3 کان 4 سيڪڙو جي وچ ۾ آهي. اها صورتحال اسان کي ختم ڪرڻي آهي. اها تڏهن ختم ٿيندي جڏهن اسين آبادي جي شرح ۽ ترقي جي شرح کي پاڻ ۾ برابر ڪنداسين.

اسين هتي ياد ڏياريندا هلون ته سڄي دنيا انهيءَ سلسلي ۾ اسان جي مالي مدد ڪري رهي آهي ته جيئن اسين آباديءَ ۾ غير متوازن واڌ تي قابو پائي سگهون. انهيءَ سلسلي ۾ اسان جو صوبائي سرڪارن ۽ وفاقي سرڪار کان اهو مطالبو آهي ته انهيءَ مالي مدد جو جائز استعمال ڪيو وڃي، ملڪي وسيلا به استعمال ڪيا وڃن. ۽ پاڪستان جي عوام لاءِ سجاڳيءَ جي مهم شروع ڪئي وڃي. جيئن اهو پيغام پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي وڃي ته آبادي ۾ مناسب واڌ سان ئي ملڪ ترقي ڪندو.

آبادي جي موجوده واڌ جاري رهي ته اسانجو ملڪ 2047 تائين انڊونيشيا جهڙي گهاٽي آبادي واري ملڪ کي به پويان ڇڏي ويندو. وسيلن جي حاصلات لاءِ وقت گهٽ آهي. انهيءَ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سرڪارن کي گذارش آهي ته اهي نئين دور جي ترجماني ڪن، گهاٽي آبادي وارو ملڪ ڪيئن ترقي ڪري انهيءَ لاءِ حل ڳولهين، نه ته آبادي ۽ وسيلن جي وچ ۾ تفاوت هڪ وڏي بگاڙ کي جنم ڏئي سگهي ٿو. وڌندڙ آبادي خوراڪ، پاڻي، صفائي ۽ روزگار جي نظام تي دٻاءُ وجهي سگهي ٿي. جنهن جي نتيجي ۾ لکين ماڻهو بيروزگار ٿي سگهن ٿا ۽ سماج ۾ بيچيني پيدا ٿي سگهي ٿي. صحت ۽ تعليم جا مسئلا حل ٿيڻ ڏکيا ٿي پوندا. انهيءَ ڪري اڃا به وقت آهي ته اسان جديد دور جي معاشي ترقي ۽ آبادي جي واڌ جي رجحانن کي ڏسون ۽ انهيءَ کي متوازن ڪريون ته جيئن اسين ترقيءَ ۾ وک اڳتي وڌائي سگهون.

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments